بي وسي جا حال ڪير ڏسندو
دل جا هزارين درد ڪير ٻڌندو
ماءُ بنا جيون گذري ٿو اڌورو
امڙ جي ممتا هاڻي ڪير ڏيندو
گرمي سردي ۾ پيا ڀٽڪون
هيڻن جي همراهي ڪير ٿيندو
وئي مرڪ نيڻن منجھه آيا لڙڪ
ڏکن ۾ هاڻي ڀرجھلو ڪير ٿيندو
اسان ته آهيون ڏکن جو داستان
اسان جي ارمانن کي ڪير سمجھندو
خادم بي وسي جي هال ۾ ٿو ڌڪاري
هنن ستايلن کي پنهنجو ڪير ڪندو
**