شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،

هيءَ حياتي پاڻي ڦوٽو نه آ رهڻو ،
ڪلفت ڪر ڦٽي الفت ۾ آ جيئڻو .
ٺڪر ٿانو جيان آهي سارو سنسار
ملندو خاڪ سان ٿيندو ڇار
بنجي وڃون هن چمن جا گلاب
ڏک ماري جيون ڪريون نواب
هي نفرت سندي جا آ ديوار
رت جي رشتن کي ڪيو ڌار
الفت سندو ويهي اڏجي محلات
جت گيتن ساڻ گونجي مٺي لات
دولت جا ڏيک ڏسي ٿياسين اسير
ڦٽو ڪري سادگي کي ٿياسين فقير
خادم ڪهڙا ويهي لکندو درد
محبت وئي مٽجي الڳ ٿيو فرد

**