ايڪتا جي رنگن محفل رچائي ڇڏي ،
غزل واين ڪافين سان سجائي ڇڏي .
هر طرف ڪهڪشان جهڙا رنگ ،
ثقافتي رنگن سان جھوميا جھر جھنگ ،
سگھڙن آهي ڪچهري مچائي ڇڏي .
ٻالڪ بنجي اٿيا هوشو هيمون دودا ،
اهي ئي ٿيندا سنڌ امڙ جا جوڌا،
سنڌ امن جي ڌرتي ڳالهه ورجائي ڇڏي .
خادم سنڌ امڙ تان سر ساهه قربان ،
سنڌ سنڌي ٻولي اسان جي پهچان ،
سنڌ سنڌين جي جند ٻڌائي ڇڏي .
**