شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

اداس اکين سان

اداس اکين سان
سهڻو ٻالڪ
وارين جي ڀٽن تي
هر طرف نگاهه ڪري
بر ٿيل ڀٽن
خالي راسين ۽ تراين
کي ڏسي ٿو
پنهنجي نگاهه مٿي کڻي
رب کان دعا گهري ٿو
اي منهنجا رب
ابر جون قطارون آڻ
ٿر مٿي جيڪي وسڪار ڪن
ڏکڙا لهن سکڙا اچن
ٻار جي دعا قبول ٿي
ابر جون قطارون آيون
ر مٿي وسڪارون ڪيون
ترايون تار ٿيون
ڀٽن سائو چولو پهريو
وٺو ٿر ڀڳو بر
هر طرف سائو سبزو
جتي ڏک هئا
اتي ٿيو همرچو

**