شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

انبن جھليو آ ٻور ،

انبن جھليو آ ٻور ،
تون رهين پيو ڏور .

مڪا تو ڏي موڪليا
نه آئي موٽ ٿئين مغرور .

هڪ بار اچڻ اڱڻن تي ،
اداس دل ٿئي مسرور .

محبت وفا ڏئي سر،
سڏجون پيا منصور.

آس اند ر ۾ آ سمايل،
تون موٽندي ضرور.

خادم کي ڀلي نه سار،
تنهنجي چاهت ۾ آ مخمور.

**