شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا

هر پل نه اچڻ جا ڪيائين بهانا
جيون جا خواب ٻڌائين سهانا

نه سمجھيم هن جي جفائين کي
گذاريم حياتِ پل بنجي پروانا

ٻولن ۾ هن جي هئي مٺاس محبت
ڪجلي نيڻن جا ڪئين بنيا ديوانا

حسن هن جو چنڊ جيان سهڻو
جھلڪ ڏسڻ لئه ڪئين ٿياپروانا

جڏهن منهن موڙيائين ڪري جفائون
ڪئين دل واراغم ساڻ ٿيا روانا

خادم جي دل آ غمن جي گھيري ۾
خوشيون ويون کسجي ٿيا ويرانا

**