شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

جوڀن کي لڪائين ٿيون نقابن ۾

جوڀن کي لڪائين ٿيون نقابن ۾
ّماريل اکڙيون لڳن ٿيون شرابن ۾

اجھو لٽو آشيانو جن کان ويو
جيون جو سفر گذري ٿو عذابن ۾

زندگي پنهنجي نانءُ سان ڳنڍي
چيائين راز آهي سوالن جوابن ۾

حسن راڻي وانگر ويهاريندس
شاهي محل اڏيائين خوابن ۾

دل جون آسون ٿينديون راس
غريبن جون دعائون آهن ثوابن ۾

خادم ڪيئن ڪري ڪنهن سان وچن
ويا وسري سبق جي تو پڙهيا ڪتابن ۾

**