شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

تنهنجي ڇيرن ڇيڙيو اهڙو ساز

تنهنجي ڇيرن ڇيڙيو اهڙو ساز
هر ماڳ ۾ گونججي پيو آواز

جنهن سان دوستي هو هٿ وڌايو
ان کي پنهنجي حيات تي آ ناز

تو نه ڪنهن کي ڏکوئڻ آ سکيو
تون هر غريب جي دل جو دمساز

هر خوشي تو لاءِ مقدر ۾ لکيل
کڏن ڏولاون کان آهين بي نياز

تنهنجي جي ملڻ جي هڪ آس
تنهنجي مرڪ ادائن ۾ آهي راز

تو جڏهن خادم کي همت ڏياري
اندر جي اڌم جا ڏک ٿيا پرواز

**