شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

منهنجي ديس جي پياري ٻولي ،

منهنجي ديس جي پياري ٻولي ،
جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي .
واهڻ وستي جنهن جي مٺاس آ،
ويرين جي لئه آ ڄڻ گولي .
سگھڙن جو سٿ سڏجي جڏهين ،
گونجي ڳجھارت يا ڪا پرولي .
جنهن ۾ مٺڙا گيت ۽ وايون ،
تن سان ڄڻ مچي ٿي هولي .
جت ڀي سنڌي ٻولي وڃي ٿي ،
مارو ٿين نه ٽولي ٽولي .
خادم جي آ آس اهائي ،
سنڌي سڏجي قومي ٻولي .

**