پيارو ٻارو اڄ توهان کي تاريخي شهر گھمايان
ان شهر جي هڪ وڏي آ تاريخ سا توهان ٻڌايان
هن شهر جو پايو وڌو نصير مهاڻي يا امير نصر
هن شهر ۾ هوندو هو ڪپڙي ٺاهڻ جو گھڻو هنر
ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ هو سنڌ جي گادي
هتان ٻاهر ويندو هونير موٺڙو سوسي ۽ کاڌي
هتان وهندو هو دريائن جو سردار سنڌو درياءُ
جنهن جي آب سان انسانن جو سکيو هو ساهه
شاهه لطيف والد ساڻ ايندو هو هتي گھڻو
اهو تاريخي شهر سنڌ جو هو نصرپور پرڳڻو
هن شهر جا مشهور هئا ۽ آهن مائو کيرپڙا
نه ٺهن ڪنهن ٻئي ماڳ منجهه مٺا هن جهڙا
هتي هئا شاهه عنايت مصري امام شاهه مراد
هي هو سرسبز سکيو آهي هينئر به شهر آباد
هتي جي پاڻي ۾ ماکي جهڙو هوندو هو مٺاس
هتي آهن سرسبز ٻنيون ۽ باغات آسپاس
سنڌو درياءُ ساکره ۽ شاهه واهه سان ڪمال
سنڌو جڏهن منهن موڙيو تڏهن اهو ويو جمال
اڄ به نصرپور سنڌ جو آهي تاريخي شهر
خادم محبت الفت ورهائڻ وارو هي آهي تر
**