شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ننڍڙو ٻالڪ روئي ٿو

ننڍڙو ٻالڪ روئي ٿو
کڻي آلي مٽي
ان کي پاڻي سان ڳوئي ٿو
**
زندگي جي ٿيڻي آهي پڄاڻي
ان تي ايڏو ناز نه ڪر
هيءُ حياتي آهي هڪ ڪهاڻي
**
اجايا ڪنهن کي نه ڏي سور
ساٿ سمورو ٽٽندو
تنهنجا همراز به ٿيندا ڌار

**