ڪڪرن کنيا ڪر اچي ڪيائون وسڪار
وسڻ ساڻ ماروئڙا جھانگيئڙا مرڪيا با ر بار
وسيا ٿر جي ڀٽن تي ترايون ٿيون سڀ تار
ڀٽن پهريا اچي سوا وڳا ٿيون سي ڪنوار
پلر جي پاڻي سان سارو سکيو ٿيو ٿر
وري وسيو وڃي اتي جتي هو بر ۽ ڇپر
موٽي ماڳ ڏي واپس وريا سڀ ماروئڙا
ڳايو تن مورو خوش ٿيا جھانگيئڙا
ڳم ڳنڍير ڳاڱون کٽالو جتي ٿيا جام
وڪيو وڃي تن کي مليو پوءِ تن آرام
جڏهن نئيون ويون تار کڻي پلر پاڻي
انهن جا ڏک ويا سک جي ٿي ڪهاڻي
سڀ رهن خوش سري ٿر لاڙ جبل وارا
خادم ڏک نه اچن تن مرڪندا رهن سارا
**