شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

تارن جي چادر سان رات چمڪي پئي

تارن جي چادر سان رات چمڪي پئي
تنهنجي يادن سان دل ڌڙڪي پئي .

تنهنجون يادون هر پل ٿيون تڙپائين
تو بنا سورن ڪاڻ جان ڦٿڪي پئي .

تون وئين دور ساگر جي وير وانگي
توکي ڳوليندي راهه ڀٽڪي پئي .

تو ن ڇڏي سفر ۾ وئين اڪيلو
اندر مِ ڏکن جي باهه ڀڙڪي پئي .

هي تنهائي اڏوهي جيان جھوري
خادم بدنصيبي ڪڙڪي پئي .


**