شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ڪانگل ٻڌائينمِ ڪا خبر

ڪانگل ٻڌائينمِ ڪا خبر
اڄ خاموش ٿي ويو آ شهر

ڪنهن نه ڇيڙيا ساز سرندا
ڇو بند ٿيا آهن ساز و بحر

اکڙيون پيون راهن ۾ واجھائين
آهن ڪنهن لئه سي منتظر

خاموشي لبڙن تي ويهي سمائجي
ڪنهن هي ڪيس ڪيو آ ستمگر

ويران بنجي ويئي شهرِ بازار
خوشين کي لڳي ويئي آ نظر

خادم وري ڪمال تي رسڻو آهي
همت سان زوال ڪرڻو آ دربدر

**