تنهنجي حسن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ
تنهنجي مرڪ تي غزل جوڙين سڄاڻ
حسن جون ديويون آهن جيڪي هتي
تن سڀن جي تون لڳين ٿي ڄڻ اڳواڻ
شاعري تنهنجي جلوي بدن جي ڏسي
ماهر تنهن سامهون ٿيو وڃن اڻ ڄاڻ
تنهنجو جيون ڪنهن ساڻ آهي لکيل
تون اپسرا بني آهين ڪنهن ڪاڻ
منهنجي من اندر ۾ مکڙو آهي تنهنجو
مون سان ملندي ضرور اڄ يا سڀاڻ
جيڪي عشق ماڻڻ لاءِ ڏک ڏولاوا ايندا
پار ڪبو تنين کي گڏجي تو ساڻ
منهنجو من ماندو آهي تنهنجي لاءِ
منهنجي دلِ درد کي سمجھي وڃ پاڻ
**