شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ڌرتي ڪاڻ سر ڏيئي پاڻ ملهايو ،

ڌرتي ڪاڻ سر ڏيئي پاڻ ملهايو ،
ديس جي ويرين کي هو للڪاريو ،
تن شهيدن کي ساريو .
ڊڄي آمرن سولي تي تن لٽڪايو ،
تن شهيدن کي ساريو .
آمر مٽجي ويا سورهيه نانءُ نه مٽايو ،
تن شهيدن کي ساريو .
جن دليرن ظلم جو ڪوٽ جلايو ،
تن شهيدن کي ساريو .
آزادي آهي حق آزادي پرچم جھولايو ،
تن شهيدن کي ساريو .
خادم سولي تن جو سينگار امر نانءُ لکايو ،
تن شهيدن کي ساريو .

**