شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

جھڙا آڪاش تي تارا ٽمڪن ٿا

جھڙا آڪاش تي تارا ٽمڪن ٿا
تهڙا ٽوپي اجرڪ تي ستارا چمڪن ٿا

سهڻا ماڻهو اوڍي سنڌي پوشاڪ
ٻارڙا به سارا گلن جيان جھومن ٿا

هيءُ ڏينهن اسان جي جيوڻ جو ڏڻ
سنڌ ويرين جا سر خود لڙڪن ٿا

هرطرف گونجن گيت وايون سنگھار
سر ساز سان سارا واهڻ جھرڪن ٿا

هو جمالو همرچو سان سجائي محفل
سنڌين جا جذبا ڪوڏ سان ڀڙڪن ٿا

جنهن بد نگاھ ڪئي لطيف جي نگري تي
ٻالڪ به هوشو هيمون بنجي ڪڙڪن ٿا

خادم سنڌ امان تا قيامت رهي شاد
ڏسي ساٿ سنڌين جو ويري ڦٿڪن ٿا

**