شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

شهر کان ڳوٺ جو سفر

شهر کان ڳوٺ جو سفر
رستي ۾ حسين منظر
ڳوٺ ۾ ٻڌي ٿو
پکين جون پياريون ٻوليون
مٽي جي خوشبوءِ
مٽي جو هڳاءُ محسوس ڪري ٿو
اوچتو ٻارن جو
بينرن شيٽن سان جلوس
شيٽن تي بينرن تي لکيل مواد
ڏسي ٿو
سمجھي نٿو
ڇا آهي تن مٿي ؟
هڪ ٻالڪ کي سڏي ٿو
چوي ٿو
ڪيا هي اس پر اور يي جلوس
ٻار منهن ۾ نهاري ٿو
چوي ٿو هي ڏهاڙو آهي
امڙ جي ٻولي جو
امڙ جي لولي جو
جنهن ٻولي وساري
ان ماءُ ماري