شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،

ٽارين پت ڇڙ سڻايو آئي آهي بهار ،
گلڙن جي چوڌار ٿي آهي مهڪار .

جت ٻوٽن جو ٿيو پئي اموات ،
اتي نئون ٺهيو سائو سنسار .

گلن لوڏ ڏسي ٿيو من ماندو ،
آس اندر ۾ جاڳي ايندو دلدار .

حال هيڻو ڏسي جو ويو رسي ڏور ،
دل اڄ به ان لئه نه ٿي آهي ڌار .

گلِ محبت کڻي هلايم حيلا ،
نه آيو ڪندو رهيو انڪار .

خادم ڪيسين واٽون ڏسندين ،
هن ڀلايو آهيس زرِ خمار .

**