شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

مائن جي خالي ٿيندي پئي وڃي جھولي

مائن جي خالي ٿيندي پئي وڃي جھولي
نه گونجي ٿي تن جي گيتن جي ٻولي

تڙپي رهيو آهي من تن جو غمن منجھه
ڳولين پنهنجا گلڙا هٿن ۾ ماني جي لولي

ساز سارا ٿي ويابند برپا ٿيو آهي ماتم
ٽٽي ٽڪر ٿي ويئي آهي تن جي گھڙولي

پنهنجي لخت جگرن کي ڏسي خاموش
کڻيو هٿن ۾ چون ڪير پائيندو چولي

ڪڏهن اهنج ٿيندا ختم ٿيندا سهنج
جيئن ملهائي هي سگھن عيد ۽ هولي

خادم هنن جي دردن کي سمجھه پنهنجو
ڪجھه ڪريو جيئن مائرون ڳائين لولي

**