شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ڪنهن کي ٻڌايان دل جا سور

ڪنهن کي ٻڌايان دل جا سور
محبوب منهنجو ويو هليو دور

وسارڻ جي ڪيان ڏاڍي ڪوشش
دل محبوب جي لاءِ آهي مجبور

عشق ۾ ڪري ويو وفا جا وچن
ٽوڙڻ تن کي ٿي ويو آهي دستور

هي حسن شباب آهي چار ڏينهن
مناسب نه آهي ان تي ڪرڻ غرور

خادم نه وساري سگھيو يادن کي
کسجي ويون خوشيون آهن پور

**