شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

سفر منجھه حسين ساٿي ملن ٿا

سفر منجھه حسين ساٿي ملن ٿا
سي دل جي دڙڪن بنجن ٿا

اوکي مهل ملهائي پاڻ کي
دل جا دلب ر سي ئي سڏجن ٿا

ڏکن جي جيون کي سکيو بنائي
اداسي مرڪائي پاڻ مرڪن ٿا

تن جي وفا جا ڇا ڪيان بيان
خود ئي تن جي لاءِ لفظ لکجن ٿا

ٽوڙي خار بنجي گلن سرهاڻ
وفا جي مورتي سي ئي لڳن ٿا

خادم پنهنجي دل سفر ۾ وڃائي
هاڻي هت سڀ پرايو سمجھن ٿا

**