عورت جو آهي اوچو مان ۽ عظمت
جنهن کي ملي ٿي ، بنجي نعمت
جنهن آشياني ۾ هن جو جيون
اتي هر پل رب جي وسي رحمت
سسئي جي روپ ۾ ڏک سٺيائين
جبل جهاڳي ڏنو سبق ڪريو همت
سورن کي هر دم سر تي سهي
پنهنجي جي سان وڏائي ٿي عزت
جيڪو هن سهڻي مورت کي ڏکوئي
تن کي سماج ڏيندو رهي ٿو ذلت
جڏهن ملي ٿو هن کي ماءُ جو روپ
هر پل ڏئي ٿي ممتا ۽ شفقت
ٿي ڀيڻ ڏئي ٿي سا عظيم قرباني
ڀائرن سان جوڙي ٿي عظيم محبت
جواني ۾ ٿئي ڪنهن جي همسفر
ظاهر ٿئي ٿي من اند ر جي الفت
خادم ڏيار تون هن کي سندن حقوق
پنهنجي جيون جي بنائي سا ڪرت
**