عيد آئي ۽ وئي تو نه ڪيو ڀيرو
تو بنا ڏکن سان ٿئي پيو بسيرو
تو لاءِ ورتم چوڙيون گج وارو چولو
نه اچڻ تي چوٽي ڌاڳو ٿيو ميرو
تنهنجي نه اچڻ سان ٿيا وسوسا
پريشانين سوچ اچي ڪيو گھيرو
خوشيون هيون ساريون سي ويون
جيون جو پل پل گذري پيو ڏکيرو
مون ته تو لاءِ هزارين هئا خواب ڏٺا
چو تنهنجي ورتاءُ ۾ اچي ويو ڦيرو
خادم تو سوا ڪيئن جي سگھندو
دل مٿان اڏجي ڏکن جو ويو ديرو
**