شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

نکريو جوڀن جو شباب

نکريو جوڀن جو شباب
حسن تنهنجو ٿيو لاجواب

هزار سوال آهن من اندر ۾
هڪ مرڪ ۾ ڏنا جواب

ڏينهن هجي يا رات هجي
تنهنجا ئي اچن ٿا خواب

گفترا تنهنجي ۾ مٺاس
هر تلفظ جي ادا لاجواب

ڏکويل دلين وارا جي هئا
ڏسي خوش ٿين بي حساب

لفظن سان ڪيو اهڙو جادو
ڪوڙ جا لهي ويا سارا نقاب

خادم سان توسان اڙيو من
تو بنا رهي ٿو سو بي تاب
**