شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

سنڌي ٻولي وساري ٿو

سنڌي ٻولي وساري ٿو

جيڪو سنڌي ٿي سنڌي ٻولي وساري ٿو
اهو ڄڻ ته پنهنجي وجود کي ماري ٿو
جنهن جي دل مان ٻولي جي وئي سڳنڌ
ان کي سماج ۾ هرڪو پوءِ ڌڪاري ٿو
سلام انهن اديبن شاعرن فنڪارن کي
لفظ جوڙي تخليقن سان ٻولي جيئاري ٿو
هر سنڌي واسي جي آهي هڪ ئي تمنا
جو لطيف جي بيتن سان من سنواري ٿو
سنڌي آهيو سنڌي لکو پڙهو ڳالهايو
هر سنڌ جو سپوت اهو قول اچاري ٿو
امڙ جنهن منجهه ڏني ٿي مٺڙي لولي
لولي جو هر لفظ سچ حق سيکاري ٿو
خادم سنڌي امڙ تان سرساهه گھوريندا
مرويسون سنڌ نه ڌيسون هرڪو پڪاري ٿو

**