شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

سنڌي ٻولي سڀ کان پياري ٻولي ،

سنڌي ٻولي سڀ کان پياري ٻولي ،
مٺڙي هئي امڙ جنهن ۾ ڏني لولي .
سنڌ ۾ گونجن ڪافيون ڏوهيڙا،
جھر جھنگ جھونگارين جھانگيئڙا ،
لطيف جون وايون ويرين لاءِ گولي .
سنڌ ۽ سنڌين مچايا آهن ميلا،
سڀ هڪ آهيون نه آهيون اڪيلا،
واهڻ وستي ۾ ٿي ويئي عيد ۽ هولي .
ٽوپي پٽڪواجرڪ شان اسان جو ،
رلي ڪاشي کيس سان مان اسانجو ،
سنڌ جا سپوت نه ٿيندا ٽولي ٽولي .
جنهن ڌرتي تان وهي ٿو مهراڻ ،
جت ڌرتيءَ پهريو ساوڪ سندو پهراڻ ،
خادم اتي مارن جي خالي نه ٿيندي جھولي .

**