شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير

عشق تنهنجي ۾ ٿياسين ديوانا فقير
واسينگن جهڙن زلفن ڪيو اسير .

چانڊوڪي ۾ نيڻ کپائي چنڊ ۾
ڳوليان ٿو من ڏسان هن جي تصوير .

تو بنا عيدون ڪهڙيون ملهائجن
تنهنجو نه ملڻ لکيو هو تقدير.

اڪيلائي ۾ سارو جيون جھري پيو
ڏسي محفلون اندر ۾ لڳن ٿا تير .

آس اندر ۾ آهي اڃا ملڻ جي
آخر تقدير کي بدلائيندي تدبير .

خادم جي من ۾ متل آهي مانڊاڻ
درد سي لاهيندو ايندو ڪو سفير .

**