شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

هن سان منهنجا خواب هئا

هن سان منهنجا خواب هئا
جيڪي مون ساڀيان ڪرڻ خاطر
جبل جھاڳيا جھنگ لتاڙيا
اهي سڀ اڌورا ئي رهيا
جنهن ڪاڻ ڪيم
سو ڏئي زخم
مون کان ڏور ٿيو
ڇو مجبور ٿيو
ڪيل قول نه پاڙيا
شايد مقدر ۾ هو حال ڏسي منهنجو
ڪري بيوفائي ويو
اڄ به ياد هن جي آ
ائين نه ڪندو
مجبور هوندو
جنهن ماڳ هي وڇڙيو
اتي گلاب گل آهي
جو جھومي رهيو آهي
هن جي ياد ڏياري
رهيو آهي

**