شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت

ساري جھان وارن جي لاءِ ٿي آهي رحمت
خدا جي طرفان اسان کي ملي آهي نعمت .
جنهن جي لولي ۾ جيئڻ سندو آهي جذبو ،
جنهن جي هر لفظ ۾ سمايل آهي شفقت .
سور اسان جا جنهن سارا پاڻ آهن سٺا
هن جي ڪرڻ اسان تي فرض آهي خدمت
مايوسي جي گھيري ۾ جڏهن آياسين ٿي
تڏهن مٺڙن ٻولن سان ڏياري آهي همت
ڪهڙو به رهبر رهزن ڇو نه هجي
رکي قدمن تي هٿ ڪندو آهي عزت
ساري جڳ جي دنيا ڌن هڪ طرف
سڀن کان هن جي اتاهين آهي عظمت

**