شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

معصوم ٻالڪ

معصوم ٻالڪ
روڊ ڪناري بيٺل
حسرت ڀرين نيڻن سان
نون ڪپڙن ۾ ويندڙ ٻالڪ
ڏسي روئي پوي ٿو
منهنجو گھر هو
منهنجا ڪپڙا هئا
پاڻي آيو کڻي ويو
روڊ ڪناري تي گھر ٺهيو
ڪير نه آهي
جيڪو عيد ڪپڙا خرچي ڏيئي
عيد مبارڪ چوي
اداسن نيڻن سان پنهنجي جھڳي
طرف وڃي ٿو
اکين مان وهندڙ لڙڪ
چهري تي نيسرا ٺاهي رستي
ڪرن ٿا گم ٿي وڃن ٿا

**