شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

اچي ويو ميدان ۾ انبن جو سردار

اچي ويو ميدان ۾ انبن جو سردار
غريب امير جو تنهن سان پيار
جڏهن وڃجي روز منڊي ۾
ٻڌجي هن مٿي ٿي پڪار
هزارين ميون ۾ هي اچي
سڀ کان سرس هن جو سينگار
جيڪي روز آڻين چاڙهين ٿا
تن وٽ به هن سان ٿئي ٿي بهار
گرمي جڏهن پنهنجو زور ڏيکاري
ٺاهي هن جو جوس وٺن ٿڌڪار
خادم ڏس انبن جو ڪيڏو مان
سنگتي ساٿي تحفا ڏين هزار

**