شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

ماروئڙن کڻي هٿڙا گھريون دعائون بار بار

ماروئڙن کڻي هٿڙا گھريون دعائون بار بار
ڪڪرن ڪر کڻي اچي ڪئي ڪار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
جھانگيئڙن جا لهي ويا ڏک هزار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
کيٽ کيڙي تن پوکي ٻاجهر ۽ گوار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
ڀٽن تي للر مريڙو کنڀ ٿيا بيشمار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
تن ڪيو همرچو سکيو ٿيو سنسار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
سانوڻ ڪيو تن شاد جي هئا لاچار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
وسي وڏ ڦري ترايون ڪيون سڀ تار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
ڀٽن سائو چولو پهريو ڄڻ ٿي ڪنوار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
ٻڌجن ٿيون ڀٽن مٿي پهن جي پڪار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
ڳائيندا اچي همرچو گڏجي ڳنوار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
خادم گڏيا سڀ ٿري ٿيندا نه ڌار
ڪڪرن ڪئي ٿر مٿي وسڪار
**