شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

نصير روهڙي چينل جو سٻنڌ ڏهه دري

نصير روهڙي چينل جو سٻنڌ ڏهه دري
آب و سبز سان جتي جي آبهوا ڀري
محفل مچائين جتي اچي سهڻا قلمڪار
خيالن جي ڏي وٺ سان تخليق اسري
جڏهن هوا سان ٺهن ٿيون لهرون
ساعرن جي دل مان شاعري اڀري
پکي جڏهن اچي لنون ٿا لاتيون
ڪن سا موهت غم وڃن ٿا وسري
اهڙا ميلا محبتن جا سدا قائم رهن
دوستي جو رشتو جڙي نفرت وڃي نڪري
خادم جڏهن اهڙي ساٿ ۾ شامل ٿيو
من مايوس ۾ هڪ نئين جستجو نکري
**