الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

اداري پاران

اداري پاران سائين الطاف شيخ جا ٻه ڪتاب “وري ياد آيا” ۽ “دنيا رنگ رنگيلي” شايع ٿي رهيا آهن. هر هڪ ڪتاب جي دنيا پنهنجي آهي. مون “وري ياد آيا” ڪتاب ۾ اداري پاران مانواري الطاف شيخ سان ذاتي تعلق، سندس لکڻين جي اهميت، لکڻين جي نظرئي، اسلوب وغيره بابت نهايت تفصيل سان لکيو آهي.
الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۽ سماج ۾ جيڪا ساک ٺاهي آهي، ان لاءِ هن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وقت سيڙايو آهي، سک ڦٽايا آهن، ذاتي وسيلا ڪتب آندا آهن. دنيا ڏٺي آهي. ان کي پنهنجي اک سان پرکيو آهي، هن غواص بنجي سمنڊ جي تري مان موتي ميڙيا آهن، جن کي اجاري عوام آڏو پيش ڪيو آهي. موتين جو ملهه ته هميشه رهيو آهي. پر جوهرين وٽ ان جي پنهنجي پرک آهي. موتي به آس جو نتيجو آهن: “سپ سمنڊ سپجي ابر آساروس”
سائين الطاف شيخ جي شخصيت ۾ وڏي مڻيا آهي، جنهن جي پرک اڃا تائين ڪنهن نه ڪئي آهي. سندس شخصيت جا ڪيئي رخ ۽ گڻ آهن، جن کي تنقيد جي نگاهه سان تورڻو آهي. ان جو بهتر انداز اهو ٿيندو ته هر ڄاڻو شخص پنهنجي مضمون (Subject) مطابق ان جي پرک ڪري، جيئن سائين سراج صاحب سندس لکڻين ۾ تضاد واري گڻ کي نروار ڪيو آهي.
آءٌ هن مختصر مضمون ۾، سندس لکڻين جي هڪ ٻئي گڻ: آس (Hope) جو ذڪر ڪندس. ‘آس’ کي اسين: اميد، سَڌ، آسرو، تمنا، خواهش، آشا، حسرت وغيره جهڙن جذبن سان ڏسندا آهيون، جيتوڻيڪ انهن جي بنيادي معنى ۾ ٿورو گهڻو فرق به آهي.
‘آس’ بنيادي طور انساني جذبن ۽ اُڌمن جو مثبت پهلو آهي. اها آس ئي آهي، جنهن جي آڌار تي ڪٺن زندگي به آرام سان گذري وڃي ٿي. مارئي مارن سان ملڻ جي آس ۾، قيد ڪاٽيو، ڏک ڏٺا، پر ملڻ جي آس ختم نه ڪئي. مرڻ کان پوءِ به مڙهه ملير ۾ لَٽڻ جي خواهش ڏيکاري. اها آس ئي آهي، جنهن سان ڏونگر ڏاري سگهجن ٿا: سسئي ڪمزور عورت ٿي ڪري پنهون سان ملڻ جي آس ۾ جبل جهاڳيا، ٽڪر ٽاڪيا، پر اندر جي آس ختم نه ڪئي. “ملي ته ملندياس ناته گهوري جان جتن تان” وڻجارن جون وَهون به آس کڻي، روزانو اچي بندر تي بيهنديون هيون ۽ وڏي واڪي چونديون هيون ته:
“مانَ منهنجو هوءِ، جاني هِن جهاز ۾”
اوهان شيخ صاحب جا مضمون پڙهو، سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي ته ڪوته سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيهاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنهنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي. اُهي ڪردار ڏيهي آهن يا پرڏيهي، شرط صرف اهو آهي، ته هنن حالتن کي سمجهيو ۽ صحيح رخ ۾ ڪم ڪيو، اڄ دنيا انهن جا ڳڻ پئي ڳائي، سوئيڪارنو، اتا ترڪ، مهاتير محمد، نيلسن منڊيلا، هوچي منهه، لي ڪئان يو، وغيره هنن پنهنجي ملڪ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. هن جي به هردم اها آس آهي ته من ڪو مرد مجاهد اهڙا جذبا کڻي، هن ملڪ ۾، خاص طور سنڌ ۾ ڪو انقلاب آڻي، غريب اٻوجهن جي ڪا واهر ڪري، اهڙا ڪي سڌارا آڻي، اهڙا ڪي ڏس ڏئي جو ماروئڙن ۾ پاڻ مرادو آس- اميد جو جذبو جاڳي! هو ڪجهه ڪرڻ لاءِ همت سارين. کيس خبر آهي ته انساني فطرت مطابق اڳ ڪا اميد ڪر کڻندي آهي، جنهن سان جذبا جنم وٺندا آهن. انهن ۾ حالتون جلا بخشي جوش ۽ ولولو وٺرائينديون آهن. پوءِ ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. نتيجي انسان يا ته پنهنجو دڳ گهڙيندو آهي. يا وري اڳ جڙيل واٽ وٺندو آهي.
سائين الطاف شيخ جواني توڙي رٽائرمينٽ کان پوءِ، جتي به ويو آهي. کيس سنڌ جي نوجوانن جي تعليم تربيت، روزگار جو اونو رهيو آهي. هن هميشه تعليم پرائڻ، هنر سکڻ، جديد ڄاڻ حاصل ڪرڻ، قانون ۽ قاعدي جي پوئواري ڪرڻ لاءِ صلاح پئي ڏني آهي. هن ڪڏهن به مُدرس ٿي سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، البت دنيا جي سڌريل ملڪن ۽ ماڻهن جا مثال ڏئي، سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. کيس خاطري آهي ته جڏهن به هتان جي نوجوانن ۾ آس جاڳي پئي ته هو ڪونه ڪو ٻوٽو ٻاريندا.

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس