سڪندر اعظم ٺٽي ڀرسان شهر اڏرايو
هتي ٻه اکر ان شهر بابت لکڻ چاهيان ٿو جيڪو سڪندر اعظم سنڌو نديءَ جي بلڪل منهن وٽ- يعني جتي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اتي ٻڌرايو جنهن جو نالو انگريزي ڪتابن ۾ هن اسپيلنگ PATALA سان پڙهندو اچان ڪن ڪتابن ۾ ان لاءِ لکيل آهي ته اهو اڄ واري ٺٽي ڀرسان هو. هڪ ٻن ۾ ته اهو به لکيل نظر آيو ته حيدرآباد ڀرسان هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پراڻي زماني ۾ عربي سمنڊ جا ٻيڙا سنڌو نديءَ ۾ اندر ڪوٽڙي ۽ هالا ڇا ملتان تائين به پهتا ٿي پر هي ڇوڙ وارو شهر حيدرآباد جي ڀرسان هجڻ لاءِ دل نٿي مڃي. اهو ٺٽي ڀرسان ئي ٿي سگهي ٿو ۽ ٺٽو سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ سمنڊ جي ڪناري وٽ به رهيو هوندو جو درياهه پئي رخ بدلايا.
اهو پڻ آهي ته هي شهر جيڪو مٿين اسپيلنگ جي حساب سان پاٽالا يا پاتالا سڏي سگهون ٿا، دنيا جي جهازرانن ۾ مشهور هو- خاص ڪري انهن سوداگرن ۽ جهازرانن لاءِ جيڪي ڀؤنچ سمنڊ وارن علائقن مان مصر ۽ ايران ۾ خشڪي رستي اچي پوءِ بحر احمر کان ٻيڙين ذريعي عدن، ديبل ۽ اڳيان لنڪا ويا ٿي. هو سنڌ ۾ وکر کپائڻ لاءِ پاتالا آيا ٿي. پندرهين يا سورهين صدي ۾ ٺهيل سامونڊي نقشن ۾ به هي بندرگاهه Patala ڏيکاريل آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ڪڏهن ٺٽي وٽ ڏيکاريل آهي ته ڪڏهن ڪڇ ۽ گجرات پاسي. يوناني تاريخ نويسن اهو به بيان ڪيو آهي ته سنڌو ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ٻه شاخون ٺاهي ٿي جنهن جي وچ ۾ جيڪو ٻيٽ ٺهي پيو هو اتي سڪندر اعظم ڪجهه هفتن لاءِ منزل ڪئي ۽ اڳتي جي سفر جي تياري ڪئي. هيءَ اها جاءِ آهي جتي سڪندر شهر ٻڌرايو جنهن کي مقامي ماڻهو ۽ پوءِ دنيا پاتالا سڏڻ لڳي.
هاڻ ٻيون ڳالهيون ته سڀ سمجهه جوڳيون لڳيون، بنا شڪ جي سڪندر اعظم هن پاسي آيو. سنڌو ندي ته ڇا هر ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ٻه ڇا ٽي ۽ چار به شاخون ٺاهي ٿي ۽ انهن شاخن ۾ ڪجهه اڃا وڌيڪ ٺاهين ٿيون ۽ انهن جي وچ ۾ ٺهندڙ ٻيٽارا بيحد خوبصورت ٿين ٿا ۽ ڪيترن ملڪن ۾ انهن ٻيٽن تي دنيا ۾ خوبصورت شهر ۽ بندرگاهه آهن. بس هڪ شيءِ جيڪا سمجهه ۾ نٿي آئي اها هن شهر يا بندرگاهه جو نالو هو جيڪو جيڪڏهن مقامي آهي يعني سنڌيءَ ۾ ته مونکي ته سمجهه ۾ اچڻ کپي. ٻي صورت ۾ اهو يوناني ٿي سگهي ٿو. پوءِ گهڻي وقت کان پوءِ، هڪ دفعي مونکي ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مليو. ان ۾ هُن هِن بندرگاهه جو نالو ”پاتال بندرگاهه“ لکيو آهي ۽ هن به اهو ئي لکيو آهي ته هي بندرگاهه عيسوي سن کان سوا ٽي سئو سال اڳ يونان جي سڪندر اعظم ٻڌرايو هو.