اسپين ۽ عرب دنيا
عرب دنيا ۾ عباسي گهراڻي اميه گهراڻي کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو پر هن نئين دنيا ۾ اميه گهراڻي جي هڪ طاقتور حڪومت شروع ٿي وئي، ”عبدالرحمان اول جي 788ع ۾ وفات بعد سندس پٽ ”هشام اول“ جيڪو 757ع ۾ اتي قرطبه ۾ ئي ڄائو هو ٻيو امير قرطبه ٿيو. ان بعد سندس پٽ ”الحکم بن هشام“ ٽيو امير قرطبه ٿيو. جيڪي اسپين جي شهر قرطبه (Cordoba) ۾ رهي آيا هوندا اهي اتي جي مشهور “Lepers Society” (ڪوڙه جي مريضن جي علاج جي سوسائٽي) کان ضرور واقف هوندا. هتي اهو لکندو هلان ته 815ع ڌاري رکيل ان سوسائٽيءَ جو بنياد قرطبه جي هن امير الحکم بن هشام جي هڪ عيسائي ڪنيز (Concubine) ”عجب“ رکيو. 822ع ۾ الحڪم وفات ڪئي ۽ سندس پٽ ”عبدالرحمان الثاني“ قرطبه جو چوٿون امير ٿيو. عبدالرحمان الثاني 792ع ۾ اسپين جي شهر طليطلا (Toledo) ۾ ڄائو ۽ 852ع ۾ قرطبه ۾ وفات ڪئي. پاڻ 30 سال حڪومت ڪيائين هن جي حڪومت ۾ ناروي، ڊئنمارڪ پاسي جي ڦورن (وائڪنگ) اسپين جو شهر ڪئڊيز (Cadiz) جنهن جو اصل عربي نالو ”قادس“ آهي، ان کي تباهه ڪيو ۽ هڪ ٻيو شهر جيڪو هاڻ Seville سڏجي ٿو پر انهن ڏينهن ۾ عرب نالي ”شبيليا“ سان سڏيو ويو ٿي، ان کي فتح ڪيو. هي ٻئي شهر اڄ به ٽاپ جا شهر آهن ۽ ڪئڊيز (Cadiz) ۾ بندرگاهه ۽ وڏو شپ يارڊ هجڻ ڪري اسان به هڪ دفعو پنهنجي جهاز جي ٻاهرين لوهي چادر (Hull) جي مرمت (Repair) ڪرائي هئي ۽ هفتو کن رهيا هئاسين. امير قرطبه عبدالرحمان ثانيءَ نه فقط مقابلو ڪري وائڪنگ کي تڙي ڪڍيو پر هن اشبيليا (Seville) شهر ۾ جهازن جو آڙماڙ (fleet) ۽ نيول جنگي بارود جو Arsenal ٺهرايو جيئن اڳتي ڪنهن کي حملي ڪرڻ جي همت نه ٿئي.
سو پاڻ مصر جي سڪندريا شهر جي مسجد ڏسي ”ابو العباس المرسي“ بزرگ جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن جي نالي اها مسجد آهي ۽ اهو اسپين جي مٿين شهر مرسيه ۾ ڄائو جيڪو شهر قرطبا جي چوٿين امير عبدالرحمان الثانيءَ ٻڌرايو هو. دراصل هن اميه امير اسپين جي هن شهر توڙي پنهنجي گاديءَ واري شهر قرطبه ۾ علم ۽ ادب جي همت افزائي ڪئي. يوناني ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب ترجما ڪرايا. مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا ۽ سچ ته اهو آهي ته هن شهر مرسيه جا ڪيترائي عالم بزرگ نه رڳو اسپين، موراڪو، پورچوگال ۽ فرانس پاسي مشهور هئا پر عرب دنيا ۾ پڻ، جيئن ته صوفي ماسٽر ۽ ليکڪ محي الدين ابن العربي، ابن سداح، ابو عبدالله محمد ابن علي- جنهن جي لکيل 800 ڪتابن مان اڄ به 100 کن موجود آهن، وغيره.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مصر جو شهر السڪندريا به علم حاصل ڪرڻ جو مرڪز هو جتي جي لئبرري ان وقت ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي هئي پر اڄ به مشهور آهي، ۽ ان جا مدرسا ۽ مسجدون ان وقت جي دنيا ۾ مشهور هيون. ماڻهو پري پري کان اسڪندريا نه رڳو گهمڻ لاءِ آيا ٿي پر دين جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تبليغ لاءِ به هتي پهتا ٿي. ابو العباس به وڌيڪ علم پرائڻ ۽ تبليغ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن اسپين کان هتي اسڪندريا (مصر) پهتو، پر جيئن ته اسپين پاسي جي ڪيترن ئي شهرن: غرناطا، قرطبا، ويندي سبته (Ceuta) کان عالم، استاد، بزرگ اسڪندريا پهتا ٿي ان ڪري انهن جي سڃاڻپ لاءِ هنن کي هنن جي شهرن سان منسوب ڪيو ويو ٿي جيئن قلندر شهباز محمد عثمان ”مروند“ شهر کان اچڻ ڪري اسان هن کي ”مروندي“ چئون ٿا تيئن ابو العباس اسپين جي شهر مرسيه (Murcia) جو هجڻ ڪري هو عرب دنيا ۾ المرسي سڏجڻ لڳو.
ابو العباس اندلس جي شهر مرسيه ۾ 1219ع ۾ هڪ امير سوداگر جي گهر ۾ جنم ورتو جنهن هن کي واپاري ڪاروبار سان گڏ ديني تعليم به ڏياري. وڏو ٿي هن پنهنجي پيءُ جي ڪاروبار ۾ مدد ڪئي. پاڻ ايمانداري، امانتداري ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ نالو پئدا ڪيو. 1242ع ڌاري اسپين ۾ عيسائين جا ڦڏا فساد وڌڻ ڪري هن جي فئمليءَ ٽيونيشيا لڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو جتي ابو العباس جي فئمليءَ کي مزو نه آيو ۽ هو اسپين موٽي آيا پر ابو العباس ٽيونيشيا جي هڪ عالم دين ابولحسن اشدليءَ وٽ ترسي پيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هو پنهنجي هن مرشد سان گڏ سڪندريا (مصر) هليو آيو جتي اسپين جا ٻيا به ڪيترائي عالم اسڪالر وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ پهتا ٿي. ابو العباس مصر ۾ المرسي سڏجڻ لڳو- يعني اندلس (اسپين) جي مرسيه شهر جو. هو 1287ع ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين سڪندريا ۾ چاليهه کن سال دين جي تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ مصر جي چئن بزرگ درويشن مان هڪ مڃيو ويو ٿي باقي ٽي چيا وڃن ٿا، اهي هي آهن: احمد البداوي، الدسوقي ۽ ٽيون جنهن کي مصري الحاج يا لکڻ ۾ Al- Haggag لکن ٿا (جيئن جمال ناصر کي گمال ناصر لکن ٿا) ان کان اسان جي ملڪ جا مسلمان به چڱي طرح واقف آهن. الحجاج دراصل ”مسلم بن الحجاج“ آهي جيڪو مشهور اسڪالر ۽ محدث ٿي گذريو آهي. سندن گڏ ڪيل حديثن جي مجموعي کي اسين ”صحيح مسلم“ سڏيون ٿا ۽ ”صحيح بخاري“ سان گڏ حديثن جو هي مجموعو سڀ کان گهڻو Authentic مڃيو وڃي ٿو. مسلم بن الحجاج جيڪو اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ امام مسلم جي نالي سان مشهور آهي خراسان (اڄ واري ايران) جي شهر نيشاپور ۾ 815ع ۾ ڄائو ۽ 875ع ۾ اتي ئي وفات ڪيائين.
مٿين باقي بزرگن مان احمد البدوي موراڪو جو سني مسلمان عالم هو جيڪو فاس (Fes) شهر ۾ ڄائو پر پوءِ وڏو ٿي مصر هليو آيو ۽ سڪندريا کان 130 ڪلو ميٽر ڏکڻ واري شهر طنطا ۾ اچي Settle ٿيو. طنطا شهر کي انگريز ۽ فرينچ تانتا (Tanta) سڏين ٿا. طنطا ڪافي وڏو شهر آهي ۽ سڪندريا کان قاهري ويندي رستي تي اچي ٿو. هي شهر انڊيا جي ”امبالا“ وانگر مٺائين ۽ نمڪو کان مشهور آهي. شهر جي وڏي مسجد هن بزرگ احمد البداويءَ سان منسوب آهي جنهن ۾ هن جو آخري آرامگاهه پڻ آهي. مصر جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو واسطو هن شهر طنطا سان آهي جيئن اسان وٽ پاٽ ۽ شڪارپور جهڙن شهرن سان ڪيترن ئي عالمن جو آهي. مصري ناول نويس نبيل فاروق، اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ السيد ناصر، مصري فلمي اداڪارا امينا رزق، ڪيترن ئي ڪتاب جو ليکڪ احمد خالق توفيق، مفڪر ۽ دين جو ڄاڻو ناصر ابو زيد، عورتن جي حقن جي جاکوڙي دريه شفيق، بيلي ڊانسر نعيمه عاڪف ۽ ٻيا ڪيترا هن شهر Tanta (طنطا) جا رهاڪو چيا وڃن ٿا.
اهڙي طرح مصر جو چوٿون وڏو بزرگ ۽ عالم دين الدسوقي چيو وڃي ٿو جنهن جو اصل نالو ته ابراهيم عبدالعزيز آهي پر سندس مصر جي شهر دسوق (Desouk) سان واسطو هجڻ ڪري، هو دنيا ۾ ”امام الدسوقي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ 1255ع ۾ هن شهر دسوق ۾ جنم ورتو جيڪو نيل نديءَ جي ڊيلٽا وٽ ائين آهي جيئن اسان جو ڪيٽي بندر. دسوق سڪندريا کان ايترو پري آهي جيترو اسان جي ڳوٺ هالا کان باءِ روڊ ڄامشورو، پاڻ سڄي زندگي دسوق ۾ گذاري ۽ دين جي پرچار ڪئي، کيس مصر جو ”شيخ السلام“ به سڏيو وڃي ٿو. سندس نالي دسوق شهر ۾ هڪ وڏي مسجد ”مسجد الدسوقي“ آهي جيڪا ”مسجد ابراهيم“ به سڏجي ٿي. پاڻ 1296ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مقبرو هن مسجد ۾ ئي آهي.
سڪندريا وانگر هي شهر دسوق به تمام آڳاٽو آهي جتي ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان ڪري ڪيتريون ئي بين الاقوامي معيار جون ريسٽورنٽون ۽ هوٽلون آهن. هڪ دفعي باءِ روڊ قاهري ويندي هتي جي هڪ انگريزي نالي واري ريسٽورنٽ Lime Tree ۾ ڪافي پيتي هئيسين. هڪ ٻن ٻين ريسٽورنٽن جا به نالا ياد اچي رهيا آهن: الفيروز، الاصدقا، بريزيلو وغيره وغيره. بهرحال هي سڀ ڳالهيون سڪندريا شهر جو ذڪر ڪندي، بلڪ شهنشاهه ايران جي پهرين زال ”مائي فوزيه صاحبه“ (مصر جي بادشاهه فاروق جي ڀيڻ) جي ڳالهه ڪندي نڪري پيون جيڪا هن شهر سڪندريا ۾ ڄائي، وڏي ٿي ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاريا، جتي اسان جو جهاز لنگر انداز ٿيندو رهيو ٿي ۽ جتي هڪ دفعو وڏو عرصو رهڻ لاءِ آئون پورٽ سعيد کان ڪوسٽل روڊ وٺي يعني ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري واري روڊ ذريعي ٽئڪسيءَ ۾ پهتو هوس.
گذريل صديءَ جي آخري چوٿي کان- بس سمجهو ته 1970ع پنجهتر کان سمنڊ تي بحري جهاز هلائڻ وارن لاءِ آساني پيدا ٿي آهي جو نت نوان اليڪٽرانڪ اوزار ايجاد ٿيا آهن جيئن ته سئٽلائيٽ نيويگيٽر وغيره جن ذريعي جهاز هلائنيدڙ پنهنجي جهاز جي سمنڊ تي هر وقت صحيح پوزيشن معلوم ڪري سگهن ٿا. جهاز 24 ڪلاڪن ۾ ڪيترو هليو اهو مفاصلو معلو م ڪري سگهجي ٿو نه ته سج، سيارن ۽ تارن ذريعي معلوم ڪرڻ ۾ غلطيون به ٿي سگهيون ٿي. گوگل ارٿ ۽ ٻين نقشن ذريعي پڻ هر بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ جو رستو معلوم ڪري سگهجي ٿو نه ته فقط انهن بندرگاهن جي پوزيشن جي خبر سولائيءَ سان پئجي سگهي ٿي جن ۾ لائيٽ هائوس لڳل ٿيا ٿي. لائيٽ هائوس هڪ ڊگهو منارو ٿئي ٿو جنهن جي چوٽيءَ تي بلب يا گئس بتيءَ جي چوڌاري هڪ طاقتور Concave قسم جي آرسيءَ کي ڦيرايو وڃي ٿو جيڪا ان روشنيءَ کي فوڪس ڪري سمنڊ ڏي پري پري اڇلائي ٿي جيئن ان روشنيءَ جي رينج ۾ آيل جهاز هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران ان روشني ڏي رخ ڪري ان بندرگاهه ۾ اچي سگهن. مون کي ياد آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي جي ڪنهن شروع واري سال ۾ اسان کي جهاز کي ڪراچيءَ کان موزمبق (آفريڪا) جي بندرگاهه لارينزو مارڪس وٺي وڃڻو هو جيڪو هاڻ موپوتو بندرگاهه سڏجي ٿو. ڇهه ست ڏينهن جي سفر بعد اسان جو جهاز موزمبق ملڪ جي ڪناري جي ويجهو رات جو ٻارهين هڪ بجي ڌاري پهتو ۽ اسان تارن ۽ پنهنجي ڪاغذ واري نقشي (Chart) ذريعي لارينزو مارڪس جي سامهون پهچي وياسين پر لائيٽ هائوس جي روشنيءَ جو ڪو پتو نه پيو پوي جنهن مان سمجهي وياسين ته حساب ڪتاب ڪرڻ ۾ اسان کان غلطي ٿي وئي آهي ۽ اسان بندرگاهه جي ساڄي يا کاٻي پاسي کان وڃي نڪتا آهيون. سو بندرگاهه کي ڳولڻ لاءِ سڄي رات اسان آفريڪا جي ڪناري جي ڪڏهن ساڄي پاسي ته ڪڏهن کاٻي پاسي ڪوسٽنگ ڪندا رهياسين پر لائيٽ هائوس جي روشنيءَ جو هي پتو نه هو پتو. پوءِ صبح ٿيڻ تي روشنيءَ ۾ پري کان عمارتون ڏسي سمجهي وياسين ته هي آهي موزمبق ملڪ جو بندرگاهه ۽ گاديءَ وارو شهر لارينزو مارڪس. بعد ۾ بندرگاهن وارن ٻڌايو ته شهر ۾ هلندڙ فسادن ڪري بندرگاهه جي لائيٽ هائوس ۽ بندرگاهه جي ٻاهران سمنڊ تي لڳل Buoys جون بتيون وساميل رکيون ويون آهن.
هونءَ لائيٽ هائوس جي بهتري ان جي اوچائي، لائيٽ ۽ آرسين جي طاقت تي منحصر آهي. جيتري روشني پري تائين وڃي اوترو سٺو. اسان جي ڪراچي واري بندرگاهه جي نشاندهيءَ لاءِ پڻ لائيٽ هائوس آهي جيڪو منهوڙي ٻيٽ تي ٺهيل آهي. منهوڙي ٻيٽ جي هاڪ ڪراچيءَ جي مشهور ٿيڻ کان به اڳ ڪافي دنيا ۾ رهي آهي. ايتري قدر جو پراڻا يوناني به هن ٻيٽ ڪراچيءَ کان واقف هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي سالن جا سال هڪ ڳوٺڙو (Fishing Village) رهيو. ان وقت جا يوناني ڪراچيءَ کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيندا هئا خاص ڪري ڪروڪولا (Krokola) سان. سنڌو ماٿريءَ ۾ ويڙهه ختم ٿيڻ بعد- يعني راجا پورس سان جنگ جوٽڻ بعد سڪندر اعظم هتي اچي ڪئمپ هنئي هئي ۽ سلطنت بابل ڏي روانو ٿيڻ لاءِ پنهنجو ٻيڙو (Fleet) تيار ڪيو هو. بابل جو شهر عراق جي فرات نديءَ تي هو جتي اها ايراني نار (Persian Gulf) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
منهوڙو ٻيٽ گهمڻ لاءِ سلطنت عثمانيه جو ائڊمرل سيد علي رئيس پڻ آيو هو جنهن پنهنجي سفر جو احوال 1557ع ۾ ”مراته الممالڪ“ ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ مشرق وسطيٰ جي ملڪن جو احوال لکيو آهي. هي ڪتاب ترڪش ادب جو هڪ آڳاٽو سفر نامو ليکيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ابن بطوطا جيڪو پڻ هن پاسي آيو مٿئين ترڪ ائڊرمل کان ٻه صديون اڳ هند سنڌ ۾ آيو. هو 1325ع کان 1354ع تائين 29 سال هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيو.