الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

اسڪندريا مصر جو نه، پر يونان جو بندرگاهه لڳو ٿي!

هڪ دفعو اسان جي جهاز سئيز ڪئنال لاءِ اٿينس بندرگاهه مان لنگر کنيو. ڪجهه سامان لاهڻ لاءِ سڪندريا هڪ ڏينهن کن ترسڻو هو. اسان کي جلدي نه هئي سو آرام سان جهاز هلايوسين- يعني ايڪاناميڪل رفتار تي، جنهن ۾ تيل جو بچاءُ ٿي سگهي، ته به ٻن ڏينهن اندر پهچي وياسين. ٺيڪ آهي سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ ڪل (engine) وارا جهاز نه هئا. ٻيڙا سڙهن ۽ چپن ذريعي هلايا ويا ٿي ۽ ٿوري سفر لاءِ گهڻا ڏينهن لڳا ٿي، ان هوندي به ماڻهو يونان کان سڪندريا هڪ هفتي اندر پهچي ويا ٿي جيئن انهن ڏينهن ۾ يا محمد بن قاسم يا شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ هوائون ۽ سمنڊ سڻائو (Following) هوندو هو ته ٺٽي کان نڪتل ٻيڙا هفتي ڏهن ڏينهن اندر لنڪا (ڪولمبو) پهچي ويا ٿي. سو سڪندر اعظم جي خواهش هئي ته نيل نديءَ جي ڪنارن وارن شهرن سان يونان جو واپار وڙو قائم رکڻ لاءِ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي سڪندريا واري جاءِ تي بندرگاهه هجڻ ضروري آهي. سڪندريا نه فقط مشغول ۽ امير بندرگاهه ثابت ٿيو پر علم و ادب جو به مرڪز ٿيو. سڪندريا شهر ۽ ان جي ميوزيم دنيا جي يوناني، يهودي ۽ شامي اسڪالرن ۽ ٽورسٽن کي پاڻ ڏي مائل ڪيو ۽ اڳتي هلي حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ بعد هي شهر عيسائيت جو به مرڪز رهيو. سڪندر اعظم ته هي شهر اڏائرڻ جي حڪم بعد هتي ڪي چند سال رهيو. ان بعد جو هو ويو ته وري نه موٽيو. سڪندر اعظم جي وڃڻ بعد سندس مشهور وائيسراءِ ڪليومينيز (Cleomenes) هن شهر جي وڌاءَ ۽ ويجهاءَ جي ڪم کي ڏسندو رهيو. سڪندريا شهر لاءِ چون ٿا ته ايڏو ته تکي ترقي ڪيائين جو هڪ ٽهي (generation) اندر هي شهر ان وقت جي موراڪو جي مشهور شهر قرطاج (Carthage) کان به وڏو ٿي ويو ۽ هڪ صديءَ اندر سڪندريا دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڳڻجڻ لڳو ۽ پوءِ ان بعد ڪجهه صديون ته لڳاتار هن جو ان وقت جي وڏي ۾ وڏي شهر روم سان مقابلو رهيو ۽ هي شهر مصر جو ”يوناني شهر“ سڏجڻ لڳو جنهن جو مثال ائين سمجهو جيئن انڊيا ۾ اڄڪلهه گوا پورچوگال جو، پانڊيچيري فرينچن جو شهر سمجهيو وڃي ٿو. سڪندريا ۾ مختلف يوناني قبيلن ۽ Back grounds جا ماڻهو رهيا ٿي ۽ سڪندريا مصر جو نه پر يونان جو بندرگاهه لڳو ٿي. ان جو مثال گهٽ ۾ گهٽ آئون ائين سمجهي سگهان ٿو جيئن 1960ع واري ڏهي ۾ اسان کي دبئي ۽ ايران جو بندرگاهه ”ڇابهار“ پاڪستان جو بندرگاهه لڳو ٿي. پاڪستان جي ويجهو هجڻ ڪري ۽ پاڪستانين جي وڏي تعداد موجود هجڻ ڪري مقامي عربن ۽ ايرانين به اڙدو سمجهي ٿي ۽ ڳالهائي ٿي. ايتري قدر جو اتي جي سڪي دينار توڙي ريال کي روپيو سڏيو ويو ٿي. پر پوءِ اسان جي پٺتي پوڻ ۽ دبئي وغيره ۾ تيل جو پئسو اچڻ تي هڪ ڏيڍ ڏهاڪي اندر سڄو سسٽم بدلجي ويو ۽ اسان جي ٻولي ۽ سڪو ته ڇا اسان جو ماڻهو به اتي اوپرو سمجهيو وڃڻ لڳو. اڄ جو دبئي ۽ ايران گهمڻ وارا اسان جا پاڪستاني سوچي به نٿا سگهن ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو ڇا مان ۽ شان هو جو ويندي ايران ۽ ترڪي وارن اسان جي ملڪ سان RCD تنظيم ٺاهي هئي جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي جي ملڪ ۾ بنا پاسپورٽ جي اچي وڃي سگهيا ٿي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ پنهنجو ملڪ خوشحال هو. هو ايران ۽ ترڪي چڪر تي ويا ٿي پر هنن پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو ٿي. پاڻ ايران وارن جا ڪيترا مثال آهن جو هو اسان جي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ اچي، رهي پيا ٿي، جو اسان وٽ تعليم ۽ واپار وڙي جو نظام بهتر هو ۽ اڄ جهڙي ڀينگ بدران ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن هو. ان جي خاطري توهان مهنجي ڪنهن هم عمر کان ڪري سگهو ٿا جنهن جو ٻاهر جي ملڪن سان واسطو رهيو هجي. اسان آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن کان به پنهنجي ملڪ کي بهتر سمجهيو ٿي. اڄ به اسان جي ملڪ ۾ امن ۽ قانون اچي وڃي، ڪرپشن کي ٻنجو اچي وڃي، ته اسان جا ولايت ۾ رهندڙ ڪيترا هم وطني پنهنجي وطن واپس موٽي اچن.
سڪندريا ۾ هر وقت امن امان ۽ خوشحالي به نه رهي. هن کي زلزلن ۽ سونامين ۾ به نقصان پهتو. شهر ۾ رهندڙ يهودين ۽ يونانين جا لساني جهڳڙا به ٿيندا رهيا. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن عيسائيت اڃان شروع ٿي هئي. يعني سڪندر اعظم جي وفات کان 400 سال کن پوءِ.
سڪندر اعظم اڏرائيل هن شهر سڪندريا تي ڪئين دور آيا. اهو شان شوڪت ۽ علمي ادارن ۾ ٺٽي وانگر هن پاسي ڪڏهن مصر ۾ قاهري بعد ٻئي نمبر تي شهر ٿي رهيو ته ڪڏهن دنيا ۾ روم بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر مڃيو ويو ٿي. وڏو عرصو هي شهر مختلف سلطنتن جي گاديءَ جو شهر رهيو. انهن مان هڪ بازنطيني سلطنت جو حاڪم جيڪو المقوقس سڏيو ويو ٿي پڻ حاڪم رهيو. سندس لقب جي لفظي معني سمجهو ته His Majesty ٿيو شهنشاهه هراڪليس (Heraclius) ڄم جو سال 575ع پڻ رهيو. پاڻ 610ع کان 641ع تائين مصر ۽ السڪندريا جو شهنشاهه (Muqawqis) ٿي رهيو. هي اهو حاڪم آهي ۽ هي اهو دور آهي جنهن ۾ حضور صلعم جن اوسي پاسي جي حاڪمن ڏي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط موڪليا.
سڪندريا جي شهنشاهه هراڪليس ڏي حضور صلعم جن جي طرفان ”دحيه ابن خليفا الڪلبي“ خط کڻي نڪتو جنهن تي رستي تي ڌاڙيلن جي حملي ٿيڻ تي هن جي مدد لاءِ حضور صلعم جن زيد بن حارث کي ڪجهه لشڪر سان موڪليو جن هن حملو ڪندڙ قبيلي سان مقابلو ڪري کين شڪست ڏني ۽ زيد بن حارث بازنطيني حاڪم (المقوقس) هراڪليس وٽ سڪندريا پهچي ويا. انهن ڏينهن ۾ سڪندريا مصر جو حصو نه پر الڳ سلطنت سمجهيو ويو ٿي ۽ هراڪليس بادشاهه سڄي مصر، سڪندريا ۽ بازنطيني سلطنت جو شهنشاهه هو. اڄ به سڪندريا پهچي اهي سوچون اچن ٿيون ته هن شهر مان سڪندر اعظم ۽ هراڪليس شهنشاهه کان زيد بن حارث جهڙا اصحابي ٿي ويا- جيئن چين جي شهر ڪئنٽن ۾ پهچي اصحابي سعد بن ابي وقاص (ڄم جو سال 595ع وفات 674ع) ٿو ياد اچي جنهن جي ڪري ڪيترائي چيني مسلمان ٿيا جنهن ڪئنٽن شهر جي هئائي شينگ مسجد سن 627ع ۾ ٺهرائي. هو 620ع ۾ ڪئنٽن ۾ آيو هو يعني مسلمانن جي مڪي کان مديني 622ع ۾ هجرت کان به ٻه سال اڳ ڪئنٽن آيو هو. دراصل ڏٺو وڃي ته اسلام کان اڳ به عرب چين توڙي سنڌ ۾ واپار وڙي لاءِ ايندا رهيا ٿي. ابي وقاص 17 سالن جو هو ته هن اسلام قبول ڪيو ۽ هي انهن ڏهن ڀلارن اصحابين مان آهي جن کي هن دنيا ۾ ئي جنت جي بشارت ملي وئي هئي. ڪئنٽن جي مٿين مسجد جو ورتل تازي فوٽي سان گڏ مونکي اتان هڪ ڏيڍ سئو سال پراڻو، 1850ع ڌاري جو فوٽو پڻ مليل آهي. ٿي سگهي ٿو اخبار وارا يا ڪتاب ڇپڻ وارا منهنجي هن مضمون سان گڏ اهي تصويرون به ڏئي سگهن. بنگلاديش جي رنگپور ڊويزن جي ”لال مونير هٽ“ ضلعي جي آڳاٽي مسجد ”ابو اقاص مسجد“ لاءِ به چيو وڃي ٿو ته اها 648ع ۾ سعد بن ابي وقاص ٺهرائي. ياد رهي ته ان دور ۾ جهازران پنهنجن جهازن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سڌو وٺي نه ويندا هئا جو ان وقت جي ٻيڙن جو کلئي سمنڊ ۾ هلڻ ۾ خطرو هو. هو ڪنارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا. سو چين يا ملائيشيا وڃڻ لاءِ عرب، ايراني سنڌي توڙي يورپي ملاح انڊيا، بنگال، برما وغيره جو ڪنارو ڏئي هلندا هئا. ايتري قدر جو ملائيشيا ۾ ته هر ڌاريون ماڻهو بنگالي سڏبو هو جو اهو بنگال کان آيو ٿي. سو عرب به ملايا يا چين اچڻ کان اڳ بنگال ۾ به منزلون ڪندي آيا ٿي ۽ مٿيون اصحابي ڪئنٽن (چين) وانگر بنگال جي به ڪيترن شهرن ۾ رهيو هوندو ۽ هن ان دور ۾ اسلام جي اتي به پرچار ڪئي هوندي.
بهرحال پاڻ مصر جي آڳاٽي ۽ اڄ جي بلي بلي شهر سڪندريا جي ڳالهه پئي ڪئي جتي 628ع ۾ زيد بن حارث (ڄم جو سال 581 ۽ وفات 629ع) حضور صلعم جن جو خط سڪندريا جي حاڪم المقوقس هراڪليس لاءِ کڻي پهتو هو جيڪو پهرين فقط دحيه الڪلبي اصحافي کڻي نڪتو هو پر پوءِ هن جي مدد لاءِ زيد بن حارث کي به موڪليو ويو هو.
مٿين اصحافي دحيه الڪلبيءَ بابت هتي اهو به لکندو هلان ته حضور صلعم جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن کي حضرت جبرائيل فقط ٻه دفعا نظر آيو. هڪ هو اصل روپ ۾ جنهن ۾ هن کي رب پاڪ خلقيو آهي ۽ ٻئي ۾ انساني روپ ۾. انساني روپ ۾ هو دحيه ابن خليفه الڪلبي جو روپ اختيار ڪري آيو هو. صحيح بخاريءَ ۾ حديث آهي جيڪا ابو عثمان کان روايت آهي ته حضرت جبرائيل پاڻ ڪريم صلعم جن وٽ آيو جڏهن ام سلميٰ به موجود هئي. حضرت جبرائيل پاڻ ڪريم صلعم جن سان ڳالهائيندو رهيو. انهيءَ دوران حضور صلعم جن ام سلميٰ کان پڇيو ته هي ڪير آهي. جنهن تي هن چيو ته هي دحيه الڪلبي آهي، جڏهن حضرت جبرائيل روانو ٿيو ته ام سلميٰ چيو ته هوءَ هن کي دحيه ئي سمجهي ويٺي هئي. هن کي پوءِ خبر پئي جڏهن خطبي ۾ پاڻ ڪريم صلعم جن حضرت جبرائيل جي آمد جو ارشاد فرمايو.
بهرحال مصر جي بندرگاهه سڪندريا کي ڏسي الله جي رسول جا ساٿي ٿا ياد اچن جن ۾ زيد ابن حارث (ڄم جو سال 581ع ۽ وفات 629ع) جهڙو اصحابي به شامل آهي جنهن هن ڌرتي تي اچي اتي جي حاڪم (المقوقس) هراڪليس کي حضور صلعم جن جو خط پهچايو. زيد بن حارث اصحابي نه فقط حضور صلعم جن جو ساٿي هو پر نپايل Adopted پٽ پڻ. هي واحد اصحابي آهي جنهن جو نالو قرآن شريف ۾ آيو آهي (33:37) سڪندريا جي حاڪم خط پڙهي هيئين سان ڳالهه هنڊائي ۽ هن جو جوابي خط ۽ تحفا جن ۾ ٻه اعليٰ خاندان سان واسطو رکندڙ غلام به شامل هيون: هڪ مارا القبطيا ۽ هن جي ڀيڻ سيرين موڪليا. حضور صلعم جن ماريا سان نڪاح ڪيو جنهن مان کين هڪ فرزند ابراهيم ڄائو. هاڻ ٻڌايو ته اهي ڳالهيون سوچي هڪ مسلمان کي هن بندرگاهه ۾ اچي ڪيڏي خوشي، عزت ۽ تجسس محسوس ٿيندو! جيستائين تاريخ جي ڄاڻ نه هئي هتي جي ملن مدرسن سان مهنجي لهه و چڙهه نه ٿي هئي تيستائين مون لاءِ هي بندرگاهه به دنيا جي ٻين بندرگاهن وانگر هو جتي اسان پنهنجي جهاز کي جيٽيءَ سان اچي ٻڌو ٿي... جتي سمنڊ جون لهرون جهاز جي لوهي جسم سان ٽڪرائينديون رهيون ٿي... جتي جي اعليٰ دڪانن ۽ ڪلبن ڏي اسان جهازين جي ڊوڙ هئي... چڱو جو هڪ دفعي آئون هتي جي سڪندريا يونيورسٽيءَ ۾ هليو ويس جتي پنجاب جا ٻه شاگرد مليا جن مون کي هن شهر جي تاريخ ۽ اهميت جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڏنا ۽ منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيو. ان بعد منهنجي لاءِ هي بندرگاهه هڪ خاص بندرگاهه، هڪ خاص شهر بڻجي پيو ۽ وقت جي ڊگهي وهڪري جي هڪ ڇيڙي تي پنهنجو پاڻ کي ته ٻئي ڇيڙي تي يونان جي حاڪم سڪندر اعظم کي ڏسڻ لڳس ۽ وچ ۾ انيڪ مذهبي، تاريخي، ادبي شخصيتون، هن شهر جي ٺهڻ بعد ٽي صديون رکي پوءِ هن شهر جي ماڻهن حضرت عيسيٰ جي ڄم جو ٻڌو. اهڙين ڇهه صدين بعد، هنن حضور صلعم جن کي نبوت ملڻ ۽ اسلام جي دعوت جو ٻڌو. يوناني ۽ رومن شهنشاهن جو ٻڌو، آتش پرست ۽ عيسائي حاڪمن جو ٻڌو، ڪاپٽڪ عرب ۽ مسلمان بادشاهن جون قطارون ڏٺيون جنهن جو آخري حاڪم شاه فاروق هو جنهن جي ڀيڻ فوزيه جي ايران جي آخري شهنشاهه پهلويءَ سان شادي ٿي ۽ هن راڻي فوزيا جو ئي ذڪر نڪرڻ تي هن شهر سڪندريا جي ڳالهه نڪتي آهي.