الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

ست پِيڙهيون عيش ڪنديون

پاڻ مختلف ملڪن جي بادشاهن ۽ راڻين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جن جون سلطنتون صدين کان قائم رهيون. مضبوط ۽ امير حڪومتن جي باوجود هي اچي اچي اسان جي زندگيءَ ۾ ختم ٿي ويون. اهي اهي بادشاهه جن وٽ اڻ مئي دولت هئي، محل محلاتن جا ڇا هو چين جهڙي وڏي ملڪ جا مالڪ هئا، هڪ نه پر ٻن ٻن ملڪن مصر ۽ سوڊان جا مالڪ هئا، انهن کي سندن عوام سندن ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي ملڪ مان تڙي ڪڍيو، ايران جهڙي امير ۽ سهڻي ملڪ جي والي وارث شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلوي پٽ ٻار جو اولاد نه ٿيڻ ڪري پريشان ٿي ويو ته هيڏو وڏو ملڪ، دولت ملڪيت جو ڪو وارث ته هجي. هن پهرين شادي مصر جي شاهه فاروق جي ڀيڻ فوزيه سان ڪئي. ان مان ڌيءَ ڄائي پر پٽ نه ٿيو. ان کي طلاق ڏئي ثريا نالي هڪ ٻي پڙهيل ڳڙهيل ۽ حسين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن سان چيو وڃي ٿو ته شهنشاهه جو سچو پيار هو پر پٽ نه ڄمڻ ۽ ماءُ ڀيڻن ۽ ٻين جي ٽوڪن تي مجبور ٿي هن پٽ ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پيار به قربان ڪري ڇڏيو ۽ ثريا جهڙي عورت کي طلاق ڏئي ڇڏي جنهن کي طلاق بعد، هالي ووڊ جي فلمن ۾ خوشيءَ سان هيروئن رکيو ويو. شهنشاهه ايران ٽي شادي به هڪ اهم ۽ وقت جي حسين ترين عورت فرح ديبا سان ڪئي جنهن مان کيس سندس ملڪ ۽ مال ملڪيت جو وارث پٽ ٻار ته ڄائو پر حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو عوام هن حاڪم جا وڌيڪ ظلم ۽ شاهه خرچيون برداشت نه ڪري کيس تخت تان لاهي ڇڏيو. هو جان بچائڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي هڪ هڪ ملڪ ۾ رهائش لاءِ ٺوڪرون کائيندو رهيو پر آمريڪا جهڙو سندس بهترين دوست، هڪ طاقتور ملڪ جنهن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽم بم ڪيرائي جپان جهڙي طاقت کي به جهڪائي ڇڏيو اهو امام خميني جهڙي هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور مُلين کان اهڙو ڊڄي ويو جو شهنشاهه ايران کي چيائين ته ٻيلي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ آيو آهين ته آمريڪا مان اها ڪرائي هليو وڃ باقي هميشه لاءِ رهڻ جو سوچجانءِ به نه، چاهي آمريڪا ۾ تنهنجا ڏهه بنگلا، فارم هائوس ۽ رئنچ هجن. اسان جي ڦورو حاڪمن کي ان مان سبق سکڻ کپي ته عوام جي پئسن مان توهان ڀلي کڻي دبئي، انگلينڊ، آمريڪا، اسپين يا فرانس ۾ محل محلاتون، فليٽ پلازه ٺهرايا هجن پر جنهن وقت غريب ۽ مظلوم عوام جو پريشر ٿو اچي ته وڏا وڏا قطري شهزادا، يورپي صدر ۽ وزيراعظم به گهٻرائجيو وڃن ۽ اهي جن لاءِ توهان سمجهيو آهي ته انهن جي ملڪ ۾ لٽ جو مال رکڻ سان هو توهان کي دل ۾ جايون ڏيندا اهي توهان کي ”جوڳي نه ڪنهنجا مِٽ“ چوندي نظر ايندا. اهي حال ڏسي شهنشاهه ايران سڪتي ۾ اچي ويو. ملڪ کان دربدر ٿيڻ بعد سال به ڪو مس جيئرو رهيو ته گذاري ويو ۽ پوءِ توهان انهن ڏينهن جون اخبارون پڙهو- هن جي لاش کي پنهنجي ڌرتيءَ تي دفن ڪرڻ لاءِ به ڪو ملڪ حامي نه پيو ڀري!
انسان کي ايندڙ ڏينهن جي خبر نٿي پوي پر تخت و تاج کسجڻ بعد هن جي زندگيءَ جو باقي سال هيڏانهن هوڏانهن پريشان ٿيڻ دوران هن پنهنجي ٻي زال ثريا (سڄو نالو ثريا اسفندياري بختياري) جو ضرور سوچيو هوندو جنهن سان هن جو سچو پيار هو ۽ جنهن غريب کي هن ان ڏوهه جي سزا ۾ طلاق ڏني، جنهن ۾ ڪنهن به انسان جو هٿ ناهي. پٽ يا ڌيءَ ڏيڻ قدرت جي ئي هٿ ۾ آهي، عزت ۽ نالو ڏيڻ به قدرت جي ئي هٿ ۾ آهي. پٽ ڄمڻ ڪا ان ڳالهه جي گئرنٽي ناهي ته پيءُ جو نالو قائم ڪندو. توهان دنيا جي تاريخ پڙهو- يا فقط پنهنجي ننڍي کنڊ جي مغل بادشاهن، سلطنت عثمانيه جي سلطانن يا اميه، عباسي ۽ ٻين مسلمان سلطنتن جي خليفن جي تاريخ پڙهو توهان کي ڪيترائي اهڙا مثال ملندا جن ۾ شهزادي پٽ حڪومت جلدي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي پيءُ جو قتل ڪيو، اکيون ڪڍي ڇڏيون يا جيل ۾ بند رکيو. آهي ڪو اسان وٽ جيڪو اسان جي ظالم ۽ غريبن جي ملڪيت ڦٻائڻ وارن حاڪمن، سرڪاري ڪامورن، وڏيرن سردارن، پيرن وغيره کي سمجهائي ته اها ملڪيت جيڪا توهان غير قانوني طرح، ناانصافيءَ سان ڦٻائي پنهنجو ٻيو جهان به خراب ڪريو ٿا ۽ جنهن لاءِ اهو سوچيو ٿا ته هن جهان ۾ توهان جو ست پيڙهيون، بنا محنت جي، گهر ويٺي کائينديون رهنديون- ڇا توهان کي پڪ آهي ته غريب عوام جي ان ڦٻايل مال تي توهان جون ست پيڙهيون عيش ڪنديون؟ حقيقت اها آهي ته اها به پڪ ناهي ته ڪو توهان کي به ڦٻبو. جي ڪڏهن توهان کي شڪ آهي ته قذافي ۽ صدام جهڙن جو احوال پڙهي ڏسو. انهن جي لئه ته مون اکين سان ڏٺي ۽ توبهه زاري انهن جي آخري ڏينهن جون خبرون توهان به اخبارن رسالن ۾ پڙهيون هونديون. اڄ هو مڻين مٽيءَ هيٺان دفن آهن... هنن کي سندن ئي ماڻهن ڪيئن چيچلائي چيچلائي ماريو. عباسي گهراڻي جو آخري خليفو المستعصم بالله ٿو ياد اچي جنهن 1242ع کان 1258ع تائين راڄ ڪيو. بغداد سندس گاديءَ جو شهر هو. ڇا هن جا محل محلات هئا ڇا هن مال ميڙيو ۽ پوءِ سندس خاتمو ڏورانهين ڏيهه کان آيل هلاڪو خان نالي منگول آندو. پنهنجي ملڪ ۾ ٿي ڪري نه هو لشڪر ٺاهي سگهيو ۽ نه ماڊرن هٿيار پنهوار، جن ذريعي هو ٻاهران آيل هلاڪوءَ کي موچڙا هڻي ڪڍي. عوام به ڇا وڙهندو جن کي کائڻ لاءِ ئي نه هو. خليفي ته وڏي عيش عشرت جي زندگي ٿي گذاري- خوب ملڪيت کڻي گڏ ڪئي هئي... سچ ته، پنهنجي ملڪ جو اڄ جو زمانو ٿو ياد اچي! هلاڪو خان بغداد کي ٻاري ساڙي کيس کڻي قيد ڪيو. ويرم به نه لڳس.
خليفي کي مارڻ کان اڳ هلاڪو خان ته المستعصم کي ٻه ٽي ڏينهن سندس ان اسٽور ۾ قيد رکيو جنهن ۾ هن سون، هيرا جواهر ۽ ٻيو مال گڏ ڪري رکيو هو. ٻئي ڏينهن هلاڪو جي چوڪيدارن هلاڪو کان پڇيو ته ”بادشاهه سلامت ... يعني خليفي صاحب کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڇا ڏنو وڃي ... بک ۾ پاهه ٿي رهيو آهي.“ هلاڪو حڪم ڪيو ته خليفي کي چئو اهو گڏ ڪيل سون چاندي کائي، غريب عوام کي خوشحال بنائڻ، مضبوط فوج قائم ڪرڻ ۽ هٿيار خريد ڪرڻ بدران هن جيڪي هيرا جواهر ۽ موتي گڏ ڪيا آهن، اهي کائي.
ڪيڏو افسوسناڪ موت هن خليفي جو ٿيو. هن کي يڪدم مارڻ بدران هلاڪو خان خليفي کي غاليچي ۾ ويڙهي مٿان گهوڙن جي سنبن ذريعي چيچلائي چيچلائي ماري ڇڏيو. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طاقتور سلطنت جي آخري خليفي جي ڇا حالت ڪئي وئي. پر تاريخ ۾ ائين ئي ٿيو آهي. ياد رکڻ کپي ته جتي حاڪم عياش ٿيا آهن، هنن پنهنجي رعيت جو خيال رکڻ بدران انهن سان ناانصافي ۽ ظلم ڪيو آهي، عوام کي آسودو بنائڻ بدران پنهنجو پاڻ کي امير ۽ خوشحال بنايو آهي اتي انهن حاڪمن سان اهو ئي ٿيو آهي. اهو ئي حال ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي خليفن/سلطانن/ بادشاهن سان ٿيو ۽ اهو ئي حال اسپين جي حاڪمن سان ٿيو. جيسين حاڪم انصاف پسند، عوام جو خيال رکڻ وارا، ايماندار، پرهيزگار رهيا تيسين هو اسپين، اندلس، فرانس، پورچوگال جهڙن يورپي ملڪن تي به 700 سال رعب ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪندا رهيا ۽ پوءِ ڏسو ڇا حال ٿيو! غرناطا جي آخري حاڪم امير ابو عبدالله (سڄو نالو ابو عبدالله محمد ٻارهين) کي جڏهن اسپين وارن ڏيهه نيڪالي ڏني ته هن جي والده اسپين جي راڻيءَ ازابيلا وٽ هلي وئي. هيءَ 1492 جي ڳالهه آهي. چون ٿا ته ان وقت درٻار ۾ آمريڪا کنڊ ڳولڻ وارو ڪولمبس به موجود هو ۽ هن به پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته ابو عبدالله جي ماءُ روئي اسپين جي راڻيءَ کي عرض ڪيو ته منهنجو پٽ آڻ مڃي رهيو آهي ۽ هو غرناطا شهر جون چاٻيون واپس ڪري رهيو آهي پر هن کي ذليل نه ڪيو وڃي.
چيو وڃي ٿو ته جڏهن ابو عبدالله (غرناطا جي آخري حاڪم) غرناطا مان بي گهر ٿي ٻيڙيءَ رستي ڀؤنچ سمنڊ ڪراس ڪري موراڪو وڃي رهيو هو ته ان وقت پٺيان مڙي اسپين کي ڏٺو، جتي عربن جي 700 سال حڪومت رهي، روئي ڏنو. سندس هي حال ڏسي سندس ماءُ چيس، ”هاڻ توکي رنن وانگر روئڻ نه کپي جڏهن تون مرد ٿي حڪومت کي بچائي نه سگهئين.“
ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڀؤنچ Mediterranean سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت يا ڀؤنچ سمنڊ مان نڪرڻ وقت جبرالٽر نار مان لنگهندي، جڏهن هڪ پاسي اسپين جو ڪنارو هوندو آهي ۽ ٻئي پاسي موراڪو، هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ اهو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن ته هڪ اهو زمانو هو جڏهن اسان جي مسلمانن جهڙين تهڙين ٻيڙين ۾ موراڪو کان اسپين پهچي يورپ جي ملڪن تي قبضو ڪيو ۽ 700 کن سال حڪومت ڪئي ۽ هڪ اهو زمانو هو جڏهن اتي جو آخري مسلمان حاڪم ابو عبدالله رئندي اسپين ڇڏيو ۽ هن سمنڊ مان لنگهي موراڪو ۾ اچي پناهه ورتي! انهن ڳالهين مان اڄ اسان جي حاڪمن کي سبق سکڻ کپي ته قدرت طرفان مليل پئسو، دولت، حڪمراني هڪ ٽرسٽ آهي جنهن ۾ ويساگهاتي ڪرڻ سان اهڙو ئي انجام ٿئي ٿو.