مصر جو چور..... Thief of Egypt
His Majesty Farouk I, by the grace of God, King of Egypt & Sudan, Sovereign of Nubia, of Kordofan and of Darfar.
شاه فاروق اول 1920ع ۾ مصر جي شهر اليگزينڊريا (يعني سڪندريه) ۾ جنم ورتو. سندس والد ”فواد اول“ جي 1936ع ۾ وفات ڪرڻ تي هن ”فاروق اول“ کي سورهن سالن جي ڄمار ۾ بادشاهه بڻايو ويو. ٻن سالن بعد يعني 18 ورهين جي عمر ۾ هن پهرين شادي فريده سان ڪئي. ڏهن سالن بعد (1948ع ۾) کيس طلاق ڏني. فريده مان کيس ٽي ڌيون ٿيون. ٻي شادي 1951ع ۾ ناريمن صادق سان ڪئي جنهن کي 1954ع ۾ طلاق ڏنائين. هن مان کيس هڪ ٻار ٿيو.
شاه فاروق جي زندگي عياشيءَ ۽ لاپرواهيءَ جي رهي جنهن ۾ عوام ۽ ملڪ جي ڀينگ ٿي وئي. آخر سندس فوج ئي 1952ع ۾ ملڪ ۾ انقلاب آندو جنهن جو اڳواڻ ۽ ڪَرتا ڌرتا ميجر جمال عبدالناصر ۽ محمد نجيب هو جيڪي انقلاب بعد وزيراعظم ۽ صدر ٿيا ۽ بادشاهه سلامت کي ملڪ کان ڀڄائي ڪڍيائون. شاه فاروق اٽلي هليو ويو جو هنن لاءِ اٽلي ائين هو جيئن اسان جي ڀاڄوڪڙ سياستدانن/حاڪمن لاءِ انگلينڊ آهي. شاه فاروق ۽ ان وقت جي اشرافيه عوام جي ٻولي عربي ڳالهائڻ بدران اطالوي ۽ فرينچ ڳالهائيندي فخر محسوس ڪندا هئا.
شاه فاروق ملڪ بدري ۾ اٽليءَ جي شهر نيپلس ۾ ۽ پوءِ وفات تائين روم ۾ رهيو. هن جيڪي 13 سال ملڪ بدري(Exile) ۾ گذاريا ان ۾ به هن اهي اهي ڪم ڪيا جن مسلمانن کي شرمائي رکيو. شراب سو نٿي پيتائين باقي ٻي ڪهڙي عياشي هئي جيڪا هن نٿي ڪئي. رنڊي بازي ۽ جوا کان چوري ۽ جيب ڪتريءَ ۾ به هو مشهور رهيو. ائين ته اسان جا حاڪم به عوام لاءِ مليل ترڪ حاڪم کان هار پنهنجي گهر کڻيو اچن پر شاه فاروق ته انگلينڊ جي دبنگ وزيراعظم سرونسٽن چرچل کي به نه بخشيو. هن جي ڏنل دعوت ۾ هن جي واچ چوري ڪري آيو. بعد ۾ جهلجي پوڻ تي شرم کي پرچائڻ لاءِ اهو ئي چيائين ته مون چرچل سان ”پرئڪٽيڪل جوڪ“ ڪئي.
مٿي لکيو اٿم ته مصر جي بادشاهه ۽ هن جي گهر جي ڀاتين پنهنجي ملڪ جي ٻولي عربي ڳالهائڻ ۾ دلچسپي نٿي ورتي. ان تي ڪيترن کي شايد حيرت لڳي پر اهو به سوچڻ کپي ته اها حقيقت آهي. ويندي اسان جي ملڪ ۾ ئي کڻي ڏسو آئون نٿو سمجهان ته اسان جا مستقبل جا حاڪم بڻجڻ جي سوچ رکندڙ سنڌي سکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. فاروق اول پيءُ جي وفات تي گهٽ ۾ گهٽ عوام کي عربيءَ ۾ ته خطاب ڪيو سو به ريڊيو ذريعي. سندس پيءُ بادشاهه فواد اول ته ڪڏهن به ڊائريڪٽ عوام سان نه ڳالهايو. ڪا اهڙي ڳالهه ٿيندي هئي، زلزلو آيو ٿي يا ٻوڏ جهڙي مصيبت ته بادشاهه پاران هن جي ڪنهن چمچي بيان ڏنو ٿي ته بادشاهه سلامت کي وڏو فڪر آهي. حقيقت ۾ بادشاهه کي نه خبر پئي ٿي ۽ نه ڪو عوام لاءِ فڪر هو. فڪر به آخر ڇو ڪن؟ سڄو ملڪ هنن جو هو ۽ هنن عوام به پنهنجو غلام سمجهيو ٿي. هڪ پاسي هو مصر ۽ سوڊان جيڏي وڏي ملڪ جا مالڪ هئا، ته ٻئي پاسي ايران به ته سندن سمجهڻ کپي جتي جو بادشاهه محمد رضا پهلوي هو جنهن جي راڻي گهٽ ۾ گهٽ پهريان ڏهه سال کن 1939ع کان 1948ع تائين، شاه فاروق جي ڀيڻ فوزيه هئي. طلاق بعد راڻي فوزيه مصر جي هڪ فوجي ڪرنل ”اسماعيل شيرين“ سان شادي ڪئي. هوڏانهن شهنشاهه ايران 1951ع ۾ ٻي شادي ثريا ايسفندياري بختياريءَ سان ڪئي ۽ ٽي شادي 1959ع ۾ فرح ديبا سان ڪئي جنهن مان چار ٻار: رضا، فرح ناز، علي رضا ۽ ليلا ٿيا. شهنشاهه ايران سان معاشقي ۽ شاديءَ بعد شاهه سان گذاريل زندگي جو احوال پڙهڻ وٽان آهي جيڪو فرح ديبا پهلويءَ پنهنجي ڪهاڻي: Enduring Love: My Life With The Shah نالي ڪتاب ۾ لکي آهي. هي ڪتاب ڪنهن وقت سڄي يورپ ۾ Best Seller مڃيو ويو ٿي. اڄ ڪلهه ته هر هڪ جي هٿ ۾ ”آءِ پئڊ“ آهن پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، فرح ديبا جو هي ڪتاب ڇپجڻ تي نه فقط انگلينڊ ۾ پر جرمني، فرانس ۽ اسپين ۾ به ماڻهن جي هٿ ۾ هو.
ايران ويندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته ايران ۾ جيڪو ”فوزيه آباد“ شهر آهي اهو شهنشاهه ايران جي هن پهرين زال فوزيه جي نالي آهي جنهن شهرجو نالو اڄ به اهو ئي ”فوزيا آباد“ آهي. شهزادي فوزيه جيڪا بعد ۾ پهلويءَ مان فوزيه شيرين ٿي ان جي نالي قاهري جي علائقي ”مادي“ ۾ پڻ هڪ گهٽيءَ جو نالو ”اميره فوزيه اسٽريٽ“ رکيو ويو پر پوءِ انقلاب بعد 1956ع ۾ ان گهٽيءَ جو نالو ”مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ“ رکيو ويو.
پاڻ مصر جي آخري بادشاهه ”فاروق اول“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن جي عياشين ۽ عوام کان دورين ڪري هن نه رڳو پنهنجو تخت وڃايو پر پراڻي سلطنت- محمد شاهه پاشا گهراڻي جو راڄ ختم ڪيو جنهن جو پاڻ ڏهون بادشاهه هو. بقول ان وقت جي برٽش هاءِ ڪمشنر جي: “Farouk is Uneducated, lazy, untruthful irrepressible and vain…”
فاروق کي تعليم يافته بڻائڻ لاءِ سندس پيءُ بادشاهه فواد اول ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هن گهر ۾ اچي پڙهائڻ وارن کي به چڻا چٻرائي ڇڏيا. افعال ڪجهه نه هوس پر چمچا چمچا ٽيوشن پڙهائڻ وارا سندس هر ڳالهه تي واهه واهه پيا ڪندا هئا. هڪ هنڌ آهي ته گهر ۾ پڙهائڻ واري هن جي لکيل مضمون تي رمارڪ لکيا: “Excellent. A brilliant future awaits you in the world of literature.” اهي رمارڪس هن کي ان لکيل مضمون تي ڏنا ويا جنهن جو شروعاتي جملو هو.... ”منهنجي پيءُ کي ڪيترائي وزير آهن پر مون وٽ فقط هڪ ٻلي.“
شاه فاروق کي پهريون ٻار ڌيءَ ٿيو ته هن پاڻ ۾ مردانگي گهٽ سمجهي شرمندگي محسوس ڪئي جو ان وقت ان معاشري ۾، ويندي اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ به اهو سمجهيو ويو ٿي ته همبستري ۾ جيڪو حاوي رهي ٿو ان جنس جو ٻار ٿئي ٿو. سو شاه فاروق پنهنجي شهوت وڌائڻ خاطر حڪيمن جون ڏَسيل خوراڪون ۽ ڪشتا کائڻ لڳو. هڪ هڪ ڏينهن ۾ 600 اويسٽر (Oyster)- سپن ۾ موجود ڪينئان کائڻ لڳو جن ۾ تمام گهڻي گرمائش ٿئي ٿي ۽ اهڙي ٿولهه چڙهي ويس جوآخر تائين نه لٿي. کيس واهيات ڳالهيون ٻڌڻ ۽ اگهاڙا فوٽو گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو جن جي هن وٽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي Collection هئي. چورين بابت ته پهرين ئي لکي چڪو آهيان ته هن نه رعيت کي ٿي ڇڏيو نه مهمانن کي. ماڻهن پنهنجي منهن هن کيThief of Egypt سڏيو ٿي.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسان ”ڪنگ فاروق“ نالي ڪتاب وڏي شوق سان پڙهيو هو جيڪو 1952ع ۾ انقلاب بعد ڪنهن انگريز لکيو هو. هي ڪتاب ان وقت جي اسان نوجوانن ۾ ان ڪري مشهور نه هو ته ڪو اسان کي ڪو مصر يا مسلمانن جي تاريخ پڙهڻ جو جنون هو پر ان ڪري اهو ڪتاب مشهور هو جو هن ۾ هن بادشاهه جي شباب ۽ شهوت جون ڳالهيون هيون. بعد ۾ مون اهو ئي سوچيو ته هڪ مسلمان بادشاهه جي ناتي انگريزن هن کي خوار ڪيو آهي پر پوءِ وقت گذرڻ سان فاروق جي زندگيءَ تي انگريز تاريخدانن، رنڊين ويندي مسلمان عرب ليکڪن اهڙيون ڳالهيون لکيون جو حيرت ٿي ٿئي. اڄ ڏينهن تائين، منهنجي خيال ۾، جيترا مختلف ٻولين ۾ شاه فاروق تي ڪتاب لکيا ويا آهن يا فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيون آهن اوتريون ٻئي ڪنهن بادشاهه تي نه هونديون. اڄ ڪلهه شاه فاروق بابت جيڪي ٽاپ جا ڪتاب آهن، اهي آهن:
“Too Rich- the High Life & Tragic Death of King Farouk”- by wlliam Stadiem.
A King Oppressed – The Story of Farouk of Egypt (1936-1952)” by Bassil Mardelh.
“Farouk- Last of Pharaohs.”
“Farouk’s Fancies” by Fioradeal.
مٿي ته مون چند ڪتاب لکيا آهن جن ۾ مصر جي هن آخري بادشاهه فاروق جون دلپشوري ڳالهيون بيان ٿيل آهن نه ته ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ورلي ڪو اهڙو عياش بادشاهه هوندو جنهن تي ايترو لکيو ويو هجي. نه رڳو ڪتاب پر مختلف رسالن: ٽائيم ۽ نيوز ويڪ کان لائيف، السٽرٽيڊ، پوسٽ، پينٽ هائوس، پيپلز ۽ ٻين انگريزي، فرينچ، عربي ۽ اطالوي رسالن جي ٽائيٽل ڪور تي سندس تصويرون ۽ اندر عشق محبت ۽ عياشين جون ڳالهيون مليون ٿي. ڪنهن جو TIME جهڙي رسالي جي ٽائيٽل تي هڪ دفعو فوٽو اچي وڃي ته به اهو وڏي ڳالهه ٿو سمجهجي. شاه فاروق جو ته گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا اچي چُڪو آهي.
1952ع ۾ فاروق جي بادشاهت خلاف آيل انقلاب ۾ شاه فاروق تڙ تڪڙ ۾ مصر ڇڏيو. سندس سالن کان گڏ ڪيل شيون، ويندي اگهاڙين تصويرن (Pornography) جا انبار پٺيان رهجي ويا جن بابت معلوم ڪري دنيا وائڙي ٿي وئي. پنهنجو ملڪ ڇڏي دربدريءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ اٽليءَ پهتو ته هن 30 جولاءِ 1952ع ۾ جيڪا پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ هن صحافين کان انگريزي، فرينچ ۽ اطالوي ۾ سوال ورتا. هو اهو ئي چوندو رهيو ته هو هاڻ هڪ غريب ماڻهو آهي پر صحافين نوٽ ڪيو ته هن جيڪو روم جو مشهور وڪيل D’ Emilio ڪيو آهي اهو پنهنجي في جي خيال کان ”وڪيلن جو راجا“ سڏجي ٿو. فاروق روم ۾ جيڪو گهر مسواڙ تي ورتو ۽ سندس مرڻ تائين هن جي حوالي رهيو، هڪ محل کان گهٽ نه هو.
شاه فاروق ڏيهه بدري (Exile) وارن ڏينهن ۾ به روم جهڙي مهانگي شهر ۾ پنهنجي اها ئي عياشيءَ جي زندگي قائم رکي جيڪا هن بادشاهت جي ڏينهن ۾ گذاري ٿي. هر رات روم جي مهانگن نائيٽ ڪلبن ۾ گذارڻ هن جي عادت هئي. ايتري قدر جو روم جا لوڪل اطالوي ماڻهو هن کي King of Night سڏڻ لڳا. نائيٽ ڪلبن ۾ هن اڪثر مختلف فلمي اداڪارائن سان وقت گذاريو ٿي جيڪي فلمن ۾ جاب حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪا کائينديون رهيون ٿي. اهي مختلف شهرن کان روم ۾ جاب جي ڳولا لاءِ آيون ٿي جيئن ممبئي بالي ووڊ فلمن جو اڏو هجڻ ڪري فلمي اداڪاريءَ جون شوقين عورتون ممبئي ۾ پهچيو وڃن. فاروق بادشاهه انهن هالي ووڊ اداڪارائن سان گڏ به نظر آيو ٿي جيڪي روم ۾ آمريڪا کان سستائي هجڻ ڪري فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاءِ پهتيون ٿي.