ثريا جي شادي
جن اصفهان ڏٺو هوندو ۽ اتي شيخ لطف الله جي مشهور ۽ خوبصورت مسجد ڏٺي هوندي انهن لاءِ لکندو هلان ته تهران جي هن ”محل مرمر“ جو گنبذ بلڪل ان جهڙو آهي. هيءَ مسجد 1603ع ۾ صفوي سلطنت جي دور ۾ ٺهي هئي ۽ عمارتسازيءَ جو Master Piece آهي. انهن ڏينهن ۾ پرشيا (ايران) تي شاهه عباس اول جي حڪومت هئي.
تهران ۾ ”محل مرمر“ کان علاوه ”گلستان محل“ به ڏسڻ وٽان آهي هي به صفوي گهراڻي جي دور حڪومت جي ڏينهن جو آهي جن ڏينهن ۾ ”شاهه تهماسب اول“ جي 1524ع کان 1576ع تائين حڪومت هئي. مٿئين صفوي گهراڻي جي شهنشاهه شاهه عباس اول جي حڪومت 1588ع کان 1629ع تائين رهي.
بهرحال شهنشاهه ايران ۽ ثريا اسفندياري جي ڌام ڌوم واري شاديءَ بعد ته پوءِ ڪيترين ئي شادين بابت ٻڌوسين ته اهي وڏي شان ۽ خرچ سان ٿيون. ويندي اسان جهڙي غريب ملڪن جا سياستدان به شادين تي جيڪو پئسو لٽائين ٿا اهو دنيا کي اچرج ۾ وجهيو ڇڏي پر ان دور ۾ شهنشاهه ايران پنهنجي شاديءَ تي جيڪو بندوبست ڪيو، ان جو ذڪر اسان ڪجهه وڏا ٿي Life جهڙن رنگين ۽ تصويرن سان ڀرپور پراڻن رسالن ۾ پڙهيو. شادي هال جي اسٽيج کي سينگارڻ لاءِ نيدر لينڊس (هالينڊ) مان هوائي جهاز ذريعي ڏيڊ ٽن مختلف گل (Orchids/Tulips) گهرايا ويا هئا. مهمانن جي انٽرٽينمينٽ (دل وندرائڻ) لاءِ روم (پئرس) کان اتي جي خاص سرڪس گهرائي وئي. سرڪس معنيٰ رڳو ماڻهو ته نه هوندا... هاٿي، گهوڙا، شيهن ٻيا جانور به ته آيا هوندا. ڪنوار (ثريا) لاءِ شاديءَ جو وڳو هيرن موتين سان جڙيل فرانس جي مهانگي ڪمپني ”ڪرسچن ڊائر“ کان ڊيزائين ڪرايو ويو هو. چون ٿا ته شاهه جو جن عورتن سان Affair هليو يا شادي ٿي، انهن ۾ ثريا اها هئي جنهن سان هن جو سچو پيار رهيو. پر افسوس جو هنن جي جدائي ٿي جو هڪ ته ايران جي عوام ثريا کي نه صحيح مسلمان سمجهيو ٿي ۽ نه ايراني. هوءَ ايران جي ڪلچر ثقافت کان بلڪل بي خبر هئي ويتر پٽ ٻار نه ڄڻڻ ڪري سندس سَسُ ۽ نڻانون به سندس پٺيان هيون ۽ شهنشاهه کي ڇتو ڪري رهيون هيون ته ان کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ کي جهل جيڪا هن تخت و تاج جو والي وارث ڄڻي ڏئي.
ثريا پنهنجي زندگي ۽ آس پاس جي حالتن بابت تمام گهڻو لکيو آهي، هڪ هنڌ ٻڌائي ٿي ته:
I was dunce I knew next to nothing of the geography, the legends of my country, nothing of its history, nothing of Muslim religion”
دراصل ٻار ماءُ جي نيپاج مطابق رهي ٿو. ثريا جو پيءُ خليل اسفندياري ته ايراني ۽ مسلمان هو پر ثريا جي والده جرمن ۽ ڪئٿولڪ عيسائي هئي ۽ هونءَ به تعليم خاطر ثريا ننڍي هوندي کان انگلينڊ ۽ يورپي ملڪن جرمني ۽ سئٽزرلينڊ ۾ رهي ان ڪري هن جي Identity (سڃاڻپ) مڪس اپ رهي. ان ڪري ايران جا مُلان ته هن کي مسلمان مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ هنن جو اهو ئي چوڻ رهيو ته شهنشاهه ايران هن نيم يورپي ڇوڪري (Half European Girl) سان ڇو شادي ڪئي آهي، جنهن کي اسلام جي ڪا خبر ناهي. ثريا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ هنڌ ان حوالي سان لکي ٿي:
The feeling of being both Christian & Muslim, but at the same time of being neither one nor the other has engraved in my flesh two divergent poles between which my existence has unfolded. The one is methodically European the other savagely Persian.”
مون ڄاڻي واڻي ثريا جي بايو گرافيءَ جا ڪجهه حوالا سندس انگريزيءَ ۾ ئي ڏنا آهن ته پڙهندڙ هن جي انگريزي جملن، لفظن جي چونڊ ۽ خيالن جي Clarity جو اندازو لڳائي appreciate ڪري سگهن ته هوءَ بينظير وانگر نه فقط سهڻي هئي پر انگريزيءَ ۾ به قابل هئي جنهن کي دنيا مڃيو ٿي. سندس آٽو بايوگرافي 1964ع ۾ ڇپي هئي انهن ڏينهن ۾ اسان چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ جهازراني جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اسان جي اهم وندر ناول پڙهڻ هو ۽ اسان وڏي شوق سان هر هفتي ٽائيم ۽ نيوز ويڪ رسالن ۾ ڏسندا رهندا هئاسين ته ڪهڙو ڪتاب ”بيسٽ سيلر“ ٿيو آهي. ثريا جي بايوگرافي مارڪيٽ ۾ اچڻ سان ان کي يڪدم دنيا ۾ Best- Seller مڃيو ويو پر ايران ۾ ان تي بندش پئجي وئي. پاڪستان ۾ ته هونئن ئي هر ڪتاب سالن بعد وڪري لاءِ ايندو هو ۽ ٻاهريون ڪتاب هڪ ته مهانگو ملندو هو ٻيو ان جي خريد ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان اجازت وٺڻي پوندي هئي! ڇا ته اسان جي ملڪ جا انڌا اونڌا قانون رهيا آهن. مون جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ تي پهرين بندرگاهه ڪولمبو (سلون) مان ٻين ناولن سان گڏ اهو به خريد ڪيو ۽ مونکي حيرت ٿي ته اتي ٻاهر جا ڪتاب اصل قيمت کان به سستا ٿي مليا جو حڪومت ڪتابن لاءِ Subsidiary رکي هئي. حق تي سري لنڪا ۽ فلپين جهڙن ملڪن جا دڪاندار، بئرا، گاڏي وارا، ٽئڪسي وارا به انگريزي ڳالهائين ٿا. منهنجي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن- خاص ڪري انگريزي ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته هو ان قسم جون انگريزي آتم ڪٿائون پڙهن جيئن بينظير جي آهي. انهن جي انگريزيءَ سان گڏ انهن جي سوچ ۽ جدوجهد جي به خبر پوي ٿي. جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ هوس ته بينظير جي آتم ڪٿا فنس ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي هئي جيڪا فنلينڊ ۾ ايڏو پسند ڪئي وئي جو ڇهه مهينن کان پوءِ فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ هيلسنڪي ويس ته اتي جا ڳوٺاڻا به تعريف ڪري رهيا هئا. ان سلسلي ۾ پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ويندي فاطمه ڀٽو جا ڪتاب بهپڙهڻ کپن ۽ ان ئي ليول تي مونکي عمران خان ۽ تهمينه درانيءَ جي انگريزي به ڏاڍي سٺي لڳي ۽ آئون انگريزي لٽريچر جي شوقينن کي اهڙن ماڻهن جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندس. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي يونيورسٽين جا نوجوان هفتي ۾ هڪ ڇا، مهيني ۾ هڪ ڪتاب پڙهي نٿا سگهن ۽ پوءِ ڏوهه، اڄ جي آءِ پئڊ، موبائيل فون، انٽرنيٽ، فيس بڪ، واٽس ائپ تي ٿا هڻن! ڇا اهي شيون ملائيشيا، جپان، ايران، سري لنڪا يا انڊيا ۾ نه آهن؟ ان ڪري آئون پنهنجن وي سين کي چوندو رهندو هوس ته ڀاڙي جي لحاظ کان ممبئي يونيورسٽي ويجهي آهي، رهائش ۽ ڪئنٽين ۾ ماني به سستي آهي. اسان جي شاگردن کي ٽولن جي شڪل ۾ اوڏانهن هفتي هفتي جي ٽوئر تي موڪليو وڃي جيئن هو اتي جي شاگردن ۽ ماحول جو جائزو وٺي پاڻ سان ڀيٽي سگهن. بهرحال هاڻ ته سياسي طرح اهڙو ته خراب ماحول ٿي چڪو آهي جو ان طرف رخ ڪرڻ بيوقوفي آهي. ٽوئر لاءِ ته ڇا پر ڪنهن مائٽ سان ملڻ به نه وڃجي.
(ثريا) جي شاديءَ ۾ رڦڙو ٿيندو رهيو. پهرين زال فوزيه جو جيئن سندس سس (شهنشاهه ايران جي ماءُ) مٿو ٿي ڦاڙيو تيئن هوءَ ۽ شهنشاهه جون ڀيڻون به هن ٻي زال (ثريا) جي ڪڍ پئجي ويون. هنن کان اهو به نٿي برداشت ٿيو ته زال مڙس هڪ ٻئي کي چاهين ٿا ... ڇو جو ان صورت ۾ شهنشاهه کين گهٽ وقت ڏنو ٿي. ٻي وڏي اها ئي شڪايت ته ثريا ٻار ڄڻي سو به پٽ ٻار. ان ڪري هو هر وقت ثريا جي بي عزتي ڪنديون رهيون ٿي ۽ ثريا ان طعني ٽوڪ مان بيزار ٿي پئي. سوچجي ٿو ته بادشاهن جي محلن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سڪون ناهي. سڪون آهي ته جهوپڙين ۾ به آهي. ٻي ڳالهه جنهن ثريا کي سخت ڊپريشن ڏني اهو سندس مڙس شهنشاهه محمد رضا پهلوي جو هڪ شيطان صفت دوست، سئٽزر لينڊ جو سيڪريٽري ۽ گهاٽو يار ”ارنيسٽ“ هو. بقول ثريا جي ارنيسٽ (سڄو نالو Ernest Perron) هڪ هم جنس ۽ عورتن سان نفرت ڪرڻ وارو شخص هو. هو هر وقت درٻار يا محل ۾ نفرتون پکيڙيندو رهيو پر شهنشاهه ايران هن کان سواءِ رهي نٿي سگهيو. هو هن وٽ واحيات ڳالهيون ۽ گندا چرچا ٻڌڻ لاءِ پهچي ويو ٿي.“ ارنيسٽ محل ۾ ثريا وٽ به پهچي ويو ٿي ۽ هن کان ڪيترائي دفعا گندا سوال پڇيا ٿي خاص ڪري هن جا شهنشاهه سان جنسي تعلقاتن بابت. هڪ دفعي ته ثريا کي اهڙي باهه وئي جو هن کي ”مرمر محل“ مان لوڌي ڪڍيو.
دراصل اسان جي ڪيترن حاڪمن، وزيرن، سياستدانن، وڏيرن، سردارن، پيرن جو ڪو نه ڪو اهڙو گندي قسم جو دوست به ٿيندو آهي جنهن جو ڪم فحش ڳالهيون، غلط راهون ڏسڻ، رنون ۽ شراب سپلاءِ ڪرڻ، غريبن ۽ ڪمزورن جون نياڻيون ڀڄائڻ جاءِ چُرچ ڪرڻ هوندو آهي ۽ اسان جا اهي رئيس ۽ طاقتور ماڻهو اهڙن ڀاڙين جي چمبي ۾ اهڙو ته هوندا آهن جو پنهنجي زالن جي به ڳالهه نه ٻڌندا آهن. اهو ئي حال ايران جي هن شهنشاهه جو هو.