ايران جو شهر شيراز ۽ اسان جو ٺٽو
شيراز ٺٽي شهر کان گهڻو گهڻو پوءِ 693ع۾ بنو اميه گهراڻي جي خليفي ماڊرن بڻايو. ان بعد مغاري ۽ البويا گهراڻي جي حاڪمن به هن شهر کي ٺاهيو. اڄ اسان شيراز سان ٺٽي جو مقابلو نٿا ڪري سگهون. شيراز لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو شاعرن، شرابن، گلن، گلمن (غاليچن)، ادب، آرٽ ۽ بلبلن کان مشهور آهي. اڄ جي ٺٽي لاءِ ڇا لکجي؟ گذريل هفتي جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ٺٽي جي ئي ڪنهن همراهه جي حڪومت کي اپيل هئي ته ”خدارا هن شهر کي بچايو جيڪو ڀڳل گهٽين، اٿلندڙ گٽرن، ڪچري جي ڍيرن، مڇرن ۽ رول ڪتن جو شهر بڻجي ويو آهي“.