شهنشاهه ايران جو نصيب
اها ته حقيقت آهي ڪو زمانو هو 1980ع تائين جو ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ اسان پاڪستانين کي بنا ويزا جي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ڏيندا هئا. ترڪي ۽ ايران ۾ ته RCD معاهدي تحت بنا پاسپورٽ جي پيو اچبو وڃبو هو. پوءِ اهي ملڪ ته امير ٿي ويا اسان غريب تر ٿي وياسين ته هاڻ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي.
هتي اهو به لکندو هلان ته فرح ديبا جو لکيل مٿيون ڪتاب جڏهن 2003ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته اهو ڪتاب Best seller قرار ڏنو ويو ۽ هن ڪتاب جا ٽڪرا ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ايندا رهيا. شهنشاهه ايران هاڻي والي وارث کان مطمئن هو ته سندس نسب ”پهلوي“ جو سلسلو اڳتي هلندو ۽ ان مان به خوش هو ته هو هڪ امير ملڪ جو بادشاهه آهي جنهن جو مقابلو ڀر وارا عرب ملڪ ته ڇا ايشيا جا وڏا ملڪ به نه ڪري سگهندا. آمريڪا تيل حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ايران جي خوشامد ڪندو رهيو ۽ کيس اعليٰ کان اعليٰ فوجي هٿيار ڏئي ايران کي اهڙو ته ماڊرن ۽ طاقتور ملڪ بنائي ڇڏيائين جو شهنشاهه پنهنجي ملڪ جي سونهن، دولت ۽ طاقت جو سوچي فخر ۾ ”ٽانءَ ڀريو سامبر“ ٿيو پئي هليو. کيس مستقبل جي ڪهڙي خبر ته ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي. انهي دوران قدرت ايران کان ٽيڻو چئوڻو تيل سعودي عرب جي بدوئن کي به ڏئي ڇڏيو. امام خميني جهڙي هڪ ناتوان ۽ پوڙهي ملان کي، جنهن کي شهنشاهه ايران في الحال ڏيهه نيڪالي ڏئي ٽاري ڇڏيو ان لاءِ عوام ايڏو گوڙ ڪيو جو شهنشاهه ايران مجبور ٿي هن کي 1979ع ۾ واپس گهرايو جنهن اچڻ سان بادشاهه جي سيني تي مڱ ڏرڻ شروع ڪيا ۽ شهنشاهه ايران مجبور ٿي جان بچائڻ خاطر ايران ڇڏي ويو، پر ان کان به اڳ هن کي ڪئنسر جهڙي موذي مرض اهڙو ته ڪمزور ڪيو جو هن کي ٻن ڄڻن جهلي هلايو ٿي.
حالت اها ٿي جو آمريڪا جهڙا ملڪ جن دوستيءَ جي هام ڀري ٿي سي به شاهه کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. شهنشاهه ايران ۽ سندس ٻار جنهن نموني سان ملڪ ملڪ جون ٺوڪرون کائيندا رهيا ۽ جنهن نموني سان شهنشاهه ايران بيماريءَ کي منهن ڏيندو رهيو ۽ جلد وفات ڪري ويو- نه فقط پاڻ پر سندس ٻه ننڍا ٻار: علي رضا پهلوي ۽ ليلا پهلوي جيڪي گهر جون هي حالتون ڏسي ڊپريشن جو شڪار ٿي پيا ۽ خودڪشي ڪيائون اهو قدرت طرفان اڄ به اسان لاءِ سبق آهي ته پئسو ۽ دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي ۽ تخت و تاج تي غرور ڪرڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل ناهي. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ حضرت موسيٰ رضه جهڙن ڪمزور انسانن فرعون جهڙن طاقتورن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ امام خمينيءَ جهڙن پوڙهن ۽ غريب انسانن هڪ اهڙي بادشاهه کي رلائي ڇڏيو جيڪو سڄي زندگي ان ۾ پريشان رهيو ته پنهنجي هيڏي ملڪ لاءِ وارث هٿ ڪريان اهو پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪنهن ملڪ ۾ پنهنجي رهائش لاءِ چئن ڪمرن جو گهر حاصل ڪري نه سگهيو.