الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

شاھي شجرا

پهلوي گهراڻو (ايران)

رضا شاهه پهلوي:
(ڄم 1878، وفات: 1944ع) (شهنشاهه: 1925ع کان 1941ع)-
ان کان اڳ ٻه سال ايران جو وزيراعظم ۽ ٻه سال وزير به رهيو)
سندس پيءُ ميجر عباس علي خان فوج ۾ هو ۽ ماءُ نوش آفرين جارجيا کان لڏي آئي هئي).
رضا شاهه پهلويءَ انقلاب آڻي قاجار گهراڻي جي آخري بادشاهه احمد شاهه قاجار کي يورپ ڀڄائي ڪڍيو ۽ پاڻ پهلوي گهراڻي جو بنياد رکي پهريون پهلوي بادشاهه ٿيو.

محمد رضا شاهه پهلوي
(ڄم: 1919ع، وفات 1980ع) شهنشاهه: 1941ع کان 1979ع)
ماءُ: رضا شاهه جي ٻي زال تاج الملوڪ
زالون: 1- مصر جي شهزادي فوزيه (شاه فاروق جي ڀيڻ)
ڄم: 1921ع، شادي 1939ع، طلاق 1948ع وفات: 2013ع
اولاد: شهزادي شهناز (ڄم 1940ع
2- ثريا اسفندري بختياري
ڄم: 1932ع، شادي: 1951ع طلاق 1958ع، وفات: 2001ع
3- فرح ديبا
ڄم: 1938ع ، شادي 1959ع،
اولاد: وليعهد شهزادو رضا پهلوي (ڄم 1960ع) زال: ياسمين
* شهزادي فرح ناز (ڄم: 1963ع)
* شهزادو علي رضا، ڄم: 1966ع، وفات: 2011ع
* شهزادي ليلا، (ڄم: 1970ع، وفات: 2001ع
شهزادي رضا پهلويءَ کي ٽي ٻار ٿيا: شهزادي نور، شهزادي ايمان ۽ شهزادي فرح.
شهزادي علي رضا کي هڪ ڌيءُ: اريانا ٿي.


پاشا گهراڻو (مصر)

محمد علي پاشا (گهراڻي جو بنياد رکيو)
(ڄم: 1769ع، وفات: 1849ع) حڪومت 1805ع کان 1848ع
ٻارنهن کن زالون هيس جن مان وڏو پٽ ابراهيم پاشا تخت تي ويٺو.
ابراهيم پاشا بعد محمد علي پاشا جو پوٽو ۽ تشن پاشا جو پٽ عباس پاشا،
ان بعد سعيد، اسماعيل، توفيق، عباس دوم ۽ حسين ڪمال مصر جي تخت تي ويٺا.
ان بعد اسماعيل پاشا جو پٽ شاهه فواد تخت تي ويٺو.

شاهه فواد
(ڄم: 1868ع، وفات 1936ع) حڪومت: 1922ع کان 1936ع
زالون: شيواڪيار ۽ نازلي صابري (شادي: 1919ع)
اولاد: شهزادو اسماعيل، شهزادي فاڪيا، شاه فاروق، فوزيه ايران جي راڻي،
شهزادي فائزه، شهزادي فائڪا ۽ شهزادي فاتحا

شاهه فاروق
(ڄم: 1920ع، وفات: 1965ع، حڪومت 1936ع کان 1952ع
زالون: فريده (شادي 1938ع، طلاق 1948ع)؛
ناريمن صادق (شادي 1951ع، طلاق 1954ع)
اولاد: شهزادي فيريل، شهزادي فوزيه، شهزادي فاديه ۽ فواد دوم.
شاه فاروق جي والده: نازلي صابري

فرانس جو شاهي گهراڻو- ڪيپيشان (Capetian)

987ع ۾ هگ ڪيپٽ بنياد رکيو جيڪو 1328ع تائين هليو.
ان بعد هن خاندان جي هڪ شاخ وئلوئس (Valois) جا بادشاهه ٿيا.
ان بعد 1589ع کان ٻي برانچ بوربن (Bourbon) جا بادشاهه ٿيا.
جيئن ته هينري چوٿون، لوئي (Louis)تيرهون، وغيرهه
لوئي سورهون آخري بادشاهه ٿيو جنهن جي ڏينهن ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو.

لوئي چوڏهون
1643 ۾ لوئي تيرهين جي وفات بعد لوئي چوڏهون فرانس جي تخت تي ويٺو.
لوئي چوڏهين جي ڄم جو سال 1638ع، وفات: 1715ع،
حڪومت 1643ع کان 1715ع تائين

لوئي پندرهون
ڄم: 1710ع، وفات 1774ع، حڪومت 1715ع کان 1774ع
(سندس پٽ لوئي کانئس اڳ 1765ع ۾ گذاري ويو.)
ان ڪري سندس پوٽو لوئي سورهون تخت تي ويٺو.

لوئي سورهون (فرانس جو آخري بادشاهه)
ڄم: 1754ع، وفات: 1793ع، حڪومت 1774ع کان 1792ع
راڻي: مئري (Marie Antoinette) جيڪا آسٽريا جي راڻي ٿيرسا جي ڌيءَ هئي.
سندن شادي 1770ع ۾ ٿي. فرينچ انقلاب 1792ع ۾ آيو.
جنوري 1793ع تي لوئي سورهين ۽ راڻي مئري جو گيلوتين تي سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.

آغا خان اول
46 هون نزاريه امام- حسن علي شاهه.
ڄم: 1804ع ڪهڪِ قم (ايران)، وفات: 1881ع بمبئي، انڊيا، مقبرو: حسن آباد، بمبئي
زال: سرو جهان، والدين: شاهه خليل الله، بِيبي سرڪارا

آغا خان دوم
47 هون امام- آقا علي شاهه
ڄم: 1830ع محلات شهر (ايران)، وفات: 1885ع پوني، انڊيا
مقبرو: نجف (سلطنت عثمانيه جي ڏينهن جو عراق)
زالون: مريم سلطانا ۽ شمس الملوڪ
والدين: حسن علي شاهه ۽ سرو جهان
اولاد: محمد شاهه، شهاب الدين شاهه، نورالدين شاهه

آغا خان سوم
48 هون امام- سر سلطان محمد شاهه
ڄم: 1877ع ڪراچي، بمبئي پريزيڊنسي، برٽش انڊيا
وفات: 1957ع جنيوا (سئٽزر لئنڊ)، مقبرو: اسوان (مصر)
زالون: شهزادي بيگم، Cleope Teresa Magliano
۽ بيگم اُم حبيبا (Yvonne Blanche)
اولاد: علي سلمان آغا خان، صدرالدين آغا خان
والدين: آقا علي شاهه (والد)، شمس الملوڪ (والده)
(بيگم ام حبيبه به اسوان (مصر) ۾ دفن آهي. هن ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. کين آغا سوم ”ماتا سلامت“ جو پڻ لقب ڏنو. پاڻ 1906ع ۾ فرانس ۾ ڄائي ۽ اتي ئي 2000ع ۾ وفات ڪئي. پاڻ 1930ع ۾ مِس فرانس به ٿي هئي. 1944ع ۾ آغا سوم سان شادي ڪئي)

آغا خان چهارم
49 هون امام- پرنس شاهه ڪريم الحسيني
ڄم: 13 ڊسمبر 1936ع، جنيوا، سئٽزرلئنڊ
والدين: پرنس علي سلمان خان (والد) ۽ تاج الدولته (Joan Yarde Buller) والده.
پرنس ڪريم 20 سالن جي ڄمار ۾ 1957ع ۾ ڏاڏي (آغا خان سوم) جي وفات تي امام ٿيو.
پرنس ڪريم جي والد پرنس علي سلمان (ڄم: 1911ع اٽلي، وفات 1960ع ۾ فرانس، مقبرو: سلميه، شام).
پرنس علي سلمان کي ٻه زالون هيون. هڪ تاج الدولته (Joan Yarde) جنهن مان پرنس ڪريم ۽ پرنس امين محمد ٿيو
۽ ٻي زال ريتا هيورٿ جنهن مان شهزادي ياسمين ٿي جيڪا خير جي ڪمن کان دنيا ۾ مشهور آهي).
پرنس ڪريم جون زالون بيگم سلما آغا (Sarah Frances) ۽ بيگم عن آرا آغا (Gabriele Renate)
اولاد: زهره، رحيم، حسين ۽ علي محمد