الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

شهنشاهه ايران جي ٻي زال ثريا ۽ پرنس ڪريم آغا خان جي ڏاڏي اُم حبيبا آغا

پاڻ شهنشاهه ايران جي يورپين جهڙي سهڻي زال ثريا جي ڳالهه پئي ڪئي- يورپين جهڙي ڇا بلڪه هوءَ يورپي ئي چئبي جو ثريا جي ماءُ اِيوا ڪارل جرمن هئي ۽ پيءُ ايران جي نواب خاندان جو خليل بختياري هو جيڪو 1950ع ۾ ويسٽ جرمنيءَ ۾ سفير به رهيو. شهنشاهه ايران جي، پهرين زال فوزيا کي طلاق ڏيڻ بعد يڪدم ثريا سان لنڊن ۾ ملاقات ٿي، جتي هوءَ سئٽزرلينڊ مان تعليم ختم ڪري هاڻ انگريزيءَ ۾ گرئجوئيشن ڪري رهي هئي. ثريا محمد رضا پهلويءَ کان 13 سال ننڍي هئي ۽ ايران جي شهر اصفهان ۾ 1932ع ۾ ڄائي هئي. هن اصفهان ۽ ماءُ جي شهر برلن ۾ ننڍپڻ گذاريو ۽ تعليم لنڊن ۽ سئٽزرلينڊ مان حاصل ڪئي.
محمد رضا پهلوي ۽ ثريا جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. هن شاديءَ جون خبرون اسان به بعد ۾ وڏا ٿي پراڻن انگريزي رسالن ۽ آتم ڪٿائن جي ڪتابن ۾ پڙهيون ته اها ڪيڏي وڏي پئماني تي تهران جي ”ماربل محل“ ۾ 1951ع ۾ ملهائي وئي هئي. شهنشاهه ايران اعلان ڪيو ته هنن کي شاديءَ جي تحفي ۾ ڪوشش ڪري ڪئش ڏني وڃي جيڪا هن ايران جي غريب ماڻهن جي فنڊ ۾ جمع ڪرائي. هن شاديءَ ۾ سوويت يونين (USSR) جي وزيراعظم جوزف اسٽالن هيرن سان جَڙيل منڪ ڪوٽ ڏنو هو. آمريڪا جي ٽيٽيهين صدر هئري ٽرومن ڪَٽ ورڪ وارن گلاسن جو سيٽ ۽ انگلينڊ جي بادشاهه جارج ڇهين چانديءَ جو موم بتي سيٽ موڪليو هو. جارج ڇهون 1936ع کان انگلينڊ جو بادشاهه رهيو. ثريا جي هِن شاديءَ بعد ٻئي سال 1952ع ۾ گذاري ويو. پاڻ ڪامن ويلٿ ملڪن جو پهريون اڳواڻ هو. سندس وفات بعد سندس ڌيءَ راڻي ايلزبيٿ (سڄو نالو ايلزبيٿ اليگزينڊر مئري) انگلينڊ جي راڻي ٿي ۽ اڄ تائين آهي. سندس والده- يعني شهنشاهه جارج ڇهين جي زال جو نالو به ايلزبيٿ هو جيڪا ”ڪوئين مدر“ سڏبي هئي ۽ سندس سڄو نالو ”ايلزبيٿ ائنجيلا مارگوريٽ بوئس ليان“ هو جيڪا 2002ع ۾ گذاري وئي.
شهنشاهه ايران ۽ ثريا جي شاديءَ ۾ چون ٿا ته ٻه هزار اهم ماڻهو گهرايا ويا، جن ۾ آغا خان سوم به شامل هو. بلڪه آئون ته اهو چوندس ته مهمانن ۾ آغا خان سوم (سر سلطان محمد شاهه) اهم ترين مهمان هو. موجوده آغا خان چوٿين شهزادي ڪريم وانگر سندس ڏاڏو آغا خان ٽيون به نه فقط انڊيا ۽ اسان جي ملڪ جي اهم شخصيت رهيو آهي پر ايران ۽ مصر جهڙن ملڪن جي لاءِ پڻ. ڏٺو وڃي ته شهنشاهه ايران ته ڪو خانداني بادشاهه نه هو، سندس پيءُ فوج ۾ معمولي سپاهي هو ۽ ڏاڏو ڪڙمي هو جن قجار سلطنت تي قبضو ڪيو، جنهن قجار شهنشاهي گهراڻي سان آغا خان وارن جو تعلق هو. ايران تي قاجار گهراڻي جي حڪومت 1789ع کان 1925ع تائين رهي. ان بعد پهلوي گهراڻي جو رضا شاهه پهلوي ۽ ان بعد سندس هي پٽ محمد رضا پهلوي بادشاهه ٿيو جنهن کي 11 فيبروري 1979ع تي امام خمينيءَ ڀڄائي ڪڍيو. آغا خان سوم جي ڏاڏي (يعني آغا خان دوم آغا علي شاهه جي والده) سرو جهان (Sarv-e Jahan) قاجار گهراڻي جي ٻئي ۽ بيحد مشهور بادشاهه فتح علي شاهه (جنهن 1797ع کان 1834ع تائين حڪومت ڪئي)، ان جي ڌيءَ هئي. ان کان علاوه هي آغا، نظاري اسماعيلي امام، فاطمي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا. آغا خان سوم سر سلطان محمد شاهه 1877ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ 1957ع ۾ سئٽزر لينڊ ۾ وفات ڪئي پر هن کي مصر ۾ دفن ڪيو ويو جو مصر فاطمي خليفن جي حڪومت جو مرڪز رهيو آهي. آغا خان جو مقبرو مصر جي شهر اسوان ۾ نيل نديءَ جي ڪناري ڀرسان آهي. هي درگاهه نما مقبرو جيڪو گلابي رنگ جي Lime Stone جو ٺهيل آهي جنهن جو گنبذ سنگ مرمر جو آهي، ڏسڻ وٽان آهي- خاص ڪري Location جي خيال کان. هتي اسماعيلين کان علاوه ڌاريان ٽرئرسٽ به ايندا رهن ٿا. آغا خان سوم جي قبر تي هر روز نئون گلاب جو گل رکيو وڃي ٿو جنهن رسم جي شروعات آغا خان سوم جي چوٿين ۽ آخري زال بيگم اُم حبيبه شروع ڪئي.
بيگم ام حبيبه آغا خان تاريخ ۾ هڪ اهم عورت ٿي گذري آهي جيڪا خير خيرات ۽ ڏکويل انسان ذات جي لاءِ ڀلائي جي ڪمن کان مشهور آهي. هن مصر جي غريب عورتن لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو. پاڻ 94 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ آغا خان سوم جي ڀرسان اسوان (مصر) ۾ دفن ٿيل آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته بيگم ام حبيبه هڪ فرينچ ڇوڪري هئي جنهن جو فرانس ۾ 1906ع ۾ ڄمڻ وقت Yvonne Blanche Labrouses نالو هو. هوءَ 1929ع ۾ ٽيويهه سالن جي ڄمار ۾ مس فرانس ”مَلڪه حُسن“ منتخب ٿي. ان سلسلي ۾ هن ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪيو ۽ پوءِ مصر جي سونهن مان متاثر ٿي اتي رهي پئي ۽ 1930ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ام حبيبه رکرايو. آغا خان سوم جي هن سان مصر ۾ ملاقات ٿي ۽ 1944ع ۾ سئٽزر لينڊ ۾ شادي ٿي. هوءَ آغا خان کان 29 سال ننڍي هئي. آئون پنهنجن ملائيشين دوستن کي بيگم ام حبيبه جو ئي مثال ڏيندو آهيان ۽ کين چوندو آهيان ته سندن بادشاهه محمد جيڪڏهن روس جي هڪ ملڪه حسن سان شادي ڪئي ته اجائي تنقيد ڇو ٿا ڪريو ۽ بادشاهه محمد ۽ سندس نئين زال روس جي رخسانا جي عمرن ۾ وڏو فرق آهي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جڏهن ته هو گهوٽ ڪنوار راضي آهن ۽ هڪ ٻئي کي چاهين ٿا.
آغا خان سوم ۽ ام حبيبه جي دوستي ۽ پيار به مثالي رهيو جنهن جي تعريف ۾ آغا خان جون ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ مثال آهن. 1954ع ۾ آغا خان سوم کين ”ماتا سلامت“ جو خطاب ڏنو. هتي اهو به لکندو هلان ته آغا خان سوم (موجوده پرنس ڪريم جي ڏاڏي) جي پاڪستان ٺاهڻ ۾ به ڪافي جدوجهد رهي. پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جو پهريون صدر هو. پوني ۾ جيڪو آغا خان محل آهي، جنهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ”هلي ڏسجي هندوستان...“ ۾ ڪيو آهي، اهو آغا خان سوم 1892ع ۾ ٺهرايو هو. Quit India) واري تحريڪ ۾ انگريزن مهاتما گانڌي ۽ ان جي زال ڪستوربا، سندن سيڪريٽري مهاديو ڏيسائي ۽ سروجني نائدو کي هن محل ۾ نظر بند رکيو هو، جتي مهاديو ۽ ڪستوربا گذاري وئي هئي. 1969ع ۾ پوني جو اهو محل موجوده آغا خان چوٿين پرنس ڪريم خان، انڊيا جي عوام کي donate ڪري ڇڏيو. اهو محل پوني جي ريلوي اسٽيشن ۽ ساڌو واسواڻي چوڪ جي وچ پنڌ تي آهي. ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ هڪ پاسي سينٽ ميران گرلس اسڪول آهي ته ٻئي پاسي گيسٽ هائوس جتي ”صوفي ازم“ تي سيمينار دوران مونکي هفتو کن رهڻ جو موقعو مليو هو. هڪ ٻي ڳالهه ته بيگم ام حبيبه، موجوده اسماعيلي امام ڪريم آغا خان چوٿين جي ڏاڏي آغا خان سوم جي زال هجڻ ڪري ڪريم خان جي ڏاڏي ضرور ٿي پر سندس والد شهزادي علي سلمان خان جي ماءُ نه هئي. آغا خان سوم چار شاديون ڪيون. پرنس آغا ڪريم جو والد ’آغا علي سلمان خان‘ سندس ٻي زال Cleo Teresa Magliano مان آهي، جنهن سان هن 1908ع ۾ شادي ڪئي. 1926ع ۾ آپريشن دوران هوءَ گذاري وئي. ٽي سال رکي 1929ع ۾ آغا خان سوم ائنڊري جوزفين سان شادي ڪئي جنهن مان کين شهزادو صدرالدين آغا خان ٿيو. 1943ع ۾ طلاق ٿيڻ بعد آغا خان سوم بيگم ام حبيبه سان شادي ڪئي. اهو تفصيل ان ڪري پيو لکان ته آغا خان سوم فقط چار شاديون ڪيون ۽ هڪ جي وفات يا طلاق بعد ٻيءَ سان شادي ڪئي ٿي نه ته ان دور ۾ اسان جي حاڪمن جو شاديون ڪرڻ ۽ وڏي کان وڏو حرم رکڻ بابت جيڪو ڪلچر هو ان کان دنيا واقف آهي.