ملائيشيا جو بادشاهي نظام ۽ برونائي، چين ۽ افغانستان جا بادشاھ
سڄي ملڪ جي ”بادشاهه“ جون پنهنجيون جوابداريون آهن ته ”وزيراعظم“، جون پنهنجيون. اهڙي طرح هر رياست جي سلطان جون پنهنجيون ڊيوٽيون آهن ته ان رياست جي چيف منسٽر جون پنهنجيون. چار رياستون جن جا سلطان نه آهن جيئن ته سباح، سراواڪ، پينانگ ۽ ملاڪا، انهن جا حاڪم ”گورنر“ آهن. ڪي رياستون ته ايتريون ننڍيون آهن جو حيرت ٿي ٿئي ته ان جا به وزيراعليٰ ۽ وزير آهن. جيئن ملاڪا رياست جنهن ۾ منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو، پکيڙ ۾ 1666 چورس ڪلو ميٽر آهي يعني خيرپور ضلعي جيڏي آهي جنهن جي پکيڙ 1600 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ اها لاڙڪاڻي يا دادو ضلعي جي چوٿين حصي جيتري آهي جو لاڙڪاڻو ضلعو 7423 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ دادو 7866 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ سانگهڙ ته 10608 چورس ڪلو ميٽر آهي يعني سانگهڙ جهڙي ضلعي مان ڇهه ملاڪا رياستون ٿين ۽ پينانگ (1048 چورس ڪلو ميٽر) جهڙيون ته ڏهه رياستون ٿيون. ذرا سوچيو سانگهڙ ضلعي جا ملاڪا جيڏا ڇهه حصا ڪري ڇهه وزير اعليٰ مقرر ڪجن يا پينانگ جيڏا حصا ڪري ڏهه وزيراعليٰ ۽ ڏهه صوبائي اسيمبليون ڪجن ته عجيب نه لڳي. ٻي ڳالهه ته آدمشماريءَ جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اها ملائيشيا ۾ تمام گهٽ آهي. سڄي ملائيشيا جي پکيڙ 330803 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ آدمشماري فقط 3 ڪروڙ آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي پکيڙ ملائيشيا کان اڍائڻي آهي يعني 881913 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ آدمشماري ملائيشيا کان ستوڻي آهي يعني 22 ڪروڙ آهي!
بهرحال هر سلطان پنهنجي ننڍڙي رياست کي بهتر کان بهتر ۽ ماڊرن بنائڻ ۾ رڌل رهي ٿو. سلطان يا بادشاهه جي ڪري عوام کي اهو فائدو رهي ٿو ته وزيراعظم يا وزيراعليٰ ڪرپشن ڪري ٿو ته اهي هن جي ڪَن مَهٽ ڪن ٿا. اسان وٽ غريب ۽ ڪمزور عوام جي ڇا مجال جو وزيرن سياستدانن کي ڪجهه چون. سو ان حساب سان ملائيشيا جي عوام مزي ۾ آهي جو اتي بادشاهي نظام هوندي به هنن جا سلطان ۽ بادشاهه صحيح معنيٰ ۾ خادمِ اعليٰ آهن ۽ پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي هو چپ چاپ ٻئي لاءِ پنهنجو تاج و تخت ڇڏيو وڃن. اسان وٽ ته عوام جا چونڊيل نمائندا به خدمت ڪرڻ بدران پاڻ کي ”مغل بادشاهه“ سمجهن ٿا ۽ چاهين ٿا ته سندن لهڻ بعد سندن پٽ يا ڌيءَ تخت ڌڻي ٿئي. ملائيشيا جي تاريخ ۾ هي شايد پهريون دفعو آهي جو هڪ بادشاهه وقت کان اڳ، تخت تان دستبردار ٿيو آهي. تخت تان هٿ کڻڻ، تخت کي مرضيءَ سان ڇڏڻ يا ڪنهن بادشاهه کان کسيو وڃڻ لاءِ انگريزيءَ جو لفظ Abdication ئي ترجماني ڪري ٿو. اسان جي سنڌي، اردو، فارسي ٻولين ۾ مونجهارو آهي. ايران ۾ بادشاهه جي اهڙي عمل کي يعني بادشاهيءَ جو منصب ڇڏڻ کي ”ڪناره گيري“ سڏين ٿا ۽ اسان ان کي ”دستبرداري“ سڏيون ٿا- جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهو لفظ به فارسيءَ جو آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ان کي ”تورون تختا“ (Turun Takhta) چون ٿا. منهنجي خيال ۾ اهو لفظ ”سلطان محمد 5“ جي تخت کان ڪناره گيري ڪرڻ کان اڳ تائين ته صحيح هو جو ان کان اڳ ملئي بادشاهن جو تخت اونڌو ڪيو ويو ٿي جيئن پورچوگالين ملاڪا جي سلطان جو تخت اونڌو ڪيو. ملئي ٻوليءَ جو لفظ ”تورون تختا“ معنيٰ تخت اونڌو ڪرڻ آهي. تورون (Turun) معنيٰ اونڌو ڪرڻ ۽ تختا معنيٰ تخت. پر هن بادشاهه ”سلطان محمد 5“ جو تخت ڪنهن اونڌو نه ڪيو هن ته مرضيءَ سان تخت ڇڏي ڏنو، جيئن اڄ جي برونائيءَ جي بادشاهه جي والد 17 سال برونائيءَ تي حڪومت ڪرڻ بعد مقرر تاريخ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته گنج ٿيو. ياد رهي ته تخت ڇڏڻ بعد به هو 19 سال جيئرو رهيو. وڏي ڳالهه آهي! نه ته ڪير آهي جو مرضيءَ سان بادشاهت جي پچر ڇڏي.
بهرحال هن دنيا ۾ مختلف ملڪن ۽ دورن ۾ ڪنهن نه ڪنهن بادشاهه جي Abdication ٿيندي رهي. پوءِ ڪنهن پنهنجي مرضيءَ سان تخت کان ڪناره ڪشي ڪئي ته ڪن جو ٻين ڌڙام تختو (ملئي ٻوليءَ وارو ”تورون تختا“) ڪيو. هن وقت ڪجهه اهڙا حاڪم (بادشاهه) ڌيان ۾ اچي رهيا آهن جن جي ويجهڙائيءَ ۾- يعني صديون اڳ نه پر اسان جي زندگيءَ ۾ Abdication ٿي. يعني هنن بادشاهت ڇڏي يا هنن کان ڇڏرائي وئي.
* حاجي عمر علي سيف الدين سوم (ٽيون)
برونائي پاسي ويندائون ته هن بادشاهه جي هاڪ جتي ڪٿي ٻُڌندائو. برونائيءَ کي ماڊرن ڪرڻ ۾ هن شخص جو هٿ آهي. برونائيءَ کي خودمختياري ڏيارڻ ۾ به هن جو وڏو عمل دخل آهي، ان ڪري عوام هن کي ”باباءِ آزادي“ سڏي ٿي. پاڻ سٺي شاعر هجڻ ڪري به مشهور آهي. سندس نالي برونائيءَ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ مسجدون آهن.
پاڻ 1914ع ۾ برونائيءَ ۾ ڄائو. 36 ورهن جي ڄمار ۾ سن 1950ع ۾ برونائيءَ جو سلطان ٿيو. ان کان اڳ ملايا جي پيراڪ رياست جي مشهور ”ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد انگريزن جي دور ۾ فاريسٽ ۽ ان بعد جوڊيشري ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري به ڪئي. ان بعد انگريزن هن کي سلطان بڻايو. 17 سال حڪومت ڪرڻ بعد هن مقرر تاريخ تي، جنهن جو هن اڳواٽ اعلان ڪري ڇڏيو هو، 53 ورهين جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ بادشاهت کان استعيفا ڏني ۽ سندس پُٽ شهزادي حسن البلقيه کي ملڪ جو سلطان (بادشاهه) بڻايو ويو. برونائيءَ کي انگريزن طرفان 1984ع ۾ خود مختياري ملي. اسان به انهن سالن ۾ اتي ئي هئاسين. حسن البلقيه به هتي ٻين ملئي سلطانن ۽ بادشاهن وانگر پڙهيل ڳڙهيل انسان آهي. هيڏي وڏي امير، پير وڏيري خاندان جو هجڻ جي باوجود هن کي ماءُ پيءُ تعليم خاطر گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سو به ڪنهن ٺڙڪي اسڪول ڪاليج ڏي نه جتي رڳو في ڏئي ڊگري حاصل ڪجي. پڙهائي يا حاضري بلڪل نه هجي. حسن البلقيه انگلينڊ جي رائل مليٽري اڪيدمي، سئنڊهرسٽ مان تعيلم حاصل ڪئي. اتي تعليم حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڪيڏي پڙهائي ۽ ان سان گڏ جيڪو سخت ڊسيپلين آهي، ان جو احوال ڪنهن فوجي آفيسر کان پڇي سگهو ٿا جنهن مان اسان جي ملڪ جا به ڪيترا سينيئر فوجي آفيسر پڙهيا ۽ هاڻ اسان جون فوجي اڪيڊميون ”سئنڊهرسٽ“ جي سخت ڊسيپلين واري طرز تي ئي هلن ٿيون.
حاجي عمر علي سيف الدين 72 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1986ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي ڇا ته دنيا جا ماڻهو آيا هئا. ان جو سربستو احوال آئون پنهنجي ڪتاب ”برونائيءَ کان برازيل“ ۾ ڏئي چُڪو آهيان. اسان جي ملڪ جو صدر جنرل ضياءَ الحق به آيو هو. انگلينڊ کان راڻي ايلزبيٿ به آئي هئي جنهن مهمانن جي ڪتاب ۾ حاجي عمر علي سيف الدين لاءِ لکيو ته:
The Late Sultan Haji Omar Ali Saifuddin III is honourable special friend to Britain.His death were deeply felt by the United Kingdom.
ملڪه ايلزبيٿ سان گڏ انگلينڊ جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر به هئي ۽ ٻيون ڪجهه اهم شخصيتون جيڪي هن وقت ياد اچي رهيون آهن، هيون:
آمريڪا جو وائيس پريزيڊنٽ جارج ايڇ بُش جيڪو صدر رونالڊ ريگن بدران آيو هو، ملائيشيا جو بادشاهه ۽ سڀني رياستن جا سلطان، فلپين جي ڪورازون اڪينو، انڊونيشيا جو سهارتو، بنگلاديش جو حسين محمد ارشاد ۽ ٻيا.
* محمد ظاهر شاه
هڪ ٻيو بادشاهه جنهن جو اسان ننڍپڻ ۾ گهڻو نالو ٻُڌو جنهن پنهنجي مرضيءَ سان ته تخت نه ڇڏيو هو پر هن کي تخت تان زوريءَ لاٿو ويو، اهو اسان جي پاڙي جي ملڪ افغانستان جو بادشاهه محمد ظاهر شاهه هو. هن جو پيءُ محمد نادر شاهه 1883ع ۾ انڊيا جي شهر ديرادون ۾ ڄائو ۽ 1929ع ۾ افغانستان جو بادشاهه ٿيو. ان کان اڳ هو فوج جو جنرل ۽ فرانس جو افغان سفير ٿي رهيو هو. پاڻ چار سال کن حڪومت ڪيائين ته 1933ع ۾ سندس قتل ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي سندس پُٽ محمد ظاهر شاهه بادشاهه ٿيو ۽ وڏو عرصو حڪومت ڪيائين. اسان اسڪول، ڪاليج ۽ جهازن تي نوڪري دوران به ظاهر شاهه جو نالو ٻُڌندا رهياسين. ان بعد 1973ع ۾ خبر ٻڌيسين ته سندس ڀيڻوئي محمد دائود خان (جنهن جي شادي بادشاهه ظاهر شاهه جي ڀيڻ شهزادي زمينا بيگم سان ٿي) سندس تخت اونڌو ڪيو ۽ پاڻ افغانستان جو پهريون صدر ٿي ويٺو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه سالن بعد (1978ع ۾) افغانستان جي ڪميونسٽ پارٽي PDPA (پيپلز ڊيموڪرئٽڪ پارٽي) وارن هن جو به قتل ڪيو. ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين افغانستان ۾ سياسي وڳوڙ لڳو پيو آهي.
بادشاهه ظاهر شاهه تخت تان لهڻ بعد به ڪافي سال جيئرو رهيو ۽ 93 سالن جي ڄمار ۾ 2007ع ۾ ڪابل ۾ وفات ڪيائين. پاڻ افغانستان جو آخري بادشاهه هو.
* چين جو بادشاه پُوئي
هڪ ٻيو اسان جي ايشيا جو بادشاهه جنهن جو ويهين صديءَ ۾ تخت اونڌو ڪيو ويو ۽ جنهن کان منهنجا هم عمر چڱيءَ طرح واقف هوندا جو هنن هن بادشاهه تي لکيل ناول ۽ فلمون ضرور ڏٺيون هونديون اهو دنيا جي هڪ وڏي ملڪ چين جي آخري چنگ (Qing) گهراڻي جو آخري بادشاهه پُوئي (Emperor Xuantong) آهي. هن کي تخت تان لاهڻ بعد هاڻ چين ۾ بادشاهت جو نالو نشان ناهي. چين تي چنگ سلطنت جي حڪومت 1644ع کان قائم رهي. شهنشاهه پوئي 1906ع ۾ ڄائو ۽ ٽن سالن جي ڄمار ۾ هن جي تاجپوشي ڪئي وئي. چين جي يارهين شهنشاهه گئانگ زو (Guangxu) جي وفات بعد پُوئيءَ چين جو ٻارهون شهنشاهه هو. پاڻ 1908ع کان 1912ع تائين شهنشاهه ٿي رهيو. شين هاءِ (Xinhai)انقلاب جنهن کي ”چيني انقلاب“ ۽ ”انقلاب 1911ع“ به سڏجي ٿو نه فقط هن ننڍڙي عمر جي بادشاهه کي ته تخت تان لاهي ڇڏيو پر ٽي صديون پراڻي چنگ گهراڻي جو ئي خاتمو آڻي هن ملڪ کي ”ريپبلڪ آف چائنا“ بڻائي ڇڏيو.
شهنشاهه پُوئي جنهن جي خدمت لاءِ ڏهه ڏهه خدمتگار، دوشيزائون ۽ کدڙا حاضر رهيا ٿي ان پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هڪ عام ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ گذاريا. 61 سالن جي ڄمار ۾ يعني 1967ع ۾ مرڻ وقت هو مالهيءَ جو ڪم ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. پُوئيءَ جي زندگيءَ تي ڪيترين زبانن ۾ ناول، ڪهاڻيون، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺاهيا ويا آهن. انگريزيءَ جون ٻه فلمون مون به ٻه ٻه دفعا ڏٺيون آهن. ٻنهي جو نالو The Last Emperor آهي. هڪ 1986ع جي هانگ ڪانگ ۾ ٺهيل فلم ۽ ٻي 1987ع جي انگلينڊ جي ٺهيل فلم جنهن جي ڊائريڪشن برنارڊو برٽولوسي (اطالوي ڊائريڪٽر) ڪئئ آهي. هيءَ فلم اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. هن ۾ اسان جي وقت جو مشهور اداڪار ”پيٽر او ٽول“ پڻ آهي. بالغ پوئيءَ جو ڪردار جان لون ادا ڪيو آهي. مٿئين ڊائريڪٽر برنارڊو جون ٻيون به ڪيتريون ئي فلمون اسان جي ڏينهن ۾، يعني اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ٽاپ تي رهيون، جهڙوڪ: ”لاسٽ ٽئنگو اِن پئرس“، The Dreamers، لِٽل ٻُڌا، سليپنگ بيوٽي، وغيره. شهنشاهه پوئيءَ تي ٺهيل مٿين فلم هڪ انگريزي ناول تان ٺاهي وئي. ادب جا شوقين اهو ناول پڙهي سگهن ٿا. بلڪ اها هڪ آٽو بايو گرافي آهي جنهن جو نالو آهي ”فرام ايمپررٽُ سٽيزن“.