الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

مونکي هڪ دفعي اسڪندريا ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو

گذريل مضمون ۾ ابنِ بطوطا جون اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر هو اڄ به پنهنجي منفرد سفر نامي ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. سندس نالي تي ٺهيل ڪيترين ئي فلمن، ٽي وي سيريلن ۽ ٻارن جي ڪارٽون ڪتابن کان علاوه هن جي نالي تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پارڪ، هوٽلون ۽ ٿيٽر آهن. سڀ کان گهڻو دبئي جو ابن بطوطا نالي شاپنگ مال آهي جنهن ۾ روزانو هزارين خريدار ابن بطوطا کان واقف ٿين ٿا ٻئي نمبر تي موراڪو ۾ سندس ڳوٺ الطنج (Tangiers) ۾ سندس نالي ايئرپورٽ آهي. هوائي جهاز جي لئنڊ ڪرڻ سان هر مسافر جي هوائي اڏي جي عمارت تي لکيل ”مطار ابن بطوطا، الطنج“ (Iben-Batutta Airport Tangiers) تي نظر پوي ٿي ۽ سندس سفر نامو پڙهڻ وارن جي اکين اڳيان اڄ کان ست صديون اڳ جو زمانو ڦري ٿو جڏهن نه هئا روڊ نه رستا، نه ڪارون موٽرون نه سائيڪل رڪشائون، هن شهر جي قاضيءَ جو پٽ هڙ ۾ ماني ٻڌي حج جي سفر لاءِ گڏهه تي سوار ٿي اڪيلو نڪتو هو ۽ سندس ماءُ پيءُ پنهنجي گهر جي دروٽ ڳوڙها ڳاڙيندي هن کي خدا حافظ چيو هو. آئون اهو ته هرگز نه چوندس ته مصر جو هي سامونڊي ڪناري وارو شهر سڪندريا (Alexandria) جنهن کي عرب السڪندريا به سڏين ٿا جيڪو يونان جي حاڪم سڪندر اعظم حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٽي صديون کن اڳ ٺهرايو هو، تنهن کي ڏسڻ- يعني گهمڻ ڦرڻ لاءِ توهان خاص گهران پڳ ٻڌي نڪرو. ڇو جو اڄڪلهه وڌندڙ مهانگائيءَ ۽ اسان جي ناڻي جو قدر ڪرڻ ڪري، اهڙا شوق ڪرڻ پئسي جو زيان ڪرڻ آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ ۽ ماڻهوءَ جو مان به ڪرڻ ڪري اسان کي هر ملڪ ۾ شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ويندي عرب ۽ مسلمان ملڪ به انڊيا جي باشندي کي ويزا ڏيندي ويرم نٿا ڪن پر اسان جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ تي گهٻرائين ٿا ۽ معمولي ڏوهه تي به- يا ويندي شڪ جي حالت ۾ به جيل حوالي ڪريو ڇڏين. سو اهڙي تناظر ۾ آئون ته اهو ئي چوندس ته ڪم نه هجي، يا مجبوري نه هجي ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان گريز ڪجي جو پرديس ۾ ڪنهن تڪليف جي حالت ۾ اسان جا سفارتڪار به ڪنهن جا مِٽ نه آهن.
هتي آئون رڳو اهو چوڻ چاهيندس ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ويندي توهان جو هتي مصر ۾- يا ڪنهن ٻئي ملڪ ملائيشيا، موزمبق يا لبنان، لائوس يا قبرص ۾ اسٽاپ اوور آهي يعني مقرر پروگرام موجب ان ملڪ ۾ ترسڻ آهي ۽ توهان وٽ ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ويزا آهي ته پوءِ ان ملڪ جو اهو شهر يا اوسي پاسي جا شهر ضرور گهمو يا ڪنهن ملڪ ۾ توهان کي نوڪري ملي آهي يا تعليم لاءِ ٽِڪيل آهيو ته پوءِ اهو ملڪ ۽ اوسي پاسي جا ملڪ ضرور گهمو ته ٻين ملڪن ۾ ڇا پيو وهي واپري. ڪيترا ته ملائيشيا ۽ مصر جهڙا ملڪ جن کان اسان جو ملڪ بهتر ۽ ماڊرن هو، اڄ اهي ملڪ يورپ جو ڏيک ڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو ان قسم جي ترقيءَ جا سبب معلوم ڪري توهان کي ان مان سبق حاصل ٿئي ۽ پنهنجي ملڪ جون اوڻايون دور ڪرڻ ۾ توهان به مددگار ثابت ٿيو.
اسان جا ماڻهو جيڪي ايران ۾ مشهد ۽ قم شهر مان ٿي موٽن ٿا انهن کي آئون اهو ئي چوندو آهيان ته ايران رڳو مشهد ۽ قم به ناهي توهان کي تهران، اصفهان، زاهدان، شيراز، تبريز، حمدان، اردابل، قزوين ۽ ٻيا شهر به ڏسڻ کپن. اهڙي طرح مصر ۾ به قاهري (Cairo) کان علاوه ٻيا شهر به آهن، خاص ڪري سڪندر اعظم جو سندس نالي ٻڌرايل هي شهر السڪندريا، مون کي به جهاز جي نوڪريءَ دوران ”السڪندريا“ ڏسڻ جو موقعو مليو. ٻه دفعا کن اسان جو جهاز هتي لنگر انداز ٿيو هو پر جهاز هر بندرگاهه ۾ ٿورا ڏينهن ترسي ٿو ۽ ان ۾ اسان جهاز وارن کي جهاز هلائڻ کان کڻي فرصت ملي ٿي پر اڳتي جي سفر لاءِ جهاز کي ٺيڪ رکڻ لاءِ مرمت ته ڪرڻي پوي ٿي. پر وري به اسان خوش نصيب هئاسين جو اسان جي دور ۾ آخر ۾ اچي دنيا جا بندرگاهه ماڊرن ٿيا ۽ جهازن تي سامان رفتار سان لهڻ چڙهڻ لڳو نه ته سامونڊي نوڪريءَ جا شروع وارا سال اسان جو جهاز ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڙيو ٿي ته معمولي ڪم لاءِ به ٻه ٽي ڏينهن لڳي وڃڻ هڪ عام ڳالهه هئي. گهڻي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ ۾ ته هفتو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي، ڇو جو جهاز تي سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ جا طريقا اڃان ماڊرن نه ٿيا هئا. ڪڻڪ، چانور يا ٻيو ڪو اناج ڳوڻين ذريعي چڙهيو يا لٿو ٿي. مزورن پٺيءَ تي ڳوڻ رکي جهاز تان لاٿي ٿي يا قطار ۾ بيهي هڪ ٻئي کي ٽرڪ کان جهاز جي گودام (Hatch) تائين پاس ڪئي ٿي. هاڻ ته ڦوهارن (Blowers) ذريعي کليل اناج جهاز تي چاڙهيو ۽ ان تان لاٿو وڃي ٿو ۽ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ سڄي جهاز کي ڀريو يا خالي ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ٻيو سامان. ڪنٽينرن ته اڃان به ڪم تکو ڪري ڇڏيو آهي. جهاز جي بندرگاهه سان لڳڻ کان اڳ انهن ۾ سامان ڀريو وڃي ٿو ۽ جهاز جي بندرگاهه ڇڏڻ کان پوءِ ان مان لٿل ڪنٽينرن مان سامان ڪڍي ٽرڪن ۽ ٽرالن ۾ رکي مختلف شهرن ۾ موڪليو وڃي ٿو. سو سڪندريا ۾ جهاز کي ٻه يا ٽي دفعه وٺي اچڻ جو موقعو ضرور مليو پر منهنجي هميشه اها خواهش رهي ٿي ته ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهجي، خاص ڪري پڙهائڻ جي نوڪريءَ جو واءُ سواءُ لهجي. منهنجي لاءِ موسم ۽ ملڪ ملائيشيا به ideal هو جنهن جي ٻولي به آئي ٿي پر ميڊيٽرينين موسم واري هن ملڪ- بلڪه هن شهر سڪندريا مان بيحد Impress هوس. بهرحال ڪناري جي نوڪريءَ جي سوچ ته پوءِ جي ڳالهه ٿي هن تاريخي شهر کي چڱي طرح ڏسڻ جي وڏي خواهش هئي. هينئر به منهنجو هڪ ڀائٽيو ڪنهن گروپ سان مصر وڃي رهيو هو ته يڪدم چيومانس قاهري ڀلي وڃجانءِ پر جي موقعو ملئي ته هڪ ڏينهن لاءِ ئي سهي سڪندريا ضرور وڃجانءِ.
مونکي هڪ دفعي سڪندريا ۾ هفتو کن رهڻ جو موقعو ملي ويو. اسان جو جهاز انگلينڊ ۽ اتر يورپ جي ڪجهه ملڪن (جرمني، هالينڊ، بيلجيم ۽ ڊئنمارڪ) مان سامان کڻي هاڻ ”هوم ورڊ جرني“ تي وطن وري رهيو هو جنهن لاءِ اسان پورچوگال کان ڦري جبرالٽر ڳچي سمنڊ (Strait) مان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ۽ مصر جي پورٽ سعيد جو رخ ڪيوسين جيئن اتان سئيز ڪئنال مان لنگهي پنهنجي پاڙي جي بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۽ بحر عرب (عربي سمنڊ) ۾ داخل ٿي سگهون ۽ ڪراچي لنگر انداز ٿيون. ڏٺو وڃي ته سئيز ڪئنال ڪري اسان جهاز وارن جا گهٽ ۾ گهٽ 7000 ناٽيڪل ميل بچن ٿا. منهنجي سامونڊي نوڪريءَ جي شروع وارن سالن ۾ مصر ۽ اسرائيل جي جهيڙن ڪري سئيز ڪئنال بند هو ته ان صورت ۾ يورپ ۽ انگلينڊ کان موٽڻ تي جبرالٽر وٽ ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ بدران ڏکڻ ڏي ئي ويندا رهياسين ٿي ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ بعد ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ هلياسين ٿي ۽ سڄي آفريڪا کنڊ جو اولهه وارو ڪنارو پورو ڪري ڪيپ آف گڊ هوپ (سائوٿ آفريڪا) وٽان مڙي آفريڪا کنڊ جو اوڀر وارو ڪنارو وٺڻ لاءِ هندي وڏي سمنڊ ۾ اتر طرف جو رخ ڪيوسين ٿي. پوءِ ممباسا وٽ اوڀر ڏي مڙياسين ٿي جتان هفتي کن جي سفر بعد ڪراچيءَ پهتاسين ٿي.
سئيز ڪئنال ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري مصر جي شهر (بندرگاهه) پورٽ سعيد کان پورٽ توفيق تائين آهي. پورٽ توفيق بحر احمر (Red Sea) جو بندرگاهه آهي جنهن سمنڊ ۾ سعودي عرب جو جدو، سوڊان جو ”پورٽ سوڊان“ جبوتي ۽ عدن جهڙا بندرگاهه آهن. سئيز ڪئنال فرينچ انجنيئرن جي مدد سان ڏهه سال ڪم هلڻ بعد 1869ع ۾ کوليو ويو. هن جي ڊيگهه- يعني پورٽ سعيد کان پورٽ توفيق تائين 193 ڪلو ميٽر ٿيندي. جهاز قافلن جي صورت ۾ 8 ناٽ (knot) جي رفتار سان (جيڪا سمجهو ته اسان جي خشڪيءَ جي 20 کن ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿيندي) يارهن کان سورهن ڪلاڪن ۾ سئيز ڪئنال ڪراس ڪري ٿو. سئيز ڪئنال جي وچ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ Greater Bitter Lake نالي پڻ اچي ٿي جنهن ۾ هڪ طرف کان ايندڙ جهاز چار پنج ڪلاڪ انتظار ڪن ٿا جو سئيز ڪئنال ايڏو به ويڪرو ناهي جو جهاز اچڻ وڃڻ جون ٻه قطارون ٺاهي هلن. ان ڪري سئيز ڪئنال ڪراس وارن کي پورٽ سعيد ۽ پورٽ توفيق وٽ گڏ ٿيڻو پوي ٿو ۽ پوءِ روزانو صبح جو 4 بجي قافلي جي صورت ۾ ٻنهي هنڌان جهاز هلڻ شروع ٿين ٿا ۽ هڪ ٻئي کي رستو ڏيڻ لاءِ هنن کي وچ واري ڍنڍ ۾ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. روزانو مڙيئي 50 کن جهاز سئيز ڪئنال اڪرن ٿا. سئيز ڪئنال اڪرڻ وقت رفتار گهٽ رکڻ جو وڏو سبب اهو به آهي ته تيز رفتار هلڻ سان ڪئنال جي ڪناري جي erosion ٿئي ٿي- يعني پاسن کان مٽيءَ جا چاپوڙا ڪري ڪئنال کي مٽيءَ سان ڀرين ٿا. باقي اهو آهي ته سئيز ڪئنال ۾ Locks جو کٽراڳ ناهي جيڪو پاناما ۽ جرمنيءَ جي ڪِيل ڪئنالن ۾ آهي. اهو ان ڪري جو بحر احمر ۽ ميڊيٽرينين سمنڊن جي ساڳي ليول آهي. هوڏانهن پاناما ڪئنال جيڪو ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊن کي ملائي ٿو انهن جي وچ واري ڌرتي جي ليول جي گهڻي هيٺ مٿاهين هجڻ ڪري جهاز کي رکي رکي مٿي ڪرڻو پوي ٿو ۽ ٻئي پاسي جي جهازن کي هيٺ ڪرڻو پوي ٿو. ان لاءِ سمجهو ته ڪئنال ۾ مختلف هنڌن تي حوض ٺهيل آهن. هر هڪ حوض ۾ جهاز کي وجهي ان حوض کي پاسن کان بند ڪري وڏن پمپن ذريعي وڌيڪ پاڻي ڀريو وڃي ٿو جيئن جهاز مٿي کڄي يا ان حوض مان پاڻي گهٽايو وڃي ٿو جيئن جهاز اڳتي جي ليول مطابق ٿورو هيٺ اچي. اهي حوض جن ۾ جهاز کي هيٺ مٿي ڪيو وڃي ٿو Locks سڏجن ٿا. سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته اسانجو جهاز جڏهن پورٽ سعيد بندرگاهه کان هڪ ڏينهن پنڌ تي هو ته اسان جي هيڊ آفيس طرفان مون لاءِ وائرليس تي نياپو پهتو ته پورٽ سعيد ۾ مون واري جهاز تي ٻيو چيف انجنيئر اچي رهيو آهي ۽ مونکي ٻئي جهاز تي رکيو ويو آهي. جهاز رانيءَ ۾ اهو سلسلو هڪ عام آهي. اڄڪلهه ته ڏينهون ڏينهن هر ملڪ جا جهاز گهٽبا وڃن پر اسان جي ڏينهن ۾ مرچنٽ نيوي زورن تي هئي. اسان جهڙي غريب ملڪ جي قومي ڪمپنيءَ ۾ به پنجاهه کن جهاز هئا. سو هن روٽ تي هلندڙ هڪ جهاز جو چيف انجنيئر اٿينس ۾ بيمار ٿي پيو ۽ هن کي اتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ هن جي جاءِ تي ڪراچيءَ مان ٻيو چيف انجنيئر گهرايو ويو هو. هاڻ هن جو فرئڪچر صحيح ٿيڻ تي ڪمپنيءَ چاهيو ٿي ته هو منهنجي جاءِ تي مون واري جهاز تي ڪراچي پهچي وڃي ۽ مونکي هڪ ٻئي جهاز تي رکڻ چاهيو ٿي جيڪو موراڪو کان بيروت اچي رهيو هو ۽ ان کي اڳيان بحر اسود (ڪاري سمنڊ) جي بندرگاهن اوڊيسا، ڪانستنزا (رومانيا) ۽ ورنا (بلغاريا) وٺي وڃڻو هو، ۽ ان جهاز جي چيف انجنيئر کي لنڊن وڃي ڪجهه امتحان ڏيڻا هئا جنهن لاءِ هو وڏي عرصي کان موڪل لاءِ چوندو رهيو هو. سو هفتي کن اندر ان جو جهاز بيروت پهچڻ تي ڪمپنيءَ هن کي موڪل ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ ان جهاز تي هن جي جاءِ تي وڃڻ لاءِ مونکي چيو ويو.
پورٽ سعيد ۾ پهچڻ سان اتي موجود اسانجي ڪمپنيءَ جي چيف انجنيئر منهنجي جاءِ ورتي ۽ پورٽ سعيد ۾ اسان جي ڪمپنيءَ جي مقامي آفيس جي هڪ انچارج تيستائين منهنجو خيال رکڻ لاءِ مون وٽ آيو. هنن مقامي آفيس وارن جو ڪم جهاز لاءِ سامان (Cargo) هٿ ڪرڻ کان علاوه جهازن جي آفيسرن جي رهائش ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ موڪلڻ جو بندوبست ڪرڻ، بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ هنن جي دوا درمل، ڊاڪٽري تپاس، ويندي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو بندوبست هوندو آهي. پوءِ هر مهيني خرچ پکي جو حساب اسان جي ڪمپنيءَ کي موڪليندا آهن. جيئن اسان وٽ به جيڪي ڌارين ملڪن جا جهاز اچن ٿا انهن جو ڪراچيءَ ۾ ڪو نه ڪو مقامي ايجنٽ هوندو آهي جيڪو جهاز جي خرچ پکي ۽ ٻي ضرورت کي ڏسندو آهي. سيڌو پاڻي کپي يا جهاز جي وڏي مرمت لاءِ ورڪ شاپ، اهو خرچ ايجنٽ في الحال پاڻ ڪري ٿو پوءِ بل ان ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ڏي روانا ڪري ٿو.
اسان جي هن مصريءَ مونکي اهو ڏينهن پورٽ سعيد جي هڪ هوٽل Rasta Port Said ۾ ٽِڪايو ۽ ٻئي ڏينهن مونکي قاهري وٺي هلڻ لاءِ آيو. هن چاهيو ٿي ته جيسين مون وارو نئون جهاز بيروت پهچي تيسين اهي چار پنج ڏينهن آئون قاهري جي ڪنهن هوٽل ۾ رهي پوان جتان مون کي هوائي جهاز رستي بيروت پهچڻ ۾ سولائي ٿيندي. پر مون اهي انتظار وارا ڏينهن سڪندريا ۾ گذارڻ چاهيا ٿي.
”سر سڪندريا به سٺو شهر آهي“ مصري ايجنٽ چيو، ”آئون توهان لاءِ قاهري ۾ سڀ کان بهتر هوٽل ۾ ڪمرو ٿو بڪ ڪرايان. ڪيرو از بيسٽ! قاهري ۾ ناچ گانا ۽ Striptease جا ڪلب آهن....“
”اهي سڀ شيون سڪندريا ۽ توهان جي مصر جي هر شهر ۾ آهن“. مون چيومانس.
دراصل هر جهاز ران ڪمپيءَ جي ڌارئين ملڪ ۾ آفيس اها ئي ڪوشش ڪري ٿي ته جهاز جي مرمت، راشن پاڻي ۽ جهاز جي عملي جي ٽهل ٽڪور تي جيترو ٿي سگهي گهڻو خرچ ٿئي جو هنن کي ان خرچ مطابق ڏهه يا پندرهن سيڪڙو ڪميشن ملي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قاهري ۾ اعليٰ قسم جون هوٽلون آهن جن ۾ ظاهر آهي ماني ٽڪي به ان ئي معيار جي رهي ٿي پر مون کي ڪڏهن به انهن ڳالهين fascinate نه ڪيو آهي. هوٽل جو ڪمرو وڏو آهي، بيڊ وڏو آهي، مخمل جا پڙدا آهن، ٿلها غاليچا آهن... ڇا فرق ٿو پوي؟ ڀلي ان خرچ جي ادائيگي ڪو ٻيو ڪري پر اجائي خرچ ڪرائڻ مان ڇا فائدو. پورٽ سعيد جي ايجنٽ کي چيم ته تون مونکي اوڏانهن ڇڏي وري موٽڻ جي به تڪليف نه ڪر آئون ٽرين ذريعي يا ان ٽئڪسيءَ ۾ سڪندريا هليو ويندس جيڪا چار چار مسافر کڻي ٿي ۽ هر هڪ کي ڀاڙي جو چوٿو حصو ڏيڻو پوي ٿو.
ايجنٽ منهنجي ڳالهه مڃي مونکي آزاد ڇڏيو ۽ اهو ئي طئه ٿيو ته آخري وقت تي خرچ جو چٺو ايجنٽ حوالي ڪري بيروت فلاءِ ڪريان.