مصر جون حڪمران عورتون ۽بغداد ۾ هلاڪو خان جو ڪيل ڪوسُ
مصر تي يونانين جي حڪومت بعد اهو رومن سلطنت هيٺ آيو. گهڻو گهڻو پوءِ مسلمانن جي دور حڪومت ۾ به عورتون راڻيون- يعني بادشاهن جون زالون نه پر پاڻ حاڪم ٿيون. مصر جي مشهور حاڪم شجرالدر (جنهن عربي نالي جي معنيٰ ”سچن موتين جو وڻ“ آهي) سڄو نالو ”الملڪه عصمت الدين ام خليل شجرالدر“ دنيا جي ٻي مسلمان عورت آهي جيڪا اسلامي تاريخ ۾ تيرهين صديءَ ۾ حاڪم (Monarch) ٿي. 1257ع ۾ سندس وفات ٿي. هن کان ڪجهه سال اڳ رضيه سلطانا 1236ع کان 1240ع تائين دهليءَ جي حاڪم رهي. پاڻ تاريخ ۾ پهرين مسلمان عورت آهي جنهن دهليءَ تي راڄ ڪيو. رضيه سلطانا دهليءَ جي پهرين سلطان قطب الدين ايبڪ جي دلپسند غلام شمس الدين التمش جي ڌيءَ هئي. رضيه سلطانا جي زندگيءَ جو احوال ڪيترن ئي ناولن، ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اچي چڪو آهي خاص ڪري بالي ووڊ جي سندس نالي واري فلم ”رضيه سلطانا“ ۾،جنهن ۾ سندس رول هيما مالينيءَ ادا ڪيو آهي.
بهرحال ”شجرالدر“ جيتوڻيڪ ڪجهه سالن لاءِ مصر جي راڻي ٿي رهي پر اسلامي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ هن جي تمام گهڻي اهميت آهي جو ستين صليبي جنگ (50-1249ع) ۾ جڏهن فرانس جو بادشاهه لوئيس پنهنجي لائو لشڪر سان نيل نديءَ جي ڪناري تي پهچي ويو ۽ مصر جو ”سلطان الصالح ايوب“ جيڪو سخت بيمار هو، ان جي بدران هن جي زال شجرالدر ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ پاڻ ڪمانڊر ان چيف جو عهدو وٺي سڀني فوجي جنرلن جي ميٽنگ ڪري فرانس جي بادشاهه جي حملي جو مقابلو ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي. ان دوران سندس مڙس گذاري ويو پر شجرالدر پنهنجن فوجي جنرلن سان گڏجي- جنهن ۾ رڪن الدين بيبار ۽ عزالدين ايبڪ به هئا دشمنن کي سخت نقصان رسايو. هن صليبي جنگ دوران مڙس جي مرڻ تي شجرالدر پاڻ کي (1250ع ۾) سلطانا (حاڪم) ٿيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
شجرالدر لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها آرمينن ۽ ترڪ نسل جي غلام ڇوڪري هئي جيڪا الصالح ايوب مصر جو سلطان ٿيڻ کان اڳ ليونت (Levant) ميڊيٽرينين سمنڊ جي اوڀر واري علائقي (اڄ جي شام، اردن پاسي) مان خريد ڪئي هئي. شجرالدر لاءِ مغربي تاريخ نويس اهو ئي لکن ٿا ته: “She was very beautiful, pious & intelligent”. بعد ۾ 1940ع ۾ الصالح ايوب جڏهن سلطان ٿيو ته شجرالدر هن سان گڏ مصر ۾ آئي ۽ ”خليل“ نالي پٽ کي جنم ڏنو جيڪو ”الملڪ المنصور“ سڏيو ويو. پٽ کي ڄڻڻ بعد ڪجهه عرصي کان پوءِ الصالح ايوب هن سان شادي ڪئي.
ستين صليبي جنگ دوران، مڙس (سلطان الصالح ايوب) جي وفات تي مصر جي مملوڪن ۽ درٻارين جي يڪراءِ تي شجرالدر مصر جي پهرين مسلمان عورت حاڪم يعني ”سلطان“ ته ٿي وئي پر پوري علائقي جي حاڪم عباسي گهراڻي جي ستٽيهين خليفي ”المستعصم بالله“ کي عورت جو حاڪم ٿيڻ واري ڳالهه نه وڻي. هن پنهنجي تختگاهه (بغداد) کان مصر جي مملوڪن کي هڪ سخت چتاءَ وارو خط لکيو ته ”جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان وٽ ڪو به اهڙو قابل مرد ماڻهو نه رهيو آهي جو مصر تي حڪومت ڪري سگهي، ۽ توهان جي نظرن ۾ هيءَ عورت ئي ملڪ کي هلائي سگهندي ته پوءِ اهو اسان تي فرض ٿو ٿئي ته اسان پاڻ وٽان ڪنهن مرد کي موڪليون جيڪو سلطنت جون واڳون سنڀالي سگهي...“
شجرالدر جڏهن ڏٺو ته ڪم هلي نه سگهندو ته هن مملوڪ ڪمانڊر ”عزالدين ايبڪ“ سان شادي ڪري ظاهري طرح هن کي مصر جو سلطان بڻايو پر حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکيائين. عزالدين ايبڪ پنهنجي زال شجرالدر جي طفيل ست سال (1950ع کان 1957ع تائين) مصر جو سلطان رهيو ۽ زال سان ڏاهو ٿي هليو پر ان دوران شجرالدر کي خبر پئي ته مرد مڙيئي مرد آهن. هن جو بغداد جي ڪنهن نواب جي ڌيءَ سان معاشقو پيو هلي ۽ هاڻ شادي ڪرڻ وارو آهي، جيتوڻيڪ هن جون شجرالدر سان شادي ڪرڻ کان اڳ جون به ٻه ٽي زالون هيون. شجرالدر کي پنهنجي مڙس جي اها ڳالهه پسند نه آئي- سچ ته اهو آهي ته مقامي رعيت به ايبڪ مان خوش نه هئي. بهرحال شجرالدر پنهنجي مڙس کي قتل ڪرائڻ ۾ دير نه ڪئي. ٽن ڏينهن (ٽيجهي) بعد، سندس مڙس ايبڪ جي هڪ ٻي بيواهه، محل ۾ موقعو ڏسي وهنجڻ جاءِ جي چاکڙين (ڪاٺ جي چمپلن) سان شجرالدر کي ڪٽي، ماري ڇڏيو. (اها ڪهاڻي مصر جي لوڪ ڪهاڻين ۾ به موجود آهي)عباسي گهراڻي جي ستٽيهن خليفي جو شجر الدار خلاف خط جو پڙهي پڙهندڙن کي حيرت ٿي هوندي ته اسان جا مسلمان حاڪم ڪهڙي قسم جا هئا جن عورتن کي نيچ سمجهيو ٿي. اها ته ٿي 1250ع جي ڳالهه پر ساڍيون ست صدين بعد جڏهن اسان جي ملڪ ۾ بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي هئي ته مون کي ياد آهي ته اسان جي ملڪ جي ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ملن به ان جي مخالفت ڪئي هئي. ڪجهه مسلمان ملڪن جي ڏسڻن وائسڻن ليڊرن به ان کي خراب سمجهيو ٿي. پر اڄ، خاص ڪري هنن ٻن ٽن سالن ۾، اسلامي ملڪن ۾ به وڏي تبديلي اچي وئي آهي. ايران جي قومي ڏينهن تي دعوت فقط مردن کي ڏني وئي ٿي. آئون به سالن کان اٽينڊ ڪندو اچان پر گذريل سال کان حيرت ٿي جڏهن دعوت ۾ ايران جي قونصل جنرل ۽ ڪجهه ٻين سفيرن جون زالون نظر آيون ۽ مرد مهمانن سان رلي ملي رهيون هيون. سعودي عرب ۾ عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس ملڻ لڳا آهن ۽ گاڏيون هلائي رهيون آهن... ويندي پهرين سعودي مسلمان عورت آمريڪا جي سفير ٿي آهي! سچ ته حيرت ٿي ٿئي! اسلام ته اهو ساڳيو آهي جيڪو اڄ کان چوڏهن صديون اڳ کان هلي رهيو آهي پوءِ ڇو ڪڏهن عورت تي سختي ٿيو وڃي ته ڪڏهن هن کي آزادي مليو وڃي. ساڳي وقت ان تي به حيرت ٿئي ٿي ته اسان جا حڪم- چاهي اميه گهراڻي جا هجن يا عباسي گهراڻي جا، ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جا هجن يا انڊيا جي مغل گهراڻي جا- سواءِ ٿورن جي هنن جا ڪم ڪهڙا اسلامي هئا؟ عوام کي تڪليف ۾ رکڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، پنهنجن ۽ پراون جا قتل ڪرڻ، شراب ۾ ڌت رهڻ ۽ رنن سان حرم ڀرڻ هڪ عام ڳالهه هئي. خليفن- چاهي بغداد، دمشق جا هجن يا مصر اسپين جا، سورهن سورهن زالون رکڻ جو ٻڌي يا هر وقت نشي ۾ ڌت هجڻ جو پڙهي هڪ مسلمان پڙهندڙ غير مسلم دوستن کي ڪهڙي explanation ڏئي سگهندو جيڪي پڇن ته توهان جي حاڪمن/سلطانن/خليفن کي ڇا اسلام طرفان اجازت مليل هئي ته هو غير اسلامي ڪم ڪن؟ مزي جي ڳالهه ته انهن بادشاهن، سلطانن، خليفن پاڻ کي ملڪ جو حاڪم ته سمجهيو ٿي پر مذهب جو رکوالو پڻ. هونءَ مزي جي ڳالهه ڏسو، المستعصم بالله بغداد ۾ رهندڙ خليفي 1250ع ۾ شجرالدر کي تڙي ڏني ۽ هن کي سلطانا بنجڻ کان روڪيو پر ڏٺو وڃي ته ڪجهه به هجي ته هوءَ عورت ٿي ڪيڏي قابل هئي جو هن عقل کان ڪم وٺي پنهنجن فوجي جنرلن کي فرينچن سان مقابلو ڪرڻ جون اهڙيون رٿائون ڏنين جو فرانس جو بادشاهه لشڪر وٺي پنهنجي ملڪ ڀڄي ويو ۽ هو هيءَ ستين صليبي جنگ نه کٽي سگهيو. ان کان علاوه شجرالدر جيڪي ڪجهه سال حڪومت ڪئي ان ۾ ملڪ (مصر) جي معاشي حالت سڌاري ڇڏي. تاريخ ۾ هن جون ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون لکيل آهن. هوڏانهن اٺن سالن بعد 1258ع ۾ منگول جنگجو هلاڪو خان معمولي لشڪر سان بغداد تي حملو ڪيو ته المستعصم بالله کان ملڪ ۽ رعيت جو ته ڇا پنهنجو بچاءُ نه پئي پڳو ۽ پنهنجي سلطنت جيڪا فقط بغداد ۽ اوسي پاسي جي علائقن ۽ ڏکڻ عراق تائين وڃي محدود رهي هئي، اها وڃائي ويٺو. 10 فيبروري 1258ع تي جيڪا هلاڪو خان بغداد جي تباهي آندي اها شايد نادر شاهه دهليءَ ۾ به نه آندي هوندي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خليفي المستعصم کي (جنهن مصر وارن تي ڇوهه پئي ڇنڊيا ته ملڪ جو حاڪم ٺاهڻ لاءِ ڪو مرد نه هجانوءَ ته آئون هتان بغداد مان ڪو مرد موڪليان- يعني شجرالدر کي عورت جي ناتي ڇو سلطان بڻايو اٿو) ان کي هلاڪو خان مارائي ڇڏيو. هن چيو ته آئون خليفي کي تلوار سان قتل ڪري شاهي خون نه وهائيندس. سو خليفي المستعصم کي غاليچي ۾ ويڙهي پنهنجن گهوڙن جي سنبن سان هن کي چيڀاٽي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. چون ٿا ته هن خليفي کي به ملڪ ۽ ماڻهن جي بچاءَ جو خيال نه رهيو. رڳو ڳهه ڳٺن ۽ هيرن جواهرن سان پنهنجو گدام ڀريندو رهيو. مارڪو پولو پنهنجي سفر نامي ۾ ان قصي جو بيان هن ريت ٿو ڪري ته خليفي جي خزاني سان ڀريل اسٽور ڏسي هلاڪو خان کي حيرت ٿي ته هي ڪهڙو حاڪم آهي جنهن ملڪ جي بچاءَ لاءِ هٿيارن پنهوارن جو بندوبست ڪرڻ بدران يا عوام کي خوشحال ۽ صحتمند رکڻ بدران رڳو پاڻ لاءِ مال ملڪيت کڻي گڏ ڪئي آهي. هلاڪو خان خليفي کي يڪدم مارڻ بدران هن کي کڻي ان گدام (اسٽور) ۾ بند ڪيو ۽ کيس کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي ڏيڻ بدران هن کي چيو ته کاءُ! هي پنهنجا هيرا جواهر ۽ سون ۽ چانديءَ جون سرون کاءُ جو تون سڄي زندگي رڳو هي مال ميڙيندو رهين....“
سوچيان ٿو ته اڄ جي حاڪمن تاريخ مان به ڪو سبق حاصل ڪيو آهي يا نه؟ اڄ کان پنجاهه سٺ سالن يا سئو سالن بعد افسوس جو تاريخدانن کي اهو نه لکڻو پوي ته ”ايڪهين صديءَ ۾ جڏهن دنيا جا ملڪ خبر ناهي ڪٿي وڃي پهتا.... سنگاپور، ملائيشيا، ويٽنام ۽ ٿائلينڊ جهڙا ملڪ به ماڊرن ٿي ويا پر اسان جي ملڪ ۾ نه پيئڻ جو صاف پاڻي هو ۽ نه غريبن جي علاج جو بندوبست عوام کان ڦريل لٽيل نوٽن کي گدامن ۾ باهه لڳي وئي ۽ سون هيرن جواهرن جون ڀريل پيتيون ۽ پنهنجي لاءِ ٺهرايل عمارتون فوج، NAB ۽ ايف آءِ اي جهڙا ادارا کسي ويا ۽ سندن ست پيڙهيون ته عيش نه ڪري سگهيون پر هنن به پنهنجا آخري ڏيهن جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گذاريا. ڪاش اهو پئسو ملڪ ۽ عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪن ها ته هنن جا ٻئي جهان ٺهي وڃن ها.“
1258ع ۾ هلاڪو خان عباسي گهراڻي جي داراخلافه بغداد تي حملو ڪيو. ان وقت جو بغداد ڏٺو وڃي ته دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ هو. اهو معاشي حالتن، واپار وڙي، تعيلمي درسگاهن، اسپتالن ۽ پارڪن کان مشهور هو.
هلاڪو خان پنهنجي حملي جي شروعات ايران کان ڪئي ان بعد هن بغداد پهچي ان وقت جي مٿي بيان ڪيل عباسي خليفي المستعصم بالله کي پنهنجا شرط شروط مڃڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ عباسين ۾ پنهنجي شهر جي بچاءَ جي ڪا تياري نه هئي پر هن سمجهيو ته ڌاريان حملي آوار بغداد کي نقصان نه رسائي سگهندا. ان ڪري هن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد هلاڪو جي لشڪر شهر کي گهيرو ڪري بغداد کي تباهه ڪري ڇڏيو. منگولن نه فقط بغداد کي لٽيو ڦريو پر اتي جون مسجدون محلات، لئبرريون ۽ اسپتالون به تباهه ڪري ڇڏيون. بغداد جي 36 لئبررين ۾ رکيل قيمتي ڪتاب ڦاڙيا ويا ۽ انهن جي مٿان چڙهيل چمڙي جي جُلدن (Covers) مان چمپل ٺهرايا. خوبصورت ۽ آڳاٽيون عمارتون جيڪي آرٽ جو نمونو هيون سڀ ڊهرائي ترپٽ ڪيون ويون. بغداد جي وڏي ۾ وڏي لئبرري بيت الحڪمت جيڪا دنيا ۾ “The House of Wisdom” جي نالي سان مشهور هئي جيڪا هارون رشيد جي دور حڪومت (809-786ع) کان قائم هئي، جنهن ۾ بيحد قيمتي تاريخي ڊاڪومينٽ ۽ علم فلڪيات (Astronomy) کان ميڊيسن سبجيڪٽن جا ڪتاب موجود هئا سڀ ساڙيا يا دجله نديءَ ۾ اڇلايا ويا. بغداد جي بچيل شهرين ٻڌايو ته دجله جو پاڻي انهن قلمي ڪتابن جي مس ڇڏڻ ڪري ڪارو ٿي ويو هو ۽ سائنسدانن ۽ فلاسفرن کي قتل ڪري نديءَ ۾ اڇلڻ ڪري ان جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو هو. حملي وقت شهرين بغداد ڇڏي ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻاهر گهيرو ڪيل منگولن انهن کي اتي جهلي قتل ڪري پئي ورتو. هنن نه عورتن ۽ پوڙهن کي ڇڏيو ٿي ۽ نه ٻارن کي. مغربي اندازي مطابق بغداد جي ٻن لکن شهرين جو قتل ڪيو ويو. عرب تاريخ نويس ته اڃان به وڏو انگ ٻڌائين ٿا. شهر ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو ۽ آدمشماري نه برابر وڃي بچي. عباسي خليفي کي مارڻ جو احوال ته مٿي لکي چڪو آهيان. ان کان اڳ هن جي خاندان جي ماڻهن کي هن اڳيان ائين قتل ڪيو ويو جيئن ڪجهه صديون پوءِ 1857ع ۾ انگريزن ”بهادر شاهه ظفر“ کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ کان اڳ سندس اڳيان سندس پٽن ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي قتل ڪيو هو. شهر ۾ مئل ماڻهن جي ايڏي ته بدبوءِ وڌي وئي جو هلاڪو خان پنهنجي ڪئمپ شهر جي ٻئي پاسي لڳارائي جتان شهر جي هوا نٿي لنگهي. شاهي حرمن جون عورتون جيڪي پڙدي ۾ هيون انهن کي به گهليو ۽ ذليل ڪيو ويو.