الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

اسڪندريا جيڪو ”مسجدن جو شهر“ پڻ سڏجي ٿو!

پورٽ سعيد ۽ السڪندريا ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي ٻه شهر آهن، پورٽ سعيد کان سڪندريا 260 ڪلو ميٽر آهي- يعني ڪراچيءَ کان سڪرنڊ تائين فاصلو آهي يا کاڻي چئجي ته پيٽارو کان لاڙڪاڻي جيترو پنڌ آهي. ٽرين بيهندي بيهندي وڃي ٿي ۽ ست ڪلاڪ وٺي ٿي. جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه اسٽيشنون آهن: ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي، تيئن سڪندريا ۾ به ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن: هڪ ”سيدي جابر“ ريلوي اسٽيشن جيڪا شهر جي ٽرام لائينن سان به ڳنڍيل آهي ۽ ٻي ريلوي اسٽيشن جو نالو ”مصر“ ۽ عربيءَ ۾ ”محطته مصر“ سڏجي ٿي. باءِ روڊ پورٽ سعيد کان سڪندريا ٻه رستا وڃن ٿا. هڪ ڊيزرٽ روٽ سڏجي ٿي جيڪو آڳاٽو رستو آهي. اهو قاهري کان ٿيندو وڃي ٿو، ٻيو پورٽ سعيد کان ميڊيٽرينين سمنڊ جو ڪنارو وٺي سڌو سڪندريا پهچي ٿو. اهو رستو ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل ۽ Coastal Route سڏجي ٿو. ٽئڪسي ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي ۽ 30 آمريڪن ڊالر، پر هي روڊ بيحد نظاري وارو آهي سمنڊ جون ڇوليون ۽ انهن ۾ ترڳندڙ ملڪ ملڪ جا جهاز! ٽئڪسي يا بس ۾ سفر ڪرڻ وارا مسافر رنگين ۽ سهڻن جهازن کي ڏسي انهن ۾ سفر ڪرڻ جون سڌون ڪندا هوندا. کين ڪهڙي خبر ته اسان جو هتان يا ٻئي هنڌان ڪنارو ڪنارو ڏئي يعني Coasting ڪندي جهاز گذرندو آهي ته خشڪيءَ تي اسان سان گڏ گڏ Parallel هلندڙ ريل گاڏي يا بسن کي ڏسي دل ۾ خواهش پيدا ٿيندي آهي ته هڪ ڏينهن موڪلن ۾ آئون به اهڙي هنڌ تي ٽرين ۾ سفر ڪندس. جهاز تي ته هر وقت اڳتي جي ڇولين ۽ سي سڪنيس جو خوف رهي ٿو.
سڪندريا صحيح معنيٰ ۾ ٽوئرسٽن جي گهمڻ جو شهر آهي حيدرآباد جيڏي هن شهر ۾ ڇا ته هوٽلون آهن. گهٽ ۾ گهٽ 400 کن ته ٿينديون ۽ ڪيتريون ته 50 سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي هيون. ننڍيون وڏيون، ٿِري اسٽار کان فائو اسٽار تائين هوٽلون هر علائقي ۽ گهٽي محلي ۾ نظر اچن ٿيون ۽ هر ڪمري جي هڪ پاسي کان سمنڊ نظر اچي ٿو. ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ امن امان آهي، موسم ٿڌڪار واري آهي ته ڀلي ڪا سادي هوٽل هجي ڪهڙو فرق پوي ٿو. رات جو سمهڻ لاءِ فقط کٽ ئي ته کپي. ان اصول تي مون دهليءَ ۾ سياري جي موسم ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين سادين هوٽلن ۾ يورپين ۽ آمريڪن سياحن کي رهندو ڏٺو ۽ هنن کي ٽن کٽن واري ڪمري جا ٽن ڄڻن کي 600 رپيا ڏيڻا پيا ٿي. انڊيا ۾ رهائش، کاڌو پيتو ۽ سواري سستي هجڻ به سياحن لاءِ ڪشش آهي. اهو ئي حال ايران ۽ هتي مصر ۾ ڏسڻ ۾ آيو. آرڪو پول هوٽل، فواد هوٽل، Sea Star هوٽل، اليگزينڊر دي گريٽ هوٽل، ابير هوٽل، ٽرانزٽ هوٽل، Gleem وِيو هوٽل، مُوون پڪ هوٽل، سيزر هوٽل، ايجپشن هوٽل ۽ The Quietness جهڙين غريب نواز هوٽلن جي هڪ رات جي مسواڙ 20 کان 30 ڊالرن اندر آهي. ٻيون Green plaza، پلازا هوٽل، پئراڊئيز ان بيچ، ميٽرو پول، Tolip، چبري مرسڪي، گرانڊ پلازا، ،ونڊسر پئلس جهڙيون به انيڪ هوٽلون آهن جن جي هڪ رات جي مسواڙ 50 ڊالر يا ان کان مٿي آهي. آئون ”المغربي“ نالي هوٽل ۾ رهي پيس جيڪا شهر جي وچ ۾ سڪندريا جي تاريخي علائقي مانشييا (Mansheya) ۾ آهي. سندس هڪ پاسي ميڊيٽرينين سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي طاهر اسڪائر. ٿورو اڳيان سينگهور (Senghor) يونيورسٽي آهي. روڊ جي ٻئي پاسي فرينچ قونصل خانو ۽ مسجد الشيخ ابراهيم باشا ۽ مسجد الست نعيمه آهن. هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ 30 ڊالر هئي پر انهن ڏينهن ۾ هر هوٽل ڊسڪائونٽ ڏئي رهي هئي سو مون کي 20 ڊالرن جي حساب سان ڪمرو مليو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪن ڊالر 60 رپين جو هو سو هوٽل ۾ هڪ ڏينهن جي رهائش جا 1200 رپيا ٿيا. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ان کان ته اسان جي حيدرآباد جي هوٽلن جي مسواڙ وڌيڪ آهي! پورٽ سعيد ڇڏڻ وقت اسان جي آفيس طرفان مقرر ڪيل مصري عرب مون کي ٻڌايو ته آئون پنهنجي پوسٽ جي حساب سان ”هنڊريڊ پلس“ ڊالرن جي مسواڙ واري هوٽل ۾ رهي سگهان ٿو، پر منهنجي طبيعت مطابق هيءَ ويهه ٽيهه ڊالرن واري هوٽل بهتر هئي جتي هوٽل اندر توڙي هوٽل ٻاهران ماڻهن جي اچ وڃ جي رونق لڳي رهي ٿي ۽ مون جهڙن ليکڪن لاءِ هن قسم جي هوٽل ٻاهران جڏهن دل چاهي ڪا نه ڪا اهڙي شخصيت مليو وڃي جنهن سان خبر چار ڪرڻ سان پڙهندڙن لاءِ سٺو مواد ملي ٿو. ڪوالالمپور ۾ به منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ڪراچي صدر جهڙي علائقي ۾ رهڻ ٿئي پوءِ هوٽل ڀلي سادي هجي. سوال اهو آهي ته ملڪ ۾ امن امان آهي، موسم سٺي آهي، مڇر نه آهن، ماني ٽڪي صاف سٿري آهي ته پوءِ جهڙي ننڍي هوٽل تهڙي وڏي هوٽل.
سڪندريا ۾ يونيورسٽي ۽ ٻيا تعليمي ادارا به مون ان ڀيري ڏٺا جن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان. آخري ڏينهن مون کي هتي جي هڪ ٻن خوبصورت مسجدن جون تصويرون وٺڻيون هيون- خاص ڪري ”جامع ابوالعباس المرسي“ مسجد جون. هونءَ سڪندريا شهر جو چڪر ٿو هڻجي ته چوڌاري مسجدون ۽ مسجدون نظر اچن ٿيون ۽ آيل ٽوئرسٽ هن شهر کي ”مسجدن جو شهر“ به سڏي ٿو، پر ائين ناهي. سڪندريا اڄڪلهه مسلمانن جو شهر ضرور آهي پر هن ۾ موجود آڳاٽا گرجا گهر به آهن. آخرڪار هن شهر ٺهڻ کان هزار کن سالن بعد اسلام آيو. ان کان اڳ ته هتي عيسائي هئا ۽ سڪندر اعظم جڏهن هي شهر ٻڌرايو ته ان وقت ته هتي يهودي، يوناني ۽ آتش پرست رهيا ٿي. هڪ اهڙو به وقت هو جو روم ۽ قسطنطنيه بعد عيسائيت (Christianity) جو وڏو ڳڙهه هي سڪندريا شهر هو. سڪندريا جو ”پوپ“ روم_ (جيڪو رومن سلطنت جو 430ع تائين گاديءَ جو شهر هو)، جي بشپ (Bishop) کان ٻئي نمبر تي اٿارٽيءَ ۾ هو ۽ سڪندريا جي چرچ (گرجا گهر) جو قانون سڄي آفريڪا کنڊ تي هليو ٿي. 451ع کان پوءِ سڪندريا جي چرچ جا ٻه عيسائي فرقا ٿيا جن مان ڪاپٽڪ آرٿو ڊاڪس وارن جا پنهنجا گرجا گهر ٿيا ته گريڪ آرٿو ڊڪس فرقي جا پنهنجا گرجا گهر ۽ پوءِ اوڻهين صديءَ ۾ ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقي جي عيسائي تبليغڪار (Missionaries) وارن مٿين عيسائي فرقن کي پاڻ ڏي ڇڪيو. مطلب ته سڪندريا ۾ عيسائين جي هر فرقي جا گرجا گهر Missionaries) ۽ (Cathedral موجود آهن جن کي دنيا جو ٽوئرسٽ وڏي شوق سان ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. اهڙي طرح سڪندر اعظم جي ڏينهن جي يهودي ڪميونٽي يا بعد ۾ ٻين هنڌن تان لڏي سڪندريا ۾ رهڻ وارن جا مندر جيڪي سناگوگ (Synagogue) سڏجن ٿا موجود آهن جن ۾ سڀ کان اهم Eliyahu Hanavi سناگوگ ڏسڻ وٽان آهي جيڪو ”نبي دانيال اسٽريٽ“ تي آهي ۽ 1354ع ۾ ٺهيو- يعني ٺٽي واري شاهجهان مسجد جيڪا 1647ع ۾ ٺهي، کان به 300 سال اڳ جو ٺهيل ٿيو. يهودين جي هن عبادت گهر جو انگريزيءَ ۾ ته مٿيون نالو لکيل آهي پر اتي موجود يهودين ۽ مصري عربن هن کي ”ڪنيس النبي اِلياهو“ ٿي سڏيو. ڪنيس دراصل Synagogue لاءِ عربي ۽ فارسي لفظ آهي جيئن Church کي اسان گرجا گهر سڏيون ٿا جيڪو پورچوگالي ٻوليءَ جو آهي جن ٺٽي ۾ چرچ ٺاهڻ بعد مشهور ڪيو.
ڏٺو وڃي ته ايران وانگر مصر ۾ به هر قسم جا عبادتگاهه ويندي سکن ۽ هندن جا ٽِڪاڻا ۽ مندر، آتش پرستن جا مندر جيڪي فارسيءَ ۾ ”آتشڪده“ سڏجن ٿا، اڄ به موجود آهن. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته آهن ئي آهن، بلڪه انهن سڀني مسلمان ملڪن ايران، مصر کان ملائيشيا تائين، هر مذهب جي عبادت گهر کي سرڪاري خرچ تي مرمت ڪرائي خوبصورت حالت ۾ رکيو آهي. ايتريقدر جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٻين ملڪن جي مسلمانن کان سبق حاصل ڪن ۽ محسوس ڪن ته اسان وٽ اسان مسلمانن جو اهو غلط ڪم آهي جڏهن ذاتي جهڳڙن ۽ دشمنين خاطر عيسائي يا هندن جا مندر، گهر ۽ ملڪيتون ساڙيون ٿا. آخر مصر، ايران ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ به اسلامي آهن ڇا ان ڀڃ ڊاهه لاءِ اسان پاڪستانين کي اسلام اجازت ڏني آهي؟
هتي اهو مشهور آهي ته سکن جو پهريون گرو نانڪ 1519ع ۾ مصر به آيو. گرو نانڪ 1469ع ۾ ”نانڪاڻا صاحب“ (اڄ جي پاڪستان) واري علائقي ۾ ڄائو ۽ 1539ع ۾ لاهور ڀرسان ”ڪرتار پور“ ۾ وفات ڪئي. پاڻ سک ڌرم جو بنياد رکيائين ۽ 1496ع کان جڏهن هو 27 سالن جو هو ته هن ٻاهر جي دنيا جو دورو شروع ڪيو ۽ اهو 30 سالن تائين قائم رکيو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هند سنڌ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن کان علاوه عرب ملڪن ۾ به ويو... خاص ڪري مڪي، مديني، بغداد، يروشلم، وٽيڪن، آذر بائيجان ۽ سوڊان به ويو. مصر ۾ هو قاهري ۽ سڪندريا ۾ رهيو. سڪندريا ۾ هن لاءِ مشهور آهي ته هو اتي جي صوفي مسجد ۾ رهيو هو. قاهري ۾ جتي هو رهيو اتي گرمکي ٻوليءَ ۾ بورڊ به لڳل اهي جنهن جي پهريون دفعو خبر سک فوجين کي پئي جيڪي انگريز راڄ ۾ انڊيا کان 1985ع ۾ قاهري مان ٿيندي سوڊان وڃي رهيا هئا جتي 1886ع ۾ مهديءَ سان لڙائيءَ ۾ سک ريجمينٽ حصو ورتو هو.
مونکي سڪندريا شهر جي ڪجهه مسجدن جا فوٽا ڪڍڻا هئا، جيئن مٿي به لکي آيو آهيان ته سڪندريا مسجد جو شهر لڳي ٿو. سڪندريا جو ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙو امير علائقو زيزينيا (Zezenia) هجي، ڪياماڙيءَ جهڙو بندرگاه وارو علائقو الدخيلته (Dekhela) هجي، لي مارڪيٽ جهڙو شهر جو پراڻو علائقو المنشيته (El- Mansheya) يا الورديان (Al- Wardian) ۽ البهاري (Bahary) جتي ڪٿي توهان کي مسجدن جون خوبصورت عمارتون نظر اينديون... علي ابن ابي طالب مسجد، بلال مسجد، ،الجمعا البحري مسجد، حاتم مسجد، هدي الاسلام مسجد، المووصاح مسجد، شرق المدينا مسجد (جيڪا سڪندريا جي جنهن علائقي ۾ آهي اهو ميامي سڏجي ٿو) الشهداء مسجد، القاعد ابراهيم مسجد، يحيٰ مسجد، سدي جابر مسجد، سلطان مسجد وغيره وغيره فقط ڪجهه نالا آهن. ٻين ڪيترين مسجدن جا نالا هينئر وسري چڪا آهن جن اڳيان روز گذر ٿيندو هو. هتي فقط هڪ مسجد جامع ابو العباس المرسي (Abu Alabbas Almursi) بابت چند سٽون لکڻ چاهيان ٿو جيڪا سڪندريا شهر جي مسجدن ۾ سڀ کان اعليٰ آهي. ڪو ڀلي سڪندريا هڪ ڏينهن لاءِ گهمڻ اچي ته به هن مسجد جو ديدار ضرور ڪري جيڪا سڪندريا شهر جي پراڻي علائقي الانفوشي (An Fonshi) ۾ آهي. سڪندريا پهريون دفعو آيو هوس ته هيءَ مسجد، تڏهن ئي ڏٺي هيم پر هن ڀيري آخري ڏينهن تي سوچيم ته ان جون ڪجهه تصويرون ڪڍي ڇڏيان جيئن منهنجا پڙهندر گهٽ ۾ گهٽ هن مسجد جون تصويرون ڏسي سگهن. ان تان مون کي ياد آيو ته سال کن اڳ جڏهن اسان جي جهاز هن بندرگاهه (سڪندريا) ۾ ٻن ڏينهن لاءِ لنگر ڪيرايو هو ته ان وقت هتي جي هن وڏي مسجد ”ابو العباس المرسي مسجد“ ۾ نماز لاءِ آيو هوس ته ڪجهه پنهنجي هم وطنين سان ملاقات ٿي هئي. هي تبيلغ جماعت جا هئا جيڪي چاليهه ڏينهن لاءِ آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ دعوا جو ڪم ڪري هاڻ هتان ۽ قاهري مان ٿيندي واپس ڪراچيءَ وڃي رهيا هئا. هنن ۾ ٽي چار ڄڻا سنڌي ڳالهائڻ وارا مولوي به هئا. کين پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائيندو ٻڌي مونکي مزور اچي رهيو هو جو هن سفر ۾ ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو هو. مون پنهنجو تعارف ڪرائي ساڻن خبر چار ڪئي ۽ ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي خبر چار ورتي. ڪراچي ڇڏي هنن کي به مهينو ڏيڍ ٿي ويو هو پر اسان کي ته پنج مهينا کن ٿي ويا هئا ڪراچيءَ جو ڪنارو ڇڏي. انهن ۾ هڪ ٺٽي، هڪ ميرپور خاص ۽ هڪ خيرپور جو رهاڪو هو.
اڄ هن مسجد جامع ابو العباس المرسيءَ جي در وٽ پهچي اهي ياد اچي ويا جن مسجد ۾ گهڙڻ وقت مسجد جي ٻاهران مسجد جو لکيل نالو ”جامع ابو العباس المرسي“ پڙهي هڪ ٻئي سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو ته ”هيءَ مسجد جيڪا ابو العباس المرسيءَ نالي آهي پڪ ڪو اصحابي هوندو يا مڪي مديني کان آيل ڪو بزرگ.“
مون مرڪندي چيو هئومان ته ”سائين هي بزرگ يورپي هو.“ مون ڏٺو ته هنن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي، ڇو جو اسان وٽ اها ئي سوچ آهي ته مسلمان فقط اسان وٽ آهن. يورپ ۾ ته ڪافر آهن جن جو ڪم شراب پيئڻ آهي، ناچ گاني ۾ دلچسپي وٺڻ آهي، وغيره وغيره. جيتوڻيڪ اهڙي ڳالهه ناهي. يورپ ته ڇا آمريڪا به مسلمانن سان ڀريو پيو آهي ۽ اهي جيڪي مسلمان ٿيا آهن اهي سوچي سمجهي اسلام جي دائري ۾ آيا آهن ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسلام تي عمل ڪن ٿا. منهنجي ڳالهه تي حيرت کائيندي هنن مان هڪ چيو ته ”توهان ڪيئن ٿا چئو ته هي بزرگ جنهن جي نالي هيءَ مسجد آهي يورپ جي ڪنهن ملڪ جو رهاڪو هو.“
”توهان يورپ جي ملڪن جا نالا ٻڌايو ته آئون توهان کي جواب ڏيان. ٿي سگهي ٿو آئون ڪنهن عرب ملڪ کي يورپ جو ملڪ سمجهي رهيو هجان.“ مون وڏي اعتماد سان چيو. اسان جي گفتگو ٻڌي سندن ٻيا ساٿي به بيهي رهيا ۽ هاڻ اسان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ لڳاسين جيئن هو به سمجهي سگهن.
”سائين جرمني، فرانس، اٽلي، اسپين...“ هنن ٻڌائڻ شروع ڪيو پر مون کين روڪي پڪ لاءِ چيو ته ”اسپين يورپ ۾ آهي نه؟“
”بلڪل.“
”ته پوءِ هي بزرگ يورپي ئي ٿيو جو هو اسپين ۾ ڄائو ۽ اتي ئي دين جي تعليم حاصل ڪيائين” مون چيو.
”پر سائين توهان ڪيئن پڪ سان چئو ٿا ته هي بزرگ اسپين جو آهي“ ٺٽي واري مولويءَ پڇيو.
”پڪ سان ان ڪري جو هن مسجد جو نالو جيڪڏهن سيف ٻنوي مسجد هجي ها“ ۽ پوءِ ميرپور خاص ۽ خيرپور ميرس واري مولوي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو، ”يا هن مسجد جو نالو ”محمد عثمان ڏيپلائي“ يا ”غلام نبي مورائي مسجد“ هجي ها ته ڇا توهان چوندائو ته اهي بزرگ مڪي ۽ مديني جا آهن يا دمشق ۽ بغداد جا آهن.“ مون کلندي چيومان.
”ظاهر آهي اهي سنڌ جا آهن جو انهن جي نالن پويان ٻنوي، ڏيپلائي ۽ مورائي لڳل آهي...“
”.... ۽ توهان سنڌ جي شهرن کان واقف آهيو.“ مون سندن ڳالهه کي ڪٽيندي چيو،“ اهڙي طرح هن بزرگ ابو العباس جي ”المرسي“ ذات ناهي پر Murcia شهر جو نالو آهي. غرناطا، قرطبا، اشيبيليا، طرطوشه، طراغونل، ڪتالونيا، مرسيا وغيره چند اسپين جي شهرن جا نالا آهن جتي اسان جو ڪيترن سالن کان اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو ان ڪري هن بزرگ جي نالي پٺيان ”المرسي“ پڙهي آئون سمجهي ويس ته هي اسپين جو آهي جيئن ابن بطوطا پنهنجي نالي جي آخر ۾ ”الطنجي“ لکرائيندو هو معني هو الطنج (Tangiers) شهر جو آهي جيڪو المغرب (موراڪو/مراقش) ملڪ ۾ آهي. هونءَ ته اسپين جو شهر مورسيا (Murcia) جا ڪيترائي عالم ۽ بزرگ مشهور آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هي شهر مورسيا 825ع ۾ قرطبه (Cordoba) جي امير ”عبدالرحمان ثانيءَ“ اڏرايو ۽ سندس نالو ”مدينته مرسيه“ رکيو.