مصر ۾ هڪ بزرگ جو ابنِ بطوطا کي ٽن ڀائرن کي ڳولڻ لاءِ چوڻ
جامع الاسڪندريا (Alexandria University) 1938ع ۾ تيار ٿي ۽ پهرين فواد (شاه فاروق جي والد جي نالي) يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رهي جيڪا هاڻ ”قاهره يونيورسٽي“ سڏجي ٿي. الاسڪندريا يونيورسٽي به پهرين شاه فاروق يونيورسٽي سڏي وئي ٿي پر پوءِ 1952ع ۾ جمال عبدالناصر جي آندل انقلاب بعد اها جامع الاسڪندريا سڏجڻ ۾ آئي. بهرحال اڄڪلهه مصر ۾ اها ٻئي نمبر تي اعليٰ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ 23 کن فئڪلٽيون ۽ انسٽيٽيوٽ آهن جيئن ته فئڪلٽي آف آرٽ، Law، ڪامرس، انجنيئرنگ، سائنس، ائگريڪلچر، ميڊيسن، فارميسي، نرسنگ، فائين آرٽ، ايجوڪيشن، ڊينٽيسٽري، پبلڪ هيلٿ وغيره وغيره. هن يونيورسٽيءَ جون آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ به برانچون آهن جيئن ته چاد، عراق، سوڊان وغيره ۾. السڪندريا واريءَ ۾ ٻين به ملڪن جا شاگرد نظر اچن ٿا ۽ هر دفعي مون کي پاڪستاني شاگرد پڻ مليا جن مان ڪجهه سٺي عربي به ڳالهائي ٿي ۽ هنن ٻڌايو ته هنن جا وڏا مصر ۽ عراق ۾ آيا ۽ سندن مائرون مقامي عرب آهن ۽ هو هتي جا شهري آهن. هونءَ ساوڪ ۽ موسم جي لحاظ کان هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد خوش نصيب آهن. ظاهر آهي ”الاسڪندريا“ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارو شهر آهي جنهن جي لاجواب آب هوا چئي سگهجي ٿي. ان کان علاوه هي شهر پرسڪون آهي جتي ڌارين ملڪن- خاص ڪري آفريڪا کنڊ جا شاگرد يورپ جي ٿڌ ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي احساس برتريءَ کان هو هتي پاڻ کي بهتر سمجهن ٿا ۽ ڪيترن لاءِ ته عربي مادري ٻوليءَ جو درجو رکي ٿي. سڪندريا اچي مون کي محسوس ٿيو ته ورلڊ مير ٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) ۾ منهنجا عرب ۽ آفريڪن ڪلاس ميٽ هر وقت UNO تي تنقيد ڪندا هئا ته هنن جو سئيڊن جهڙي ٿڌي ۽ مهانگي ملڪ ۾ يونيورسٽي کولي. هنن کي اها السڪندريا ۾ کولڻ کتي ٿي جنهن بندرگاهه ۾ ٻين بهتر ڳالهين کان علاوه جهازن جي اچ وڃ به وڏي رهي ٿي. هو چوندا هئا ته سڪندريا ۾ ڪجهه ته آهي جو يونان جي بادشاهه پنهنجي نالي وارو شهر هتي اڏرايو... جتي ڪيترن حاڪمن پنهنجي گاديءَ جو مرڪز ٺاهيو... جتي هر دور ۾ دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا ۽ انهن ٽوئرسٽن مان هڪ ابن بطوطا جو نالو آئون به ڳڻائيندس جنهن پنهنجي سفر نامي ۾ هن شهر (الاسڪندريا) ۾ گهاريل ڏينهن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ابن بطوطا (سڄو نالو: ابو عبدالله محمد بن عبدالله ابن بطوطا) 1304ع ۾ موراڪو جي شهر الطنج (Tangier) ۾ ڄائو. ان ڪري هن جي نالي ۾ الطنجي لفظ به شامل آهي جيئن اسان وٽ کڻي چئجي ته محمد عثمان ڏيپلائي، بشير سيتائي، راز ناٿن شاهي، رئيس امروهي وغيره.
ابن بطوطا جو پيءُ قاضي هو ۽ هن پنهنجي شهر ۾ موجود مدرسن مطابق پنهنجي پٽ کي دين ۽ اسلامي قانون جي تعليم ڏني ۽ چاهيو ٿي ته هو اڃان به وڌيڪ علم حاصل ڪري. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ هر هڪ جي اها خواهش رهي ٿي ته هو حج ڪري، طنج کان مڪو شريف اٽڪل 3000 ميل (يعني 4800 ڪلو ميٽر) آهي. انهن ڏينهن ۾ نه هئا هوائي جهاز ۽ نه ريل گاڏيون سو 14 جون 1325 تي 21 سالن جي ڄمار ۾ ابن بطوطا اڪيلي سر گڏهه تي چڙهي اوڀر جو رخ ڪيو. موراڪو کان مڪو شريف اوڀر ڏي آهي ان ڪري موراڪو ۾ نماز به اوڀر ڏي منهن ڪري پڙهي وڃي ٿي. ابن بطوطا جو ارادو هو ته حج جي فرض جي ادائيگيءَ کان علاوه دنيا جي سٺن عالمن ۽ لئبررين مان وڌيڪ علم حاصل ڪجي جيڪي انهن ڏينهن ۾ سڪندريا ۽ دمشق ۾ هيون. طنج شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهي. نقشي ۾ ڏسندائو ته آفريڪا جو اتر وارو حصو ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي آهي. جبرالٽر وٽ ميڊيٽرينين سمنڊ ختم ٿي ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو. هي شهر طنج به ان ئي سمنڊ جي ڪناري تي آهي پر جبرالٽر کان 45 ميل مغرب ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي.
ابن بطوطا سمنڊ جو ڪنارو ڏئي ٽيونيشيا تائين پهتو پوءِ اتي جي حاڪم جي مدد سان کيس هڪ قافلي ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو حج لاءِ وڃي رهيو هو. بهرحال هي اوڀر ڏي سفر ڪندو لبيا مان ٿيندو مصر ۾ داخل ٿيو ۽ ان جي شهر سڪندريا ۾ ڪجهه هفتا رهيو جتي هن جي ملاقات ٻن بزرگن سان ٿي. ابنِ بطوطا لکي ٿو ته انهن مان هڪ شيخ برهان الدين ال آرجي هو جيڪو پهتل ٻانهو لڳو ٿي ۽ هن وٽ ڪيترائي معجزا هئا. هن ابن بطوطا کي چيو ته تون وڃ ۽ وڃي منهنجن ٽن ڀائرن کي ڳولي هٿ ڪر ۽ هنن کي منهنجا سلام ڏي. هڪ رڪن الدين ابن ذڪريا جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ ٻيو فريد الدين جيڪو هند ۾ رهي ٿو ۽ ٽيون برهان الدين جيڪو چين ۾ رهي ٿو. ابن بطوطا لکي ٿو ته ان وقت ته هن جي خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته هو ڪو انهن ڏورانهن ڏيهن ڏي وڃي سگهندو. هن جو ارادو فقط حج لاءِ مڪي ۽ مديني وڃي موٽڻ هو ۽ پوءِ موٽڻ مهل هن شهر سڪندريا ۾ اچي ڪجهه هفتا عالمن سان ملڻ ۽ لئبرريءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ جو هو. سڪندريا ۾ ابن بطوطا هڪ ٻئي نيڪ بندي شيخ مرشدي وٽ به مهمان ٿي رهيو جنهن اڪيلائيءَ جي زندگي گذاري ٿي. اهي اونهاري جا ڏينهن هئا جيڪي ابن بطوطا بزرگ جي رهائشگاهه جي ڇت تي گذاريا. اتي هن کي هڪ رات خواب ۾ نظر آيو ته هڪ تمام وڏو پکي کيس پنهنجن چنبن ۾ کڻي اوڀر طرف وڃي ڦٽو ڪيو آهي ۽ هو اتي رهي پيو آهي. هن ان خواب جو ذڪر پنهنجي ميزبان بزرگ شيخ مرشديءَ سان ڪيو جنهن کيس ان جو تعبير ٻڌايو ته حج ڪرڻ بعد توکي واپس پنهنجي وطن موٽڻ بدران وڌيڪ اوڀر ۾ انڊيا ڏي سفر ڪرڻو پوندو ۽ اتي ڪافي عرصو گذارڻو پوندو- يعني هن ساڻس اها ئي ڳالهه ڪئي جيڪا ڏينهن ٻه اڳ سڪندريا جي پهرين بزرگ صوفي عالم برهان الدين ڪئي.
ان وقت، يعني سڪندريا ۾ ابن بطوطا کي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڳوٺ طنج (Tangier) کي ياد ڪري رهيو هو ان کي ڪا ڏورانهين سوچ به نه هئي ته ڪو هو مڪي مديني کان موراڪو موٽڻ بدران اوڀر ڏي هليو ويندو پر پوءِ وقت ثابت ڪيو ته اسڪندريا جي هنن بزرگن جون اڳ ڪٿيون صحيح نڪتيون. هو افغانستان پهچي هندوڪش جبل ٽپي انڊيا آيو ۽ ۽ دهلي پهچي ان وقت جي انڊيا جي حاڪم محمد تغلق جي درٻار ۾ جج مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ دهليءَ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي جنهن کان ابن بطوطا اڻ واقف هو. ياد رهي ته ابن بطوطا جي ملڪ موراڪو ۾ عربي ڳالهائي وئي ٿي. اڄ به موراڪو ۾ عربي هلي ٿي پر ان سان گڏ فرينچ به پڙهائي وڃي ٿي جيئن اسان وٽ انگريزي پڙهائي وڃي ٿي. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ موراڪو جو عبدالوهاب اڪوح به پڙهندو هو. يونيورسٽيءَ ۾ تعليم انگريزيءَ ۾ ڏني وئي ٿي جنهن ۾ عبدالوهاب ايڏو ڀڙ نه هو ۽ هر وقت مون وٽ مدد لاءِ ايندو هو. گرئجوئيشن وقت چيومانس ته توکي شاباس هجي جو همٿ نه هاري ۽ پڙهي وڃي توڙ ڪئي باقي تنهنجو ڳوٺائي ابنِ بطوطا دهليءَ ۾ سال کن رهڻ دوران به فارسي نه سکيو ۽ جج جهڙي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويو.
بهرحال دهليءَ ۾ هجڻ دوران هن لاءِ درٻار جي ٻولي فارسيءَ کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي حاڪم ٻه عالم رکيا هئا. هو اٺ سال کن محمد تغلق جي درٻار ۾ رهيو پر پوءِ مقامي عملدارن ۽ درٻارين جي سياسي اٽڪل بازين کان ڀڄڻ ۾ هن عافيت سمجهي. هو اتان چين روانو ٿيڻ لاءِ ڪلڪتي پهتو. رستي تي مالديپ ٻيٽن تي پڻ ترسيو... وغيره وغيره. مطلب ته حج ڪرڻ بعد دستور موجب سال ڏيڍ اندر وطن موٽڻ بدران 29 سال وطن کان پري رهيو جنهن ۾ هن اتڪل 75000 ميل (يعني هڪ لک ويهه هزار ڪلو ميٽر) سفر ڪيو ۽ جن جن هنڌن تي ويو اڄ جي دور ۾ اهي 44 ملڪ ٿين ٿا. وطن واپس ٿيڻ تي هن جي سفر جو عربيءَ ۾ سربستو احوال ”رحلته ابنِ بطوطا: المسمات تحفت النظار في عرائب الامصار و عجائب الاسفار“ آهي. ان بعد هي سفرنامو انگريزي فرينچ، جرمن ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيو. انگريزيءَ ۾ ترجمو به مختلف ماڻهن ڪيو آهي ۽ مختلف نالن سان مختلف پبلشرس ڇپيو آهي. هڪ جو ته نالو “Rihla- My Travels” آهي. مون جيڪو جهاز جي نوڪريءَ ۾ سمنڊ تي پڙهيو ان جو نالو هو: “Iben Battuta, Travels in Asia & Africa 1325-1354” هي ڪتاب H.A.R Gibb ترجمو ڪيو آهي ۽ مٿس ڇپائي جو سال 1963ع آهي- يعني ان سال اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ چٽگانگ ويا هئاسين. جيتوڻيڪ ابن بطوطا جي سفر نامي جو اهو انگريزي ترجمو مون 1970ع ڌاري پڙهيو پر ابنِ بطوطا جي سفرن کان اسان اٺين ڪلاس کان واقف هئاسين جڏهن 1958ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جو پهريون سنڌيءَ جو ٽيچر سائين محمد ابراهيم عباسي آيو. هن ابنِ بطوطا جو سفرنامو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ شايد سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپيو هو. بهرحال مصر جي شهر اسڪندريا جي گهٽين ۾ گهمندي ڦرندي هتي جي ٻين شخصيتن سان گڏ ابن بطوطا به ياد اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو هيءَ گهٽي هجي يا هوءَ گهٽي جنهن مان اڄ کان 700 سال اڳ ابنِ بطوطا لنگهيو هجي ۽ هن شهر جي ڪن هنڌن تي امام برهان الدين شيخ ال آرجي ۽ شيخ مرشدي جهڙا پهتل درويش رهيا ٿي جن سان ابن بطوطا کي ملاقات جو فيض حاصل ٿيو. اڄ به ابن بطوطا جي سفر جو هي ڪتاب هڪ دلچسپ آهي ۽ جڏهن ته اڄ جي ماڊرن دور جي ماڊرن جهازن تي جيڪي فائيو اسٽار هوٽل کان گهٽ نه آهن انهن تي ڇهن مهينن جو سفر ڪندي ٿڪجيو ٿا پئون اتي ابن بطوطا 29 سال گهر کان ٻاهر رهيو ۽ جهريل ٻيڙن ۽ جانورن تي سواري ڪئي. تصور ڪريو اهو نظارو جڏهن ويهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو- يعني اڄ جي انٽر جي شاگرد جيڏو ابنِ بطوطا هڙ ۾ ٻه ويلا مانيءَ جا ٻڌي گڏهه تي سوار ٿي مڪي لاءِ روانو ٿيو. گهر جي در وٽ بيٺل سندس ماءُ پيءُ ۽ گڏهه تي سوار هن ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها هئا! يورپي تجزئي نگار به اهو ئي چون ٿا ته مارڪو پولو سان گڏ وري به چاچو ۽ ان جا سنگتي ساٿي هئا پر ابن بطوطا اڪيلو اڪيلو نڪتو. سڪندريا جو رهاڪو ۽ منهنجو سئيڊن يونيورسٽيءَ جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن حنفي جون هميشه ابن بطوطا تي خارون رهيون آهن ته هن ڪهڙا اسان وانگر جهاز هلايا؟ هن کي پروموشن لاءِ ڪهڙو امتحانن جو فڪر هو؟ گڏهه تي ضرور سواري ڪيائين پر هر ملڪ ۽ هر شهر ۾ حورن جي هنجن ۾ هو. هر هنڌ نئين زال ۽ ڪنيزائون رکيائين ٿي پوءِ ڪي خريد ڪيائين ٿي ته ڪي ان ملڪ جي حاڪم کيس تحفي ۾ ڏنيون ٿي. بس زور رڳو ان تي هوس ته اسلام ۾ چئن شادين جي اجازت ناهي سو ڌڙا ڌر هڪڙين کي طلاق ڏنائين ٿي ته ٻين سان شادي ڪيائين ٿي. سڄي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجو اولاد پکيڙي ڇڏيائين. ان بابت هڪ يورپيءَ به لکيو آهي ته ابن بطوطا جي سفر نامي ۾ جيڏو تيزيءَ سان زالن ۽ ڪنيزائن جو هو احوال ڏئي ٿو ايڏي ئي تيزيءَ سان اهي Scene تان غائب ٿيو وڃن.